انگريزي اخبار ڊان ۾ مختلف خبرون پاڻي جي ورهاست واري معاملي تي آيون آهن، هڪڙي اها ته وفاقي ڪيبينٽ سنڌ جي بيان تي اعتراض ڪيو آهي، ٻي اِها ته سنڌ ٽي رُخي فارمولي واري ورهاست کي رد ڪيو آهي. ٽين اِها ته پنجاب بيراجن جي جاچ لاءِ ڪاميٽي ٺاهي ڇڏي آهي ۽ چوٿين اِها ته فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته سنڌ سرڪار پاڻيءَ جي چوريءَ بابت اجايون ڳالهيون پئي ڪري.
سنڌ ۽ پنجاب صوبن پاڻي جي ورهاست جو جھيڙو انگريزن جي دور کان وٺي هلي ٿو. ٻنهي پاسي انگريز چيف انجنيئر هئا پر پاڻيءَ جي سنڌ ۽ پنجاب ۾ ورهاست تي هميشه هڪ ٻئي جي ڳالهين تي اعتراض ڪندا هُئا. جنهن لاءِ انگريزن جي دور ۾ ئي ٻه ڪميشنون ٺهيون هيون جيڪي فيصلا ٿي ويا پر صوبن جوا عتراض برقرار رهيو. تنهن کان پوءِ سنڌ ۽ پنجاب انهيءَ ڳالهه تي راضي ٿيا ته ٻنهي صوبن جي ورهاست بابت هڪ ڪاميٽي ٺاهجي جنهن ۾ ٻنهي صوبن جا چيف انجنيئر هجن. اُهي جيڪو فيصلو ڪندا اُهو ٻنهي صوبن کي منظور هوندو. هُنن پنهنجي رپورٽ ڏني پر پنجاب صوبي انهيءَ جي تصديق نه ڪئي ۽ انهيءَ تي عمل نه ٿي سگھيو.
1948ع ۾ پنجاب وارن سنڌ جو پاڻي بند ڪري ڇڏيو جنهن جي نتيجي ۾ انهن ايراضي ۾ آبپاشي جو پاڻي بند ٿي ويو جتي هو ستلج بياس ۽ راوي درياهن کان کڻندا هئا ۽ سنڌ کي ڊيمن تي رکي ڇڏيو جيڪي هر سال لٽجن ٿا، اهو عالمي بينڪ جي سهڪار سان ٿيو جنهن ۾ ايوب خان ۽ پنڊت جواهر لعل نهرو ڪراچي ۾ صحيحون ڪيون. اِها 1960ع جي ڳالهه آهي. پاڪستان کي کپندو هو ته ڪنهن ٻئي نموني ۾ فيصلو ٿئي پر انهيءَ وقت جي حڪمرانن انهيءَ تي راضي نه ٿيا. ايئن انهيءَ نموني انڊس بيسن ٽريٽي وارو معاهدو عمل ۾ اچي ويو، جنهن جو نقصان اِهو ٿيو ته وهندڙ درياهه هندستان ڏي هليا ويا ۽ اسان ڊيمن جي حوالي ٿي وياسين، جيڪي هر سال لٽجن ٿا ۽ انهن جي پاڻي گڏ ڪرڻ جي گنجائش هر سال گھٽجي ٿي، تنهن کان پوءِ 1970ع ۾ ۽ ان کان پوءِ ڪيتريون ئي ڪاميٽيون/ ڪميشنون ٺهيون پر فيصلو نه ٿي سگھيو. نيٺ اُن وقت جي وزيراعظم نواز شريف ڳالهيون ڪري فيصلو ڪرايو پر انهيءَ تي عمل نه ٿي سگھيون.
1991ع واري پاڻي معاهدو ڇا آهي؟
ان معاهدي ۾ پاڻي ورهاست بابت خاص ڳالهيون آهن جيڪي هيٺ ڏجن ٿيون.
شق ٻي جي مطابق صوبن ۾ پاڻي ورهايو ويو، جنهن ۾ هر صوبي جو هن ريت حصو هو. پنجاب 55.94 ملين ايڪڙ فوٽ، سنڌ 48.76 ملين ايڪڙ فوٽ. خيبرپختونخوا 8.76 ملين ايڪڙ فوٽ، بلوچستان 3.87 ملين ايڪڙ فوٽ، ٽوٽل 117.35 خيبر پختونخوا صوبي لاءِ 3 ملين ايڪڙ فوٽ پاڻي رم اسٽيشن کان مٿين ايراضين لاءِ رکيو ويو.
باقي درياهي سپلائيز جنهن ۾ ٻوڏن دوران آيل پاڻي ۽ مستقبل ۾ ٺهندڙ ڊيمن وارو پاڻي شامل آهي هيٺين ريت صوبن ۾ ورهايو ويندو. پنجاب 37 سيڪڙو، سنڌ 37 سيڪڙو، خيبرپختونخوا 14 سيڪڙو، بلوچستان 12 سيڪڙو.
