پهريان فون تي شادي جو ڏٽو، بعد ۾ انڪار، ميرپور خاص ۾ جوڙو گرفتار

0
546

ميرپورخاص (بيورو رپورٽ)حيدرآباد واسڻ ناري رابعه عرف دعا سومرو فون تي دوستي رکڻ بعد شادي ڪرڻ لاءِ ميرپورخاص بس ٽرمينل پھچتي، شادي ڪندڙ ۽ سندس چاھيندڙ ميرپورخاص واسي جيئد عرف پرين گوپانگ ناري جي وڌيڪ عمر ڏسي شادي ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، ناري جو بس ٽرمينل تي پنهنجي ئي چاھيندڙ تي تشدد ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيو، پراڻي ميرپور پوليس پھچي ڳالھيون ٻڌڻ بعد جوڙي کي پنهنجي حراست ۾ وٺي عدالت ۾ پيش ڪري ڇڏيو، عدالت آڏو ناري بيان ڏنو ته جئيند گوپانگ سان رانگ نمبر تي رابطو ٿيو، آواز ٻڌڻ بعد محبت ٿي ويئي، ھن مون کي شادي لاءِ گھرايو ۽ ھاڻي منھنجي انھي سان ئي شادي ڪرائي وڃي، ڀلي ھن جي اڳ شادي ٿيل ھجي، نوجوان جئيند گوپانگ بيان ڏيندي چيو ته ھي مون کي فون تي تنگ ڪندي ھئي مون اڳ ٻڌايو ته آئون شادي شده آھيان پوءءِبه ملڻ پھچي وئي، آئون ھن کي نٿو رکڻ چاھيان ھن جو ذھني توازن ٺيڪ ناھي، معزز عدالت حڪم ڏيندي چيو ته ناري جا مختلف بيان آھن، ميڊيڪل سان اھو پيو لڳي ته سندس ذھني توازن ٺيڪ ناھي، عدالت ناري کي وومين پوليس حوالي ڪندي اھو حڪم جاري ڪيو ته ناري کي حفاظتي تحويل ۾ رکي اڄ تائين جيڪڏھن ھن جا مائٽ اچن ٿا ته ان حوالي ڪيو وڃي، ٻي صورت ۾ کيس گدو اسپتال حيدرآباد اماڻيو وڃي، عدالت نوجوان کي به آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.