پوليس تي حملا: شهيد اهلڪارن جي رت جو حساب وٺنداسين: ايس ايس پي عرفان سمون

0
199
پوليس تي حملا: شهيد اهلڪارن جي رت جو حساب وٺنداسين: ايس ايس پي عرفان سمون
پوليس تي حملا: شهيد اهلڪارن جي رت جو حساب وٺنداسين: ايس ايس پي عرفان سمون

ڪنڌڪوٽ: ايس ايس پي عرفان سمون چيو آهي ته  پوليس مٿان حملا ڪري  اسان کي بليڪ ميل نٿو ڪري  سگهجي

پوليس تي حملن کانپوءِ ايس ايس پي عرفان سمون جو بيان سامهون آيو آهي، سندس چوڻ هو ته اڳ ڌاڙيلن جون ڊمانڊون پوريون ٿينديون رهيون آهن پر هاڻي اهو دور ناهي

ايس ايس پي عرفان سمون چيو ته  ڪيترا به اهلڪار شهيد ڪيا وڃن يا  چوڪين تي حملا ٿين ڏوهارين کي نه ڇڏبو، ڏوهارين کي عبرت جو نشان بڻائي  ضلعي جو امن و امان بحال ڪرائبو

هن چيو ته اسان جا حوصلا بلند آهن،ڌاڙيلن سان مهاڏو اٽڪائڻ  لاءِ پوليس هميشه تيار آهي

هي به پڙهندا

ايس ايس پي عرفان سمون جي دادو ۾ انٽري: 3 نوجوان هاف فراءِ