وڻ ساڙيندڙ وڳوڙي ۽ ماحولياتي دهشتگردي

0
236
عوام جي ٻانهن ۾ ڇَٽ پَٽن سان هڻڻ جيترو ٻَل موجود آهي
ملير جي سنڌي ڳوٺن تي قبضي جون ڪوششون

هن گرهه تي انسان جو وجود وڻن سان سلهاڙيل آهي. وڻ هن گرهه جا ڦڦڙ آهن. وڻ هن ڌرتيءَ جي خوبصورتي آهن. اهو ڪهڙو احتجاج آهي، اهو ڪنهن سان احتجاج آهي، جو ڪراچيءَ ۾ ماحول دشمن وڳوڙين شاهراههِ فيصل تي ماحولياتي دهشتگردي ڪندي هڪ سئو کان به وڌيڪ وڻن کي نقصان پهچايو ۽ باهه ڏيئي ساڙي ڇڏيو. خبرن مطابق انهن مان گهڻا وڻ ته 15 کان 20 سال پراڻا هئا. رڳو اهو ئي نه، خبرن موجب، 500 کان وڌيڪ ٻوٽن کي به تباهه ڪيو ويو آهي. اهو صرف پهريون ڀيرو نه آهي، جو فطرت دشمن ماڻهن احتجاج جي نالي ۾ وڻن کي نقصان پهچايو آهي، هن کان اڳ به وفاقي گاديءَ واري شهر اسلام آباد ۾ احتجاج وقت وڻن کي سخت هاڃو رسايو ويو هو، پر فطرت جي ايف آءِ آر ڪير ڪٽرائي؟

هن ملڪ ۾ احتجاج جي نالي ۾ اهو ڪجهه ٿيندو رهيو آهي، جيڪو ڪنهن به ريت نه ٿيڻ گهرجي. ماڻهن جي ذاتي ملڪيتن ۽ سرڪاري جاين توڙي گاڏين کي ساڙيو وڃي ٿو. اسان اڃان ايترا مهذب ناهيون ٿيا، جن کي احتجاج جي مفهوم جي خبر هجي، جيڪي احتجاج جي اخلاقيات کان واقف هجن. وڻ ڪنهن جي ذاتي ملڪيت نه پر سڄي انسانيت جو اثاثو آهن، وڻن کي هاڃو رسائيندڙ سڄي انسانيت جا مجرم ۽ فطرت دشمن آهن. ڪراچيءَ جي شاهراههِ فيصل تي جيڪي هڪ سئو کان وڌيڪ وڻ تباهه ڪيا ويا آهن، انهن جي ايف آءِ آر ڪير ڪٽرائيندو؟ وڻ اسان جي ماحول کي صاف رکن ٿا، اسان کي آڪسيجن مهيا ڪن ٿا. وڻ پکين جي پناهه گاهه آهن، ماحولياتي تباهيءَ کي روڪين ٿا. وڻن کي تباهه ڪري ماحول دشمن وڳوڙين ايترن سارن ڏوهن جو ارتڪاب ڪيو آهي. وڻ ڪي هڪ ڏينهن ۾ وڌي وڏا ڪونه ٿا ٿين، انهن کي ڪئين سال لڳن ٿا، جڏهن اهي اسان جي ماحول کي آڪسيجن، مسافرن کي ڇانوَ، پکين کي پناهه، ڌرتيءَ کي سونهن ڏين ٿا. ماحول جي تباهيءَ جي تسلسل کي سست ۽ ڍرو ڪن ٿا. هن رنگ ۽ بُوءِ جي جهان ۾ وڻن جي اهميت کان انڪار نٿو سگهجي. سنڌ ۾ اڳ ئي وڻن جي گهٽتائي آهي. وڌندڙ آباديءَ سبب رهائشي وسندين ۾ واڌ وڻن کي ڳڙڪائيندي وڃي. هڪ ته اڳ ئي ڌاڙيلن کي ناس ڪرڻ جي نالي ۾ ٻيلا وڍرايا ويا، ٻيلن جي زمينن تي بااثر ماڻهن قبضا ڪري ورتا آهن، جيڪي عدالتي حڪم باوجود خالي نه ڪرايا ويا آهن. اڳ دريا ۾ اٿل ايندي هئي، جنهن سان جر ريچارج ٿيندو هو. هُڙيون پوکڻ لاءِ هيليڪاپٽرن جي ذريعي برساتن کان پوءِ ڪچي ۾ چيچڪا ڇٽيا ويندا هئا. ڪچي جي معيشت ٻيلن تي آڌاريل هئي. هاڻي اهي ته سڀ پراڻيون ڳالهيون آهن، هاڻي ته بيٺل وڻ به تباهه ڪيا پيا وڃن، جيڪا فطرت دشمني آهي. وڻ تباهه ڪري ڪنهن سان احتجاج ڪيو پيو وڃي؟ وڻ ساڙڻ ماحولياتي دهشتگردي آهي. ملڪ ۾ هيترا سارا ماحوليات تي ڪم ڪندڙ ادارا آهن، پر ڪنهن کي به ان جو احساس نه ٿيو، جو ڪو اڳتي وڌي ان ماحولياتي دهشتگرديءَ جو ڪيس داخل ڪرائي، سنڌ ۾ ماحولياتي تحفظ لاءِ قائم ڪيل سرڪاري ادارو سيپا آخر ڪٿي پيو وسي؟ اهو ادارو ته ڪنهن سرڪاري ڀوتار جي چوڻ تي ڪنهن فيڪٽريءَ واري کي سوڙهو ڪرڻ جهڙي ڪرت ۾ رڌل نظر ايندو آهي.

ڪراچيءَ جي شاهراههِ فيصل تي وڳوڙين طرفان ماحولياتي دهشتگرديءَ جو مظاهرو ڪندي جيڪو وڻن کي نقصان پهچايو ويو آهي، انهن کي قانون جي پڪڙ ۾ آندو وڃي. سي سي ٽي وي ڪئميرائن ذريعي انهن جي سڃاڻپ ۽ نشاندهي ڪئي وڃي. ماحوليات جي تحفظ لاءِ ڪم ڪندڙن کي اڳتي اچڻ گهرجي. ڊي جي پارڪس وڻن جي تباهيءَ جا انگ اکر ته ٻڌايا آهن، پر ان نقصان جي ذميوارن کي قانون جي وڪڙ ۾ آڻڻ لاءِ آخر ڇا ڪيو ويو آهي؟ احتجاج ڪندڙ ڌرين کي به پنهنجن ڪارڪنن کي احتجاج جي نالي ۾ ماحولياتي دهشتگرديءَ جي سرگرمين کان روڪڻ گهرجي. احتجاج جي نالي ۾ سڀ ڪجهه ڦٻي نه وڃڻ گهرجي.