ڪراچي (م ڊ) حڪومت نڪاح رجسٽرار ختم ڪرڻ جو منصوبو ٺاهيو آهي. نڪاح رجسٽرار جي جاءِ تي هڪ ڊيجيٽل ٽيبليٽ متعارف ڪرايو ويندو. پاڪستان لايرز فورم موجب نئين قانون تحت لوڪل گورنمينٽ طرفان امام مسجد کي ٽيب هلائڻ جي تربيت ڏني ويندي. جيڪڏهن هڪ نڪاح جي في جمع نه ڪرائي وئي ته ٻيو نڪاح داخل نه ٿي سگهندو. نڪاح خوان جو اڪائونٽ هوندو، ان ۾ نڪاح جي في نڪاح خوان جمع ڪرائيندو. امام مسجد جي سم ذريعي پيسا لوڪل گورنمينٽ جي اڪائونٽ ۾ ويندا. گهوٽ جي تصوير به نڪاح خوان ڪڍندو جيڪڏهن گهوٽ ڪنهن ڪيس ۾ اشتهاري هجي، ٽيڪس چور هجي، ڪنهن ڏوهه ۾ گهربل هجي ته ان کي موقعي تي گرفتار ڪري سگهبو ڇو ته هن ٽيب جو تصويري رابطو نادرا سان ڳنڍيل هوندو. شادي لاءِ شاهدن جا سڃاڻپ ڪارڊ اسڪين ڪيا ويندا پوءِ انهن جا آڱوٺا لڳرايا ويندا جيڪڏهن آڱوٺا ميچ ٿيندا ته شاهدي قبول ٿيندي.