حيدرآباد (بيورو رپورٽ) ايڇ ڊي اي مزدور يونين پاران مطالبن جي مڃتا لاءِ پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪئي وئي. ان موقعي تي انصاف لاشاري، ساجد تقي، عبدالجبار هاشمي، ذوالفقار راجپوت ۽ ٻين سنڌ حڪومت کي چتاءُ ڏنو آهي ته سندن مطالبا نه مڃڻ جي صورت ۾ هو 26 آگسٽ تي ڪراچي پريس ڪلب سامهون ڌرڻو هڻي وزيراعليٰ هائوس سامهون به احتجاج ڪندا جيڪو احتجاج مطالبن جي مڃتا تائين جاري رهندو. هنن چيو ته 15 کان 20 سال گذري ويا آهن پر ڪچن ملازمن کي پڪو نه ٿو ڪيو وڃي جڏهن ته ملازمن جون 8 مهينن جون پگهارون پڻ رهيل آهن جيڪي ملازمن کي نه ٿيون ملن. هنن چيو ته پنهنجي حقن لاءِ ڪيترائي ملازم فوت ٿي ويا آهن پر انهن کي پنهنجا حق ملي نه سگهيا آهن. رهيل پگهارون نه ملڻ سبب ملازمن جي گهرن ۾ فاقاڪشي وارو ماحول ڇائنجي ويو آهي. لاڳيتو احتجاج ڪرڻ باوجود ڪو به تدارڪ نٿو ڪيو وڃي. هنن چتاءُ ڏنو ته جيڪڏهن سندن مطالبا تسليم نه ڪيا ويا ته هو هاڻي ڪراچي جو رخ ڪندا.