6 جون تي بحريه ٽائون پاران سنڌ جي زمينن تي غيرقانوني والار ۽ قبضن خلاف سموري سنڌ بحريه ٽائون جي مُک گيٽ تي پُرامن احتجاج ڪري اهو پيغام ڏيڻ ۾ ته ڪامياب ٿي وئي ته “اڃان رُڃ مان رڙ اچي ٿي، متان ايئن سمجهين مئا مور سارا”، پر مافيائن سان مليل سنڌ دشمن ڌُرين به انهي پرامن احتجاج کي پرتشدد احتجاج بنائڻ ۾ وسان نه گهٽايو.
سوشل ميڊيا ذريعي جيڪي فوٽيجز سامهون آيا ۽ اتي موجود ماڻهن جيڪي حقيقتون بيان ڪيون آهن انهن مان سموري ڪهاڻي واضح آهي. جڏهن احتجاجي ڌرڻو شروع ٿيو ۽ سڀئي سياسي اڳواڻ اسٽيج تي موجود هيا ته ٿوري دير کان پوءِ روڊ جي ٻنهي پاسي ڪجھه شرپسندن جي چر پر محسوس ڪئي وئي ته اسٽيج تان نه رڳو اهي اعلان ٿيندا رهيا ته اسان جو احتجاج پرامن آهي ۽ ڪنهن به قسم جي بدنظمي کان پاسو ڪيو وڃي پر اڳواڻن هيٺ وڃي انهن ماڻهن کي سختيءَ سان سمجهائڻ جي ڪوشش پڻ ڪئي. اهي وڳوڙي عنصر جڏهن بحريه جو گيٽ ٽپي اندر ويا ته اسٽيج تان واضح لفظن ۾ اعلان ڪيو ويو ته وڳوڙين سان اسان جو ڪو به واسطو ناهي انهن کي گرفتار ڪيو وڃي، پر اکين ڏٺن شاهدن مطابق چند ماڻهن ڀڃ ڊاهه ڪرڻ ۽ باهيون ڏيڻ شروع ڪيون ته پوليس ڪا به چرپر ڪرڻ يا انهن کي روڪڻ بجائي خاموش تماشائي بڻيل رهي. هتي سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته بحريه جي مکيه گيٽ وٽ هيوي ڪنٽينر ۽ خاردار تارون لڳايون ويون هيون، اندر پوليس جي اٽالن سان گڏوگڏ بحريه جي پنهنجي سيڪيورٽي پڻ موجود هئي پوءِ به شرپسند نه رڳو آسانيءَ سان اندر داخل ٿين ٿا پر ڀڃ ڊاھه به ڪن ٿا ۽ باهيون به ڏين ٿا!؟
عيني شاهدن مطابق وڳوڙ شروع ٿيڻ کان پوءِ ٿوري ئي دير ۾ هڪ گهڻ ماڙ عمارت جي ستين فلور تان دونهون نڪرڻ شروع ٿيو. مک گيٽ کي لڳل باھه ۽ اندر بلڊنگ ۾ لڳل باھه بابت خدشو ظاهر ڪيو پيو وڃي ته اها باھه ڪنهن ڪيميڪل ذريعي ڏني وئي هئي يا وري بلڊنگ ۽ مک گيٽ کي اڳواٽ ڪيميڪل لڳايو ويو هو.
اتي موجود ماڻهن جو چوڻ آهي ته وڳوڙ شروع ٿيڻ وقت پوليس ۽ سيڪيورٽي وڳوڙين خلاف ڪا به ڪارروائي نه ڪئي پر ٿوري ئي دير ۾ ڌرڻي ۾ شريڪ پرامن ماڻهن تي انڌا ڌنڌ شيلنگ شروع ڪئي وئي ۽ پوليس ڌرڻي ۾ ويٺل ماڻهن تي ڪڙڪي پئي، بيگناھه ماڻهن تي لٺيون وسايون ويون ۽ نتيجي ۾ معصوم ٻارڙن ۽ عورتن سميت ڪافي ماڻهو زخمي ٿيا.
هڪ طرف سنڌ حڪومت اهو پيغام ڏنو ته پرامن احتجاج ڪرڻ هر ڪنهن جو حق آهي اسان ڪنهن کي لاءِ به رڪاوٽ نه بڻباسين ٻئي پاسي ميڊيا تي ايندڙ خبرن ۽ فوٽيجز موجب مختلف علائقن مان ايندڙ ماڻهن کي روڊن تي روڪيو پئي ويو ۽ اهڙيون حالتون پئدا ڪيون پئي ويون جيئن ماڻهو ڌرڻي تائين نه پهچي سگهن.
