ٽنڊو جان محمد: ڪتي ڏاڙھيل نينگر مبينا ويڪسين نه ٿيڻ سبب فوت

0
248

ٽنڊوجان محمد(ن پ ا) ٽنڊوجان محمد ڀرسان ڳوٺ گيلپور ۾ رولو ڪتن جو ڏاڙھيل 6 ورهين جو معصوم نينگر مدثر خاصخيلي ويڪسين نه ٿيڻ سبب هڪ مهيني بعد تڙپي تڙپي فوت ٿي ويو آهي

فوتي نينگر جي والد گلزار خاصخيلي جو چوڻ آهي ته صحت مرڪز تي کڻي وڃڻ تي ويڪسين نه هجڻ جو چئي روانو ڪيو ويو اسپتال مان ٻه ٽي ڀيرا پڇا ڪرڻ تي ساڳيو جواب مليو، ڊگھڙي کڻي وڃڻ تي به ساڳيو جواب، مليو ويڪسين نه ٿيڻ سبب ٻچڙو فوت ٿي ويو

ايم ايس ڊاڪٽر بدرالنسا ٽالپر جو چوڻ آهي ته اسپتال ۾ ٻن مهينن کان ويڪسين جي کوٽ جي شڪايت ناهي، هڪ ڏينهن ويڪسين ختم هجڻ تي ٻئي ڏينهن تي اسپتال ۾ ويڪسين اچي وڃي ٿي، ويڪسين نه هجڻ تي مريض کي ريفر ليٽر ڏئي تعلقه اسپتال ڊگھڙي ريفر ڪيو ويندو آھي