اسلام آباد(بيورورپورٽ) پيٽروليم جي وفاقي وزير مصدق ملڪ سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيل ڪرپشن واري وڊيو تي رد عمل ڏيندي چيو آهي ته نيٽ فلڪس سان ملائي نواز ليگ ۽ ملڪ خلاف سوشل ميڊيا تي پروپيگنڊا وڊيو هلائي وئي آهي جنهن سان نيٽ فلڪس لاتعلقي جو اظهار ڪيو آهي. هن چيو ته پي ٽي آءِ جي پابندي پيل فنڊنگ اهڙن ڪمن لاءِ استعمال ڪئي پئي وڃي. مصدق ملڪ چيو آهي ته پي ٽي آءِ آمريڪا ۾ ڊيوڊ فينٽن کي لابسٽ چونڊيو آهي جيڪو پاڪستان جي ايٽمي پروگرام جو دشمن آهي، پي ٽي آءِ جي بندش پيل فنڊنگ ڊيوڊ فينٽن جي ذريعي استعمال ٿي رهي آهي، ڊيوڊ فينٽن سان معاهدو ڪوڙو آهي ته عمران خان ترديد ڪري. هن وڌيڪ چيو ته عمران خان جو مارچ حڪومت جي خلاف يا ڪنهن سياسي جماعت جي خلاف ناهي پر رياست جي خلاف آهي، هو ادارن کي چئي ٿو ته کيس واپس آندو وڃي نه ته مارچ ڪندو.