اسلام آباد(م ڊ) بچاءُ وزير خواجه آصف چيو آهي ته وفاقي حڪومت عمران خان ۽ پي ٽي آءِ جي ٻي قيادت سان اسٽيبلشمنٽ جي رابطن جي خبر آهي، پي ٽي آءِ جي ٻي قيادت به ڪجهه ڏينهن اڳ ملاقاتون ڪيون آهن عمران خان جون آرمي چيف سان ٻه ملاقاتون نه ٿيون آهن، ملاقات کان اڳ ان جي خبر هئي پر ٻنهي ۾ رڳو هڪ ملاقات ٿي آهي. هن چيو ته نئين آرمي چيف جي مقرري لاءِ اڃا تائين وزيراعظم آفيس مان باضابطا طور تي ڪو خط نه مليو آهي جنهن ۾ نئين آرمي چيف لاءِ نالا تجويز ڪيا ويندا آهن. جڏهن اهو وقت ايندو ته وزيراعظم فيصلو ڪندو. مون کي نه ٿو لڳي ته ننڍي چونڊ ۾ ڪاميابي بعد عمران خان ان پوزيشن ۾ هوندو ته اسٽيبلشمنٽ کي ٻيهر سوچڻ تي مجبور ڪري سگهي. انهن چونڊن ۾ پي ٽي آءِ جي ڪنهن ڳجهي طاقت مدد نه ڪئي آهي، مريم نواز مقبول ليڊر آهي پر جلد ئي قيادت کي پنهنجي حياتي ۾ ان ڏس ۾ ڪو قدم کڻڻ جو احساس ٿيندو. پارٽي ڊجيٽل ٽيڪنالاجي گهٽ استعمال ڪندي آهي. ٽي ٽي پي سان حڪومت جي ڳالهين بابت مون کي ڪا به خبر ناهي. هن ٻئي انٽرويو ۾ چيو ته عمران سان سندس سڃاڻن وارن ماڻهن ملاقات ڪئي جنهن ۾ عمران جا ٻه ٽي ماڻهو ۽ ٻيا سندس واقفڪار موجود هئا، هن چيو ته جيڪو نئون آرمي چيف ايندو اهو تڪراري نه هوندو عمران خان کيس تڪراري بڻائيندو ۽ بڻائي رهيو آهي، هو هڪ شخص کي آرمي چيف بڻائڻ نه پيو چاهي پر اهو موقعو ڏيڻ ته الله جي هٿ ۾ آهي.