ڪراچي: سنڌ اسيمبلي اندر بجيٽ سيشن بعد مخالف ڌر ٽن حصن ۾ ورهائجي وئي. جي ڊي اي ۽ ايم ڪيو ايم جي ميمبرن گذريل ڏينهن پي ٽي آءِ جو ساٿ ڏيڻ بدران نه رڳو ايوان ۾ شرڪت ڪئي پر ٻنهي پارٽين جي ميمبرن ايوان اندر ڳالهائيندي پي ٽي آءِ جي کٽ کڻي ايوان ۾ علامتي جنازو ڪڍڻ واري عمل جي مذمت ڪئي. جي ڊي اي جي نند ڪمار گوڪلاڻي ڳالهائيندي چيو ته پي ٽي آءِ وارن جيڪو عمل ڪيو، اهو انتهائي مذمت جوڳو آهي. هنن ڪالهه ايوان ۾ جمهوريت نه پر پنهنجو سياسي جنازو ڪڍي ايوان جو تقدس پائمال ڪيو. ايم ڪيو ايم جي منگلا شرما چيو ته پي ٽي آءِ جيڪو ڪجهه ڪيو، اهو مذمت جوڳو عمل آهي، اسين اوهان سان گڏ آهيون، جنهن تي اسپيڪر آغا سراج دراني ڳالهائيندي چيو ته ايم ڪيو ايم ۽ جي ڊي اي پراڻيون سياسي جماعتون آهن انهن ايوان جو تقدس رکندي پي ٽي آءِ جي احتجاج جو ساٿ نه ڏنو،.