پ پ اميدوارن کي ووٽ نه ڏيندئو ته پاڻي بند ڪري ڇڏينداسين: فضل الله پيچوهو جي ووٽرز کي ڌمڪي

0
112

سانگهڙ: تعليم واري اڳوڻي سيڪريٽري فضل الله پيچوهو سانگهڙ ۾ ووٽرز کي ڌمڪي ڏني آهي ته جيڪڏهن پ پ اميدوارن کي ووٽ نه ڏيندئو ته توهان جو پاڻي بند ڪري ڇڏينداسين

اين اي 209 تي چونڊ مهم دوران ڪارنر گڏجاڻي کي خطاب ڪندي فضل الله پيچوهو چيو ته توهان کي اميدوارن جون شڪليون نه ٿيون وڻن ته ڀلي نه وڻن، توهان کي ووٽ شهيدن جي وارثن جي امانت سمجهي ڏيڻو آهي

هن چيو ته منجهند 12 وڳي تائين ووٽ ڏيڻ لاءِ نه پهتا ته اسان ڄام مائينر جو پاڻي بند ڪري ڇڏينداسين

فضل الله پيچوهو جي ووٽرز کي ڌمڪي واري وڊيو وائرل ٿيڻ بعد پيپلز پارٽي اميدوارن ۽ فضل الله پيچوهو  کي سخت تنقيد جو نشانو بڻايو پيو وڃي

پ پ اميدوار بچل شاهه تي ووٽرز سخت ڪاوڙيل، رستا روڪ، وڊيو وائرل

سنڌ ۾ اڳوڻن چونڊيل نمائندن ۽ اميدوارن کان عوامي پڇاڻي جو سلسلو جاري آهي

پير ڳوٺ ويجهو پيپلزپارٽي جو اميدوار بچل شاهه جيلاني ڪوٽ مير محمد پهتو ته ماڻهو ڪاوڙجي پيا

ڳوٺاڻن اميدوار کي چيو ته 5 سالن دوران ٻوڏ ۽ ٻين مصيبتن ۾ توهان سار نه لڌي، هاڻي ڪهڙو منهن کڻي پهتا آهيو

اميدوار جي منٿن تي ڳوٺاڻن اميدوار جو بند ڪيل رستو کولي ڇڏيو