ڪراچي: صوبائي وزيرن چيو آهي ته پي ٽي آءِ ميمبر ماڻهو وٺي سنڌ اسيمبلي تي حملي لاءِ آيا هئا، اهڙي رٿا جوڙيندڙن ۽ حملو ڪندڙ خلاف پوليس ڪارووائي ڪندي، ان حوالي سان ناصر شاھ پنهنجي اخبار سان ڳالهائيندي چيو ته پي ٽي آءِ جي ميمبرن گذريل ڏينهن اسيمبلي ۾ جيڪا حرڪت ڪئي، اها برداشت جوڳي ناهي. اسپيڪر 8 ميمبرن مٿان پابندي هنئي، ميمبرن کي اسپيڪر جو فيصلو قبول ڪندي ايوان ۾ نه اچڻ گھرجي ها پر هُو پاڻ سان گڏ 150 ماڻهو وٺي آيا ۽ زبردستي اسيمبلي اندر داخل ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي. پوليس سان جھيڙو ڪيو، ڌمڪيون ڏنيون. اهو عمل برداشت جوڳو ناهي. ٻئي طرف صوبائي وزير سعيد غني چيو ته پي ٽي آءِ ميمبرن مقدس ايوان اندر تماشو ڪيو، اسيمبلي ۾ اچي گيٽن کي لتون هنيون، هي نوان ۽ غيرسياسي ماڻهو آهن معجزي سان اسيمبلي تائين پهتا آهن کين پارلياماني نظام جي ڪا به خبر ناهي.