ڪراچي: سنڌ اسيمبلي جي ويجهي تاريخ ۾ پهرين ڀيرو دعا ڀٽو سميت پي ٽي آءِ ميمبرن جي موڪل واري درخواست رد ڪئي وئي. پي ٽي آءِ ايم پي اي دعا ڀٽو، راجا اظهر ۽ عديل احمد جي موڪل واري درخواست بابت رٿ اسپيڪر پاران پيش ڪئي وئي، جنهن تي  حڪومتي ڌُر جي ميمبرن پاران اهڙي موڪل واري درخواست رد ڪئي وئي.