فيصل آباد (م ڊ) وفاقي گھرو وزير راڻا ثناءُ الله چيو آهي ته عمران خان چاهي ٿو ته ملڪ ۾ افراتفري هجي. عمران خان جي ڪري سي پيڪ منصوبي ۾ هڪ سال جي دير ٿي.  چيني صدر اچي معاهدو ڪرڻ ٿي چاهيو ته هن نڀاڳي ڌرڻو ختم ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو.  فيصل آباد ۾ خطاب ڪندي راڻا ثناءُ الله چيو ته ملڪ ۾ هڪ فتني جو ڪم افراتفري پکيڙڻ کان سواءِ ڪجهه ناهي. جتي دهشتگردي افراتفري هجي اتي جي ڪرنسي ڪري وڃي ٿي، عام ماڻهو جو حال برو هجي ٿو.  مهانگائي وڌي ويندي آهي. هن چيو ته جتي سياستدان چوي ته هو مخالفن سان نٿو ويهي سگهي ته ان ملڪ ۾ ترقي ناهي ٿيندي. راڻا ثناءُ الله وڌيڪ چيو ته خيبرپختونخوا ۾ عمران خان طالبان کي اچڻ ڏنو ان ڪري حالتون خراب آهن. هن چيو ته ثاقب نثار بابا رحمت بدران بابا زحمت بڻجي ويو آهي. هن جي پٽ جي آڊيو هلي پئي، جنهن ۾ هن 20 لک رپيا گھريا، جڏهن هو چيف جسٽس هو ته خبر ناهي ڇا ڪندو هوندو. هن چيوته نواز شريف جي سزا لاءِ خبر ناهي ڪيترا ڪروڙ ورتا هوندا.