ڪراچي: سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر آغا سراج دراني چيو آهي ته پي ٽي آءِ جي ايم پي ايز ٻئي ڏهاڙا انتهائي ڪريل حرڪت ڪيون آهن، آئون هن هائوس جو ڪسٽوڊين (محافظ) آهيان، آئون ڪنهن کي به اهڙي حرڪت نه ڪرڻ ڏيندس. اسپيڪر وڌيڪ چيو ته مون انڪوائري ڪئي آهي ۽ ويڊيوز ڏٺيون آهن، پي ٽي آءِ جي ميمبرن اسيمبلي عملي کي گاريون ۽ ڌمڪيون ڏنيون، سندن عورت ايم پي ايز به اسيمبلي عملي سان جھيڙو ڪيو، مون 30 سالن تائين پارليامينٽ ۾ اهڙو ماحول نه ڏٺو، پي ٽي آءِ وارن ايوان جي بي حرمتي ڪئي، جن تي پابندي لڳل آهي، اهي هن سيشن ۾ نه اچي سگھندا.