نيب جو ايڪشن: مراد سعيد جو گهيرو تنگ

0
183

قومي احتساب بيورو (نيب) خيبرپختونخواهه اڳوڻي وفاقي وزير مراد سعيد خلاف ڪيترن ئي الزامن جي جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي، نيب سيڪريٽري لوڪل گورنمينٽ، لائيو اسٽاڪ ۽ آبپاشي کاتي کان رڪارڊ طلب ڪري ورتو آهي

نيب اختيارين مختلف کاتن کي لکيل خطن ۾ چيو آهي ته مراد سعيد خلاف رشوت، غير قانوني ڀرتين سميت ٻيون به شڪايتون آهن، جڏهن ته نيب لاڳاپيل آفيسرن کان مبينا غير قانوني ڀرتين بابت ڄاڻ گهري ورتي

خط جي متن ۾ چيو ويو آهي ته مراد سعيد تي الزام  آهن ته هُن فرنٽ مين حميد ۽ فضل مولا ذريعي ملڪيت خريد ڪئي