بحريه ٽائون ۾ ڀڃ ڊاهه ۽ باهيون ڏيندڙن کي سزا ڏني ويندي: وڏو وزير

0
422

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته بحريا ٽائون ۾ ڪهڙي طرح باهه ڏئي ڀڃ ڊاهه ڪئي وئي، ماڻهو ڪٿان آيا؟ سمورا فوٽيجز موجود آهن، ملوث ماڻهن کي سزا ڏني ويندي. هن چيو ته بني گالا وانگر ، بحريا ٽائون کي به سپريم ڪورٽ طرفان باقاعدي ريگيولرائيز ڪيو ويو، سنڌ حڪومت پرامن احتجاج ڪندڙن کي ٽينٽ ۽ پاڻي فراهم ڪيو، رياست خلاف نه ڳالهائڻ جي ڪمٽمينٽ پڻ ڪئي وئي هئي، پر ڪجهه ماڻهن ملڪيتن کي نقصان پهچايو، گرفتاريون به ٿي رهيون آهن، احتجاج ڪرڻ سڀني جو حق آهي پر تشدد برداشت نه ڪيو ويندو، جيڪڏهن ڪو ائين ڪري ٿو ته ڪارروائي ڪئي ويندي.