اسلام آباد(بيورو رپورٽ) پي ڊي ايم جي سربراهي اجلاس کان پوءِ پي ڊي ايم سربراهه مولانا فضل الرحمان جي سربراهي ۾ پي ڊي ايم جي سموري قيادت تشدد جو شڪار ٿيل صحافي اسد طور جي گهر يڪجهتي لاءِ پهتي، جنهن ۾ شهباز شريف، مريم نواز شريف، محمود خان اچڪزئي، مير ڪبير، مولانا غفور حيدري ۽ ٻيا اڳواڻ شامل هئا. ان موقعي تي صحافي اسد طور پي ڊي ايم جي قيادت کي پاڻ مٿان ٿيل حملي جا تفصيل ٻڌائڻ کانسواءِ حملي آورن پاران ڪيل تشدد جا نشان به ڏيکاريا، پي ڊي ايم سربراهه مولانا فضل الرحمان جو چوڻ هو ته اسان اسد طور سان يڪجهتي لاءِ سندس گهر آيا آهيون، هن طرح جا واقعا آزاد صحافت تي حملو آهن. هوڏانهن مريم نواز پي ڊي ايم اجلاس دوران صحافين مٿان حملن جي سخت مذمت ڪندي پي ڊي ايم کان ان مامري تي آواز اٿارڻ جو به مطالبو ڪيو، اهڙي مطالبي بعد پي ڊي ايم جي اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته پي ڊي ايم جي قيادت صحافي اسد طور ۽ ابصار عالم سميت جن مٿان حملا ٿيا آهن انهن سان يڪجهتي لاءِ انهن جي گهر ويندي.