فهميده مرزا ۽ ذوالفقار مرزا چونڊ نشان الاٽ نه ٿيڻ خلاف عدالت سان رابطو ڪري ورتو

0
54
فهميده مرزا ۽ ذوالفقار مرزا چونڊ نشان الاٽ نه ٿيڻ خلاف عدالت سان رابطو ڪري ورتو
فهميده مرزا ۽ ذوالفقار مرزا چونڊ نشان الاٽ نه ٿيڻ خلاف عدالت سان رابطو ڪري ورتو

 ڊاڪٽر فهميده مرزا ۽ ذوالفقار مرزا چونڊ نشان الاٽ نه ٿيڻ خلاف سنڌ هاءِ ڪورٽ سان رابطو ڪري ورتو آهي

وڪيل شهاب سرڪي ذريعي دخل ڪرايل درخواست ۾ چيو ويو آهي ته چونڊون ويجهو آهن پر اسان کي چونڊ نشان الاٽ نه پيا ڪيا وڃن

درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته چونڊ نشان کانسواءِ چونڊ مهم نه ٿي هلائي سگهجي، چونڊ نشان الاٽ ڪرڻ جا حڪم جاري ڪرڻ جي استدعا آهي

سنڌ هاءِ ڪورٽ 19 جنوري تي ڊاڪٽر فهميده مرزا ۽ ذوالفقار مرزا کي چونڊ وڙهڻ جي اجازت ڏني هئي

رٽرننگ آفيسر ۽ اليڪشن ٽربيونل ٻنهي جا نامزدگي فارم رد ڪري ڇڏيا هئا