سنڌ ڊيلٽا جي گھرجن لاءِ 10 ملين ايڪڙ فوٽ پاڻي گھريو، جيڪا گھرج مڃي وئي پر انهيءَ لاءِ وڌيڪ اڀياس ڪرايا ويندا.
پاڻي ٺاهه تي عمل ڪرائڻ لاءِ انڊس رور سروس اٿارٽي (IRSA) ٺاهي ويندي.،
سنڌ کي ڏنل 48.76 ملين ايڪڙ فوٽ پاڻي ۾ ڪراچيءَ وارن جو پيئڻ جو پاڻي ۽ صنعتي گھرجن لاءِ گھربل پاڻي شامل آهي.
ارسا جو ٺهڻ:
ارسا پاڻي ٺاهه کان پوءِ يڪدم ٺاهي وئي پر پاڻي ٺاهه ۾ صوبن ۾ 10 ڏينهن جي ورهاست پوءِ شامل ڪئي وئي.
ارسا ۾ ڏنل شقون:
ارسا ۾ پنج ميمبر هوندا، هڪڙو هر هڪ صوبي مان ۽ هڪ وفاق مان.
هر ميمبر 3 سالن تائين ارسا جو چيئرمين رهي سگھي ٿو.
هر هڪ ميمبر جو نوڪري مان ڪڍڻ تڏهن ممڪن ٿي سگھندو جڏهن هُن ڪا بدعنواني ڪئي هجي يا دماغي حالت صحيح نه هجيس.
ارسا جي گڏيل فيصلي تي انهيءَ وقت تائين عمل ٿي سگھندو جيستائين اُهو فيصلو ٿي وڃي ٿو پر جيڪڏهن صوبي کي انهيءَ فيصلي تي اعتراض هُجي ته ڪائونسل آف ڪامن انٽريسٽ کي لکت ۾ اپروچ ڪندو ته هو ان فيصلي تي راضي ناهي ۽ انهيءَ تي ڪائونسل آف ڪامن انٽريسٽ فيصلو ڪري، ڪائونسل آف ڪامن انٽريسٽ جو چيئرمين انهيءَ تي فيصلو ڪندو جيڪو سڀني کي مڃڻو پوندو، جيڪڏهن اڃان به ڪنهن صوبي کي اعتراض هجي ته قومي اسيمبليءَ يا سينيٽ کان فيصلو ڪرايو ويندو.
صوبن وٽ ڪهڙو آپشن آهي؟
پهريون ته ڪائونسل آف ڪامن انٽريسٽ کي لکي موڪلي ته هن صوبي کي اعتراض آهي، ٻيو فيصلو ڪائونسل آف ڪامن انٽريسٽ جو چيئرمين ڪري جنهن ۾ 8 ميمبر آهن جنهن هر صوبي جو چيف منسٽر ۽ ٻيو وزير ميمبر هوندو. سنڌ جو ٻيو ميمبر هينئر فهميده مرزا آهي.
سنڌ صوبي وارن اڃان تائين ڇا ڪيو آهي؟
منهنجي ڄاڻ مطابق اڃان سنڌ صوبي لکت ۾ ڪائونسل آف ڪامن انٽريسٽ کي نه ڏنو آهي. مون ڪافي جاچ ڪئي آهي پر صحيح صورتحال اڃان تائين معلوم نه ٿي سگھي آهي. جڏهن اسان لکت ۾ ڪائونسل آف ڪامن انٽريسٽ کي نه ڏنو آهي ته فيصلو ڇا ٿيندو؟ تنهن کان سواءِ ڪائونسل آف ڪامن انٽريسٽ وارا تمام گھڻو مصروف آهن. هنن پهريون فيصلو ڪيو ته موجوده اٽارني جنرل کان رپورٽ وٺو، تنهن کان پوءِ ٻي گڏجاڻي ۾ فيصلو ڪيو ته هاڻي نئين اٽارني جنرل کان رپورٽ وٺو، پهرين اٽارني جنرل پنهنجي رپورٽ ڏني آهي جنهن ۾ هُن سنڌ جي ڪيس جي حمايت ڪئي آهي پر ٻئي اٽارني جنرل اڃان پنهنجي رپورٽ نه ڏني آهي. هاڻي چيئرمين ڪائونسل آف ڪامن انٽريسٽ کي فيصلو ڪرڻو آهي پر جڏهن سنڌ مان لکت ۾ ئي اعتراض نه آيو آهي ته هو ڪهڙو فيصلو ڪري. وزيراعظم عمران خان تمام مشغول ماڻهو آهي جنهن ڪري هو فيصلو هر ڀيري ملتوي ڪري ڇڏي ٿو پوءِ فيصلو ڪيئن ٿئي؟
سنڌ کي کپي ته ڪائونسل جي فيصلي جو انتظار ڪري پر جڏهن سنڌ ڪائونسل آف ڪامن انٽريسٽ کي لکت ۾ ئي نه ڏنو آهي ته هو ڇا فيصلو ڪن. سنڌ حڪومت کي کپي ته لکت ۾ ڪائونسل آف ڪامن انٽريسٽ کي پنهنجو اعتراض ٻڌائين.