گڊو پوليس: مقابلي بعد 2 مغوي بازياب ڪرائڻ جي دعويٰ

0
115

گڊو پوليس دعويٰ ڪئي آهي ته مقابلي دوران ٻن مغوين کي بازياب ڪرايو ويو آهي، جڏهن ته پوليس ڪنهن به جوابدار جي گرفتاري جي تصديق ناهي ڪئي

گڊو ٿاڻي جي حد 17RD انڊس ھاءِ  وي تان ڪجھه ڏينھن اڳ مسافر گاڏين مان هٿياربندن 2 ڄڻن کي اغوا ڪيو هو

پوليس موجب ڊي ايس پي ڪشمور محمد صادق اوڍو جي اڳواڻي پوليس ڳجھي اطلاع تي گيھلپور جي ڪچي ۾ ڇاپو هنيو

پوليس دعويٰ ڪئي آهي ته دوست علي دمدمو وٽ  ڪارروائي  ڪري حضور بخش گرگيج ۽ عبدالوھاب  گرگيج کي بازياب ڪرايو