مٺي (رپورٽر) مٺي ۾آر او پلانٽس ملازمن 6 مهينن جون رهيل پگهارون نه ملڻ خلاف پلانٽس جي تالابندي ڪري عرفان بجير، ڪوير، رميش، بابو،  خدا بخش ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ڪشمير  چوڪ کان ڦانگاريو باءِ پاس مٺي تائين پيادل مارچ ڪري احتجاجي مظاهري بعد ڦانگاريو اسٽاپ تي ڌرڻو هنيو، سخت نعري بازي، ان موقعي تي  ڊي ايس پي مٺي محمد ايوب درس ۽ لاڳاپيل اوسلو ڪمپني جي ضلعي انچارچ فيصل خان پهچي احتجاج ڪندڙن سان ڳالهيون ڪيون، جتي ڪمپني جي آفيسر ۽ ملازمن وچ ۾ ڏند چڪ پڻ ٿيا، چڪرين ۽ ڳالهين بعد ڊي ايس پي جي موجودگي ۾ ڪمپني انچارچ ملازمن کي  7 سيپٽمبر تي پگهارون ڏيڻ جي خاطري ڪرائي، جنهن بعد احتجاج ختم ڪيو ويو، هوڏانهن آر او پلانٽس ملازمن دانهيندي چيو ته اسان ساڍا 6 سئو آر او پلانٽس ملازمن کي ٺيڪيدار اوسلو ڪمپني ۽ پبلڪ هيلٿ انجنيئرنگ کاتي جي ڪامورن 6 مهينن کان پگهارون نه ڏنيون آھن، پگهارون نه ملڻ ڪري گهرن ۾ ٻچا فاقا ڪاٽي خودڪشين تي مجبور آھيون.