صدام لاشاري جو قتل ثابت، پوليس مقابلو جڙتو قرار، 4 اهلڪار گرفتار

0
135
صدام لاشاري جو قتل ثابت، پوليس مقابلو جڙتو قرار، 4 اهلڪار گرفتار
صدام لاشاري جو قتل ثابت، پوليس مقابلو جڙتو قرار، 4 اهلڪار گرفتار

ٺل پوليس پاران نوجوان سوشل ايڪٽوسٽ صدام لاشاري کي قتل ڪرڻ وارو مقابلو جڙتو قرار ڏنو ويو آهي

آءِ جي سنڌ جي حڪم تي 2 ايس ايڇ اوز سميت 5 اهلڪارن تي ڪيس داخل ڪري 4 اهلڪارن کي گرفتار ڪيو ويو آهي

پوليس پاران فريادي بڻايل خانگي شخص کي به ڪيس ۾ نامزد ڪيو ويو

 مقتول صدام لاشاري جي ڀيڻ حسينا جي فرياد تي داخل ڪرايل ڪيس ۾ ايس ايڇ او غلام نبي بجاراڻي ۽ اڳوڻي ايس ايڇ او نبي بخش ڏاهاڻي کي به نامزد ڪيو ويو آهي

May be an image of 5 people

پوليس ڪيس ۾ نامزد 4 اهلڪارن اسلم گورشاڻي، غلام مرتضيٰ، ممتاز ڪٽو ۽ ڊرائيور شهزاد کوسو کي گرفتار ڪري لاڪ اپ ڪري ڇڏيو

8مهينا اڳ ٺل پوليس صدام لاشاري کي گرفتار ڪيو هو، آباد پوليس مقابلو ڄاڻائي صدام کي قتل ڪيو

جڊيشل انڪوائري دوران مقابلو جڙتو ثابت ٿيڻ تي آءِ جي سنڌ جي حڪم تي ڪيس داخل ڪيو ويو