اسلام آباد: پي ڊي ايم جي سربراهي اجلاس کان اڳ نواز ليگ جي صدر شهباز شريف جي وفاقي وزيرن جي ڪالوني واري رهائشگاهه تي نواز ليگ جي قيادت جو مشاورتي اجلاس ٿيو، جنهن ۾ مريم نواز شريف، احسن اقبال، شاهد خاقان عباسي، رانا تنوير، سردار اياز صادق، رانا ثناءُ الله، مريم اورنگزيب، عطا تارڙ ۽ ٻيا نواز ليگي اڳواڻ به شريڪ ٿيا، اجلاس ۾ پي ڊي ايم جي سربراهي اجلاس بابت نواز ليگ جي حڪمت عملي تيار ڪئي وئي، جنهن کان پوءِ شهباز شريف، مريم نواز شريف ۽ ٻيا اڳواڻ پي ڊي ايم اجلاس ۾ پهتا، جڏهن ته پي ڊي ايم اجلاس ۾ شريڪ ٿيندڙ اڳواڻن لاءِ نواز ليگ پاران ماني جو بندوبست ڪيو ويو.