اسلام آباد (رپورٽ: ايم بي سومرو) پي ڊي ايم 4 جولاءِ کان ملڪ اندر هڪ ڀيرو ٻيهر جلسا ۽ مظاهرا ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي، جڏهن ته مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته پيپلز پارٽي ۽ اي اين پي بابت اجلاس ۾ غور ان ڪري نه ڪيو ويو جو اهي اسان سان گڏ ناهن، پر انهن وٽ اڃا به پي ڊي ايم سان رجوع ڪرڻ جي مهلت آهي، اسان کي ان جو انتظار رهندو، تفصيل موجب پي ڊي ايم جو سربراهي اجلاس پي ڊي ايم سربراهه مولانا فضل الرحمان جي صدارت ۾ مسلم ليگ (ن) جي اسلام آباد ۾ قائم سيڪريٽريٽ ۾ ٿيو، اجلاس ۾ وڊيو لنڪ ذريعي ن ليگ جي سربراهه ميان نواز شريف، اڳوڻي ناڻي وزير اسحاق ڊار، بي اين پي مينگل جي سربراهه سردار اختر مينگل شرڪت ڪئي، جڏهن ته اجلاس ۾ ن ليگ جي صدر شهباز شريف، ن ليگ جي نائب صدر مريم نواز شريف، شاهد خاقان عباسي، احسن اقبال، پختونخوا ملي عوامي پارٽي جي سربراهه محمود خان اچڪزئي، عثمان ڪاڪڙ، قومي وطن پارٽي جي سربراهه آفتاب خان شيرپائو، بي اين پي مينگل جي جهانزيب جمالديني، نيشنل پارٽي جي مير ڪبير ، طاهر بزنجو، جي يو آءِ (ف) جي مولانا غفور حيدري، اڪرم دراني ۽ ٻين شرڪت ڪئي، ذريعن مطابق پي ڊي ايم جي سربراهي اجلاس ۾ مسلم ليگ (ن) جي شاهد خاقان عباسي ن ليگ پاران مطالبو ڪيو ته پيپلزپارٽي ۽ اي اين پي کي پي ڊي ايم پاران شوڪاز نوٽيس جاري ڪيا ويا آهن، ٻنهي پارٽين انهن شوڪاز نوٽيسن جو جواب ڏيڻ بجاءِ پي ڊي ايم جي تذليل ڪئي، پي ڊي ايم سربراهه مولانا فضل الرحمان ٻنهي پارٽين کي فيصلي تي نظرثاني ڪرڻ لاءِ مهلت ڏني، پر ٻنهي پارٽين اڃا تائين ڪو جواب نه ڏنو آهي، جنهن ڪري هاڻي پي ڊي ايم کي فيصلو ڪرڻ گهرجي، ن ليگ جو ٻنهي پارٽين بابت موقف واضح آهي ته ٻئي پارٽيون وضاحت يا غلطي تسليم ڪن، تيستائين انهن کي پي ڊي ايم مان نيڪالي ڏني وڃي،ان حوالي سان فيصلي جو اختيار پي ڊي ايم سربراهه مولانا فضل الرحمان کي ڏنو ويو ، اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته سينيٽ ۽ قومي اسيمبلي ۾ تمام اپوزيشن پارٽيون بجيٽ اجلاس جي موقعي تي گڏجي بجيٽ جي مخالفت ڪنديون، حڪومت جي انگن اکرن کي بي نقاب ڪيو ويندو، ان حوالي سان ٽاسڪ اپوزيشن ليڊر شهباز شريف کي ڏنو ويو آهي، ذريعن مطابق اجلاس ۾ ن ليگ جي صدر شهباز شريف ن ليگ جي اڳوڻي حڪومت ۽ موجوده پي ٽي آءِ حڪومت جي معاشي ڪارڪردگي جي تقابلي جائزي تي ٻڌل جائزو پيش ڪيو ۽ چيو ته پي ٽي آءِ جي حڪومت ۾ ملڪي ترقي بجاءِ ملڪ تنزلي طرف هلي رهيو آهي، جنهن بعد پي ڊي ايم حڪومت جي معاشي ڪارڪردگي بابت دعوائن کي رد ڪيو، ميان نواز شريف به حڪومتي ڪارڪردگي بابت تفصيلي خطاب ڪيو، پي ڊي ايم جي اجلاس کان پوءِ اجلاس ۾ ٿيل فيصلن بابت پريس ڪانفرنس ڪندي پي ڊي ايم سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته پي ڊي ايم جي اجلاس ۾ جن مامرن تي غور ڪيو ويو انهن ۾ سڀ کان پهريان خطي جي صورتحال تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو ويو ۽ چيو ويو ته خطي