ڪراچي (م ڊ) پي ٽي آءِ اڳواڻ اسد عمر اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان طرفان ڪراچي ۾ مڪاني چونڊون اڻڄاتل مدي تائين ملتوي ڪرڻ تي ردعمل ڏنو، سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي جاري ڪيل بيان ۾ اسد عمر چيو ته ڪراچي ۾ مڪاني چونڊون ملتوي ڪيون ويون آهن، امپورٽڊ حڪومت وري ڀڄي وئي، ڪيستائين ڀڄندا ؟