پي ايس ايل 6: زخمي فاف ڊوپليسي جي زال پريشان

0
361

ڪراچي (اسپورٽس ڊيسڪ) پشاور زلمي خلاف ميچ ۾ فيلڊنگ دوران مٿي تي ڌڪ لڳڻ سبب سخت زخمي ٿيل ڪوئيٽا گليڊي ايٽرز جي فاف ڊوپليسي جي گهر واري سخت پريشان ٿي وئي آهي. ابوظهبي ۾ کيڏيل ميچ دوران فاف ڊوپليسي فيلڊنگ دوران محمد حسنين سان وچڙي ڪري پيو، جنهن بعد کيس اسپتال منتقل ڪيو ويو. فاف ڊوپليسي جي زال پنهنجي انسٽاگرام اسٽوري تي مڙس جي حوالي سان پريشاني ظاهر ڪئي. هن لکيو ته فاف مونکي تمام گهڻو پريشان ڪري رهيو آهي، کيس ضرور اسپتال نيو ويو هوندو.