اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اسلام آباد انتظاميا شهر ۾ قلم 144 لاڳو ڪندي ريلين تي پابندي لڳائي ڇڏي، فيض آباد، راولپنڊي ۽ مري روڊ ذريعي اسلام آباد ۾ داخل ٿيڻ وارن رستن تي  ڪنٽينرز لڳايا ويا، اسلام آباد پوليس جو چوڻ آهي ته شهر جي حدن ۾ ڪنهن به قسم جي جلسي، جلوس يا ميڙ جي اجازت نه هوندي، قانون جي ڀڃڪڙي ڪندڙن خلاف بنا ڪنهن فرق جي قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي، فيض آباد سوڌو ٻين رستن ذريعي اسلام آباد ايندڙ شهرين کي جهڙتي بعد داخل ٿيڻ ڏنو ويندو، واضح رهي ته پي ٽي آءِ راولپنڊي کان اسلام آباد تائين ريلي جو اعلان ڪيو هو.