حڪومت ۽ قانون لاڳو ڪندڙن پاران حفاظتي انتظامن لاءِ پوليس ۽ رينجرس جي مقرري قانون جي گهرجن مطابق ڪرڻ سٺي ڳالھه هئي پر ايتري فورس جي هوندي گهربل مقصد حاصل ٿي نه سگهن ته ڇا سمجهڻ گهرجي!؟
اهڙي صورتحال ۾ ماڻهن جي انهي راءِ کي ڪنهن به صورت ۾ رد نه ٿو ڪري سگهجي ته انهي سموري مامري جو مقصد ئي اهو هو ته پرامن احتجاج کي پرتشدد بڻائي ان کي ناڪام به بڻايو وڃي ۽ احتجاج ڪندڙن خلاف ڪارروائي به ڪئي وڃي.
هتي اها ڳالھه به واضح آهي ته وڳوڙ، ڀڃ ڊاھه ۽ ڪيميڪل ذريعي باھه ڏيڻ جو اهو طريقيڪار ڪراچي ۾ ماضي ۾ ٿيندڙ وڳوڙن ۾ ڏٺو ويو آهي. ان ڪري هن سموري صورتحال جي ان پس منظر ۾ به گهڻ طرفي جاچ ٿيڻ گهرجي ته جيئن اهو پڌرو ٿي سگهي  ته اهڙي قسم جي ڪارروائي ۾ ڪهڙا ماڻهو ملوث ٿي سگهن ٿا.
ميڊيائي اطلاع آهن ته پوليس لٺ بازي ۽ تشدد ڪري ڪافي ماڻهن کي گرفتار ڪيو آهي. سنڌ حڪومت کي ان سموري معاملي تي سياسي بصيرت کان ڪم وٺڻ گهرجي ۽ جمهوري روايتن کي سامهون رکي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي. سموري معاملي جي اڻ ڌُري جاچ ڪرڻ گهرجي، پرامن احتجاج کي پرتشدد بڻائڻ وارن سڀني عنصرن کي قانون جي گرفت ۾ آڻڻ گهرجي ۽ لکين ماڻهن جي احتجاج کي نوٽيس ۾ آڻيندي بلڊر مافيائن پاران سنڌ جي زمينن تي قبضن ۽ غير قانوني والار کي روڪڻ جا اُپاءُ وٺڻ گهرجن.
وڳوڙين جي سڃاڻپ ڪرڻ ڏُکي ناهي سوشل ميڊيا توڙي سي سي ٽي وي ڪئميرائن ۾ فوٽيجز محفوظ هوندا تنهنڪري هن معاملي کي روايتي انداز ۾ ڏسڻ بجائي سنجيدگي ۽ ذميواري سان ڏسڻ گهرجي.
لکين ماڻهن جي هن هيڏي وڏي احتجاج کي معمولي نه سمجهڻ گهرجي، نه رڳو بحريه ٽائون پر ٻين اهڙن عنصرن خلاف به قانون جون گهرجون پوريون ڪرڻ ضروري آهن جيڪي عوام جي حقن تي راتاهو هڻڻ ۾ ملوث آهن.
لاتعداد هائوسنگ اسڪيمون رولڙي جو شڪار آهن، ماڻهن کان لکين ڪروڙين روپيا وٺي ماڻهن کي رلائي رهيا آهن، سنڌ حڪومت جي لاڳاپيل ادارن وٽ اهڙي قسم جون سوين شڪايتون پيل آهن پر ڪو به تدارڪ نه ٿو ٿئي. هر معاملي لاءِ قانون ته موجود آهي پر ان تي عمل نه ٿيڻ ڪري ڪري عام ماڻهن جي تڪليفن ۾ واڌارو ٿيندو رهي ٿو.
حڪومتون پنهنجا فرض پورا ڪرڻ ۾ ڪوتاهي نه ڪن ته اهڙي قسم جي شڪايتن ۽ احتجاجن جي ضرورت ئي پيش نه اچي.
آئون پنهنجي ڳالھه کي سهيڙيندي هڪ ڀيرو ٻيهر اها ڳالھه ورجائڻ چاهيندس ته پرامن احتجاج کي پرتشدد بڻائڻ واري سموري معاملي جي نه رڳو اڻ ڌُري جاچ ٿيڻ گهرجي پر سازشي عنصرن کي قانون مطابق سزا به ڏيڻ گهرجي ٻيو ته لکين ڌرتي ڌڻين جي احتجاج جو نوٽيس وٺندي بحريه سميت بلڊر مافيائن پاران سنڌ جي زمينن تي قبضن ۽ غير قانوني والار کي روڪڻ لاءِ اُپاءُ ورتا وڃن.