جي صورتحال ڳڻتي جوڳي ٿيندي پئي وڃي، موجوده حڪومت عوام جي چونڊيل حڪومت نه آهي، ان کي عوام جي تائيد حاصل نه آهي، هي حڪومت ڪنهن به چيلينج جو مقابلو ڪرڻ جي صلاحيت نه ٿي رکي، پي ڊي ايم ۾ شامل پارٽين مطالبو ڪيو آهي ته افغانستان ۽ خطي جي صورتحال بابت گڏيل پارليامينٽ جو اجلاس طلب ڪيو وڃي، جنهن ۾ دفاعي صورتحال هجي يا پرڏيهي پاليسي بابت ان ڪيمرا اجلاس ۾ لاڳاپيل ادارا ايوان کي حقيقتن کان آگاهه ڪن، افغانستان جي حوالي سان دوها معاهدو ۽ ان بعد ٿيندڙ پيش رفت، نئين آمريڪي انتظاميا جي ترجيحن ۽ معاهدي تي ٿيندڙ امڪان اثرن ۽ انهن اڦواهن ته پاڪستان پنهنجا ايئربيس آمريڪي جهازن کي مهيا ڪندو ان جا پاڪستان تي مختلف اثرن سوڌو سياسي اثر مرتب ٿيندا ۽ افغانستان جي مزاحمتي قوت جي رد عمل سان پاڪستان ڪهڙين مشڪلاتن جي ور چڙهي سگهي ٿو، هي سموريون اهي شيون آهن جيڪي پاڪستان لاءِ حساس حيثيت رکن ٿيون، ان لاءِ پارليامينت کي اعتماد ۾ ورتو وڃي، اگر تمام گهڻو ضروري هجي ته ان ڪيمرا بريفنگ ڏني وڃي، مولانا فضل الرحمان چيو ته پي ڊي ايم اجلاس ۾ صحافي برادري، ميڊيا ڪارڪنن تي ٿيندڙ حملن جي شديد مذمت ڪندي متاثر صحافين سان يڪجهتي جو اظهار ڪيو ويو آهي، ان حوالي سان پي ڊي ايم قيادت متاثر صحافين اسد طور ۽ ابصار عالم ۽ ٻين وٽ اظهار همدردي لاءِ گهرن ۾ ويندي، هن چيو ته حددخلين جي نالي تي غريب دڪاندارن ۽ پيٺل طبقي جي ملڪيتن تي قبضو ڪيو پيو وڃي، غريب ماڻهن جي روزگار تي ڇري هلائي پنهنجن لاءِ پلازائون ٺاهڻ جو رستو ٺاهيو پيو وڃي، اها صورتحال ڪنهن به صورت ۾ قابل قبول ناهي، ان حوالي سان پي ڊي ايم مظلومن سان گڏ بيٺل هوندي ۽ کين اڪيلائي جو احساس ٿيڻ نه ڏيندي، پي ڊي ايم اجلاس ۾ حڪومت پاران هڪ طرفي چونڊ سڌارن جي آرڊيننس سميت اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين جي تجويز کي رد ڪري ڇڏيو آهي ۽ ڳڻتي جو اظهار ڪندي ان کي چونڊ کان اڳ ڌانڌلي جو منصوبو قرار ڏنو آهي، پي ڊي ايم جي اجلاس ۾ شامل پارٽين مطالبو ڪيو آهي ته اليڪشن ڪميشن پاڪستان جيڪا آئيني طور تي صاف شفاف چونڊون ڪرائڻ جي ذميوار آهي، اها اليڪشن ڪميشن فوري طور تي تمام پارٽين جو اجلاس طلب ڪري، چونڊ سڌارن بابت قومي اتفاق راءِ سان پيڪيج تيار ڪيو وڃي، جنهن کي پارليامينٽ ۾ پيش ڪري سگهجي، پي ڊي ايم جي اجلاس ۾ حڪومت جي ڪرپشن ۽ غيرقانوني ۽ غيرآئيني قدمن خلاف قانوني چارا جوئي ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، ان حوالي سان قانوني ماهرن جي ٽيم جوڙي پئي وڃي، جنهن جو ڪنوينر مسلم ليگ (ن) جو سينيٽر اعظم نذير تارڙ ۽ ڪو ڪنوينر جي يو آءِ جو سينيٽر ڪامران مرتضيٰ هوندو، پي ڊي ايم جي اجلاس ۾ متفقه طور تي ملڪ اندر احتجاجي جلسن ۽ عوام سان رابطي جو نظام ٺاهي ورتو آهي، 4 جولاءِ تي سوات ۾تمام وڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو ويندو، ان بعد 29 جولاءِ تي ڪراچي ۾ تمام وڏو جلسو ٿيندو، جڏهن ته جڏهن اسان 14 آگسٽ تي يوم آزادي ملهائينداسين ته اسلام آباد ۾ تمام وڏو