مغرب کي وڌيڪ ڄاڻان ٿو: وزيراعظم جي بيان تي تبصرا

0
201

وزيراعظم عمران خان جي مغرب کي وڌيڪ ڄاڻڻ واري بيان تي سوشل ميڊيا تي صارفين ردعمل ڏنو آهي، چيو ويو ته ڪاش مون کي يونيورسٽي جو سليبس ايئن ياد ٿئي ها جيئن عمران خان کي مغرب ياد آهي، ڪاش ڪوئي مون کي به ايترو ڄاڻي ها جيترو خان صاحب مغرب کي ڄاڻي ٿو. منهنجا پاڪستانيو، بس اوهان کي گهٻرائڻو ناهي، رياست مدينه، جڏهن مان ڪرڪيٽ کان سياست ۾ آيس، نواز شريف، شهباز شريف جي ڪرپشن، اين آر او نه ملندو، پي ڊي ايم، مون تي دٻاءُ وجهي رهيا آهن، بليڪ ميل ڪري رهيا آهن، هي لفظ جڏهن ٻڌندا هوندا ته اوهان کي پتو پئجي ويندو هوندو ته وزيراعظم عمران خان جي تقرير، خطاب يا بيان ڪو حصو ٽي وي يا ريڊيو تي هلي رهيو آهي. وزيراعظم عمران خان جڏهن ته نئين پاڪستان، رياست مدينه يا اپوزيشن کان ويندي مغرب جي ڳالهه ڪندو آهي ته سوشل ميڊيا تي بحث جو موضوع بڻجي ويندو آهي. وزيراعظم عمران خان جي تقريرن جو جائزو وٺبو ته ڪيترائي اهڙا لفظ آهن جيڪي هو بار بار ورجائيندو آهي جن ۾ هڪ لفظ ويسٽ (مغرب/اولهه) کي مون کان وڌيڪ ڪير نٿو ڄاڻي جو استعمال به عام آهي اڄڪلهه هو پنهنجي تقريرن ۾ مغرب جو ذڪر ڪندو رهي ٿو. گذريل ڏينهن ملتان ۾ هڪ تقرير دوران به وزيراعظم چيو ته منهنجا پاڪستانيو، آئون مغرب کي سڀ کان وڌيڪ ڄاڻان ٿو مغرب کي اندر کان ڪير ايترو نٿو سمجهي جيترو آئون سمجهان ٿو مون زندگي جا 20 سال اتي گذاريا آهن ڪرڪيٽر جي حيثيت سان اهو وقت اتي گذاريو آهي آئون اتي يونيورسٽي ويس، آئون انهن جي سوچ کي ڄاڻان ٿو. جنهن بعد وزيراعظم جي اها ڳالهه سوشل ميڊيا تي بحث هيٺ آهي، ته عمران خان آخرڪار مغرب ۾ پنهنجي زندگي جو ايترو حوالي ڇو ٿو ڏئي، هن جي ذهن ۾ مغرب ڇو آهي؟ سوشل ميڊيا تي ردعمل ڏيندي وزيراعظم بابت مختلف تبصرا ڪيا پيا وڃن، فريحه عمران خان جي بيان کي ميم ذريعي بيان ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي جنهن ۾ هن هڪ بنگو ڪارڊ تي عمران خان جا اهي مقبول لفظ لکيا جيڪي هو اڪثر تقرير ۾ چوندو آهي جهڙوڪ مون وٽ سڀ ڪجهه هو.ماهين عثمان وزيراعظم جي تقرير تي تبصرو ڪندي لکيو ته جيڪڏهن هر ڀيري مغرب کي ڄاڻڻ جو چوڻ تي هڪ ڊالر ملي ها ته آئون سڀ کان وڌيڪ امير هجان ها، ماهم لکيو ته ڪاش مون پنهنجي يونيورسٽي جو سليبس ايترو ياد هجي ها جيترو عمران خان کي مغرب ياد آهي. مريم صبيح لکيو ته پاڪستان سان تعلق رکندڙ ڪيترين ئي آمريڪين وانگر آئون مغرب ۾ ڄائي آهيان ۽ مون کي لڳي ٿو ته آئون مغرب کي عمران خان کان وڌيڪ ڄاڻان ٿي.