اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پي ڊي ايم پاران سپريم ڪورٽ ٻاهران اڄ ڌرڻو هنيو ويندو، حڪومت جو پي ڊي ايم سربراهه سان رابطو، احتجاج جو هنڌ تبديل ڪرڻ جي اپيل، فضل الرحمان انڪار ڪندي چيو ته اعلان ٿي چڪو، هاڻ فيصلو عوام جي عدالت ۾ ٿيندو، پرامن احتجاج ٿيندو، پي ڊي ايم ۾ شامل پارٽين پاران اسلام آباد انتظاميا کان ڊي چوڪ وٽ احتجاج جي اجازت لاءِ درخواست ڏني وئي، شهر ۾ قلم 144 به لاڳو ٿيل آهي. تفصيل موجب پي ڊي ايم پاران سپريم ڪورٽ ٻاهران اڄ ڌرڻي جو اعلان ڪيو ويو آهي، جنهن لاءِ تياريون مڪمل ڪيون ويون آهن، سنڌ سوڌو سڄي ملڪ مان قافلا اسلام آباد پهچڻ شروع ٿي ويا آهن. هوڏانهن ناڻي واري وفاقي وزير اسحاق ڊار ۽ گهرو وزير رانا ثناءُالله پي ڊي ايم سربراهه مولانا فضل الرحمان سان ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ وفاقي وزيرن مولانا فضل الرحمان کي سپريم ڪورٽ ٻاهران احتجاج نه ڪرڻ جي اپيل ڪئي، ان حوالي سان اسحاق ڊار چيو آهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ به ملڪ ۾ حالتون خراب ٿيون ان ڪري وفاقي حڪومت چاهي ٿي ته پي ڊي ايم ڊي چوڪ تي احتجاج ڪري. وفاقي گهرو وزير رانا ثناءُالله چيو آهي ته پي ڊي ايم سربراهه مولانا فضل الرحمان کي ملاقات دوران درخواست ڪئي ته هو سپريم ڪورٽ خلاف ڌرڻو ريڊ زون کان ٻاهر هڻي، وزيراعظم شهباز شريف جي هدايت تي ساڻس ملاقات ڪئي، فضل الرحمان کي ٻڌايوسين ته انتظاميا موجب احتجاج کي ڪنٽرول ڪرڻ مشڪل هوندو، احتجاج بابت دفاعي ادارن جا اطلاع به الارمنگ آهن، عوام ووٽ سان فتني خان کي مائنس ڪري، هن چيو ته چيف جسٽس ۽ ٽئي رڪني بنيچ جي هڪطرفي فيصلن ۽ روين جي ڪري ماڻهن ۾ ڪاوڙ آهي، احتجاج ريڊزون يا شاهراهه دستور تي ٿئي ٿو ته ان تي ڪنٽرول ڪرڻ مشڪل ٿي ويندو.  وفاقي وزيرن جي اپيل تي مولانا فضل الرحمان چيو ته اسان اعلان ڪري چڪا آهيون ته فيصلو هاڻ عوام جي عدالت ۾ ٿيندو، سڄي ملڪ مان قافلا اسلام آباد طرف روانا ٿي چڪا آهن. فضل الرحمان چيو ته ڪارڪن پرامن آهن ۽ اسان جو احتجاج پرامن هوندو. اسان جا ڪارڪن ڪنهن به قسم جو نقصان نه ڪندارات 10 وڳي وفاقي وزيرن مولانا فضل الرحمان سان ٻيهر ملاقات ڪئي، جنهن بعد مولانا عبدالغفور حيدري سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي رانا ثناءُالله ۽ اسحاق ڊار چيو ته اسان کي خاطري ڪرائي وئي آهي ته احتجاج مڪمل طو رپرامن هوندو، ڌرڻي جو هنڌ اڄ صبح جو تعين ڪيو ويندو .هوڏانهن مسلم ليگ نواز جي اڳواڻ ۽ وزيراعظم جي خاص معاون عطا تارڙ چيو آهي ته اڄ پي ڊي ايم جو ڌرڻو لڳندو جيڪو چيف جسٽس جي استعيفا تائين جاري رهندو. مختلف خانگي ٽي وي چينلن جي پروگرامن ۾ ڳالهائيندي عطا تارڙ چيو ته فضل الرحمان جي پارٽي تمام منظم آهي، ڊسيپلن جي پابند آهي. چيف جسٽس جي استيعفا تائين پي ڊي ايم جو ڌرڻو جاري رهندو. پي ٽي آءِ جي حق ۾ فيصلا ڏنا پيا وڃن. سڪيورٽي جا مڪمل انتظام ڪيا ويا آهن. اسان جا ماڻهو پر امن آهن ۽ پر امن احتجاج ڪندا. هن چيو ته توهين پارليامينٽ ڪئي وئي. هن موڙ تي عوامي احتجاج ضروري آهي. ٻئي طرف پي ڊي ايم جماعتن سپريم ڪورٽ ٻاهران ڌرڻي لاءِ ضلعي انتظاميا کان اجازت طلب ڪري ورتي آهي،  اسلام آباد انتظاميا وٽ درخواستون ڏنيون ويون جنهن ۾ چيو ويو ته ڊي چوڪ تي جلسو ڪرڻ جي اجازت ڏني وڃي، ڊي چوڪ تي ڌرڻي جي اجازت ڏني وڃي، پي ڊي ايم سپريم ڪورٽ سامهون احتجاج ڪندي ان جي اجازت ڏني وڃي، سيڪيورٽي جا انتظام به ڪيا وڃن. جڏهن ته پيپلز پارٽي جي سينيئر اڳواڻ نيئر بخاري جي چيو آهي ته پيپلزپارٽي ڪانسٽِيٽيُوشنل اوينيو ۾ پي ڊي جي احتجاج ۾ ڀرپور شرڪت ڪندي، هن چيو ته ملڪ ۾ جاري بحران جو ذميوار عمران خان آهي، ملڪ ۾ آئيني بالادستي لاءِ اهڙا منصف هجڻ گهرجن، جيڪي پسند ناپسند تحت فيصلا نه ڪن، ڪهڙا ڪارڻ آهن جو عمران خان جي گرفتاري کي غيرقانوني قرار ڏنو ويو، پ پ اڳواڻ پاران آرمي جي ٺڪاڻن کي نقصان پهچائيندڙن خلاف آرمي ايڪٽ تحت ڪارروائي جو مطالبو ڪيو ويو. عوامي نيشنل پارٽي پاران پي ڊي ايم جي احتجاج ۾ شرڪت نه ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي، ايم ڪيو ايم پاران چيو ويو آهي ته شرڪت جو فيصلو مشاورت کانپوءِ ڪيو ويندو.