عظيم الشان مظاهرو ٿيندو، جنهن جا پاڪستان ۽ ڪشمير جي آزادي موضوع هوندا، پاڪستان جي يوم آزادي جو ڀرپور اظهار ڪيو ويندو، هن چيو ته بجيٽ اچي رهي آهي، ن ليگ جي ميزباني ۾ پارلياماني پارٽين جو هڪ سيمينار بجيٽ جي حوالي سان ڪرايو ويندو، بجيٽ دوران مڪمل يڪجهتي قائم ڪرڻ ۽ حڪومت کي ٽف ٽائيم ڏيڻ لاءِ اپوزيشن ليڊر شهباز شريف کي ٽاسڪ ڏنو ويو آهي، پيپلزپارٽي ۽ اي اين پي جي پي ڊي ايم ۾ شموليت بابت سوال جي جواب ۾ جي يو آءِ (ف) جي سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو ته اسان ان حوالي سان ڪو به اجلاس ۾ غور يا بحث نه ڪيو آهي، مطلب اهو آهي ته اهي ٻئي پارٽيون اسان سان گڏ ناهن، ان ڪري غور نه ڪيو ويو آهي، پر پوءِ به انهن وٽ اڃا مهلت آهي، اگر اهي پي ڊي ايم سان رجوع ڪرڻ چاهين ٿا ته اسان کي ان حوالي سان انتظار هوندو پر هي اهڙو موضوع نه آهي جو پي ڊي ايم اجلاسن ۾ غور لاءِ وقت ڪڍي سگهي، جڏهن ته نواز شريف پيپلز پارٽي ۽ اي اين پي بابت اجلاس ۾ ڪهڙو موقف اختيار ڪيو واري سوال جي جواب ۾ ن ليگ جي نائب صدر مريم نواز شريف جواب ڏيندي چيو ته مولانا فضل الرحمان هن وقت جيڪو ميڊيا سامهون موقف رکيو آهي نواز شريف جو اهو ئي موقف هو، بار بار هڪ نان اشو کي اٿاري اشو نه بڻايو وڃي، مولانا صاحب کي جيڪو ان حوالي سان چوڻو هو اهو چئي ڇڏيو، پ پ ۽ اي اين پي جي معاملي تي وڌيڪ اسان کي نه گهليو وڃي،

اسلام آباد: پي ڊي ايم جي اجلاس کان پوءِ ن ليگ جي نائب صدر مريم نواز شريف صحافين جي سوالن جي جواب ۾ چيو ته پيپلز پارٽي شهباز شريف کي قومي اسيمبلي ۾ اپوزيشن ليڊر تسليم ڪري ٿي، پي ڊي ايم جي پنهنجي حڪمت عملي آهي ۽ پارليامينٽ اندر ڌار حڪمت عملي آهي، ٻنهي کي نه گڏايو وڃي، اپوزيشن ليڊر طور شهباز شريف پنهنجي ذميوارين کان واقف آهي، پي ڊي ايم جو مڪمل طور تي آزاداڻو ڪردار آهي، پيپلز پارٽي هاڻي پي ڊي ايم جو حصو ناهي ان لاءِ اها منهنجو حدف به ناهي، ميڊيا کي درخواست آهي ته بار بار مون کي پيپلزپارٽي بابت سوالن ۾ نه الجهايو وڃي، هن ان سوال ته ن ليگ جي مفاهمت جي سياست هوندي يا مزاحمت جي جي جواب ۾ چيوته اگر مزاحمت ٿيندي تڏهن ئي مفاهمت ٿيندي، طاقت طاقت سان ڳالهائيندي آهي، پاور ڪمزور سان نه ڳالهائيندو آهي، جتي ڪمزور ڏيکاري دشمن حملا آور ٿيندو، ڪا به شئي ٽري ۾ رکي ناهي ملندي توهان کي پنهنجو حق وڙهي ۽ کسي وٺڻو پوندو آهي، اڄ ملڪ جي ميڊيا ۾ صحافي ۽ ججن تي حملا ٿي رهيا آهن، جڏهن سچ ڳالهائڻ ۽ لکڻ تي سزا ڏني وڃي ته دل ڏکندي آهي، اهڙي ماحول ۾ آواز اٿارڻ ڪا ننڍي ڳالهه ناهي، اسان سياست، صحافت ۽ عدالت لاءِ جدوجهد ڪئي، اسان جي عوام لاءِ ٿيندڙ جدوجهد سان غير جمهوري قوتون پوئتي هٽڻ تي مجبور ٿيون، اهو سڀ ڪجهه مفاهمت ناهي، هاڻي پاڪستان ۾ اهو نه ٿيندو ته ڪوئي پاڻ کي عوام کانسواءِ طاقت جو سرچشمو سمجهي، عوام وٽ وڃڻ پي ڊي ايم جو حق آهي، مايوسي جي عالم ۾ جلسا جلوس نه ڪيا ويندا آهن، عوام سان گڏ بيهڻ پي ڊي ايم جي ڪمزوري نه پر پي ڊي ايم جي مضبوطي جي نشاني آهي.