پوليس نوجوان کي کنڀي گم ڪري ڇڏيو، وارث دانھن کڻي ٽائيم نيوز آفيس پھتا

0
137
پوليس نوجوان کي کنڀي

ڪنري(ن پ ا) ڪنري واسي نوجوان کي مبينا طور پوليس کنڀي گم ڪرڻ خلاف سندس ٻڍڙي امڙ ۽ ٻيا دانهن کڻي ٽائيم نيوز آفيس پھچي ويا، ڳوٺ مھپاري واسي نوجوان مرچ منڊي جو مزدور 20 سالن جو صحبت خاصخيلي گذريل ڏينھن پراسرار نموني گم ٿي ويو، جنهن جي امڙ اکين جي نور کان محروم سبحاني خاصخيلي دانھن کڻي ٽائيم نيوز جي آفيس پھچي وئي ۽ چيو ته منهنجي نوجوان پٽ کي پوليس وچ شھر مان گرفتار ڪري گم ڪري ڇڏيو

هن چيو ته منھنجو ٻچڙو شھر ۾ دوائون وٺڻ ويو جنھن کي پوليس گرفتار ڪري کڻي وئي وئي، بار بار دانھن کڻي ٿاڻي تي ويا آھيون پر پوليس نوجوان جي گرفتاري کان لا علمي ظاھر ڪري رهي آهي، هن دانهيندي چيو ته منھنجي پٽ کي پوليس گرفتار ڪري گم ڪيو آهي، غريب آھيون جنهن ڪير دانھن نٿو ٻڌي، پٽ کي آزاد ڪرائي پريشاني ختم ڪئي وڃي، ٻئي پاسي ٽائيم نيوز پاران رابطو ڪرڻ تي ايس ايڇ او سيد عاطف شاھ نوجوان جي گرفتاري کان لاتعلقي ظاھر ڪري ڇڏي آهي