پي ٽي آءِ ۾ ضم نه ٿيڻ تي ڪوڙو ڪيس داخل ڪيو ويو: مصطفيٰ ڪمال

0
158

ڪراچي جي احتساب عدالت ۾ مصطفيٰ ڪمال ۽ ٻين خلاف ڪلفٽن ۾ سرڪاري زمين جي غيرقانوني الاٽمينٽ بابت ريفرنس تي ٻڌڻي ٿي آهي

ايم ڪيو ايم اڳواڻ مصطفيٰ ڪمال ۽ ٻيا جوابدار عدالت ۾ پيش ٿيا، اڳوڻي ڊي جي ايس بي سي اي افتخار قائمخاني سوڌو 6جوابدارن عدالت ۾ ضمانت جون درخواست داخل ڪرايون

عدالت جوابدارن جي ضمانت بابت درخواستن تي دليل مڪمل ٿيڻ بعد فيصلو محفوظ ڪري ورتو، ضمانت جي درخواستن تي فيصلو 16مئي تي ٻڌايو ويندو، ريفرنس جي ٻڌڻي 27مئي تائين ملتوي ڪئي وئي

عدالت ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي مصطفيٰ ڪمال چيو ته عمران خان جي حڪومت ۾ پي ٽي آءِ ۾ ضم نه ٿيڻ تي اسان تي ڪوڙو ڪيس داخل ڪيو ويو

هن چيو ته عمران خان جي حڪومت پي ٽي آءِ ۾ شامل ٿيڻ لاءِ چيو، انڪار ڪيو ته نيب ۾ ڪيس ڪيو ويو، پيپلز پارٽي جي حڪومت اسان کي آدمشماري ۾ ڳڻڻ لاءِ تيار ناهي