پنو عاقل ۾ محمد بخش مهر جي سرپئنجي ۾ جرڳو: ڏيڍ ڪروڙ ڏنڊ جي فتويٰ

0
295

پنوعاقل: پيپلز پارٽي ايم اين اي محمد بخش مهر ۽ علي گوهر چاچڙ جي سرپئنچي ۾ ماڪا ۽ چاچڙ برادرين ۾ خوني تڪرار جو جرڳو ٿيو آهي، ماڪا برادري تي مجموعي طور تي ڏيڍ ڪروڙ ڏنڊ جي فتويٰ ٻڌائي وئي آهي

محمد بخش خان مھر ۽ غلام گوھر چاچڙ جي سرپئنچي ۾ نبيرو ٿيو، بابل ڀيو به موجود هو، جنهن دوران ڌرين جا بيان ٻڌا ويا

جرڳي دوران في خون جي بها 30لک رپيا ۽ 3زخمين جي 10-10لک رپيا مقرر ڪئي وئي، ماڪا برادري مٿان پنھنجي ماڻھو کي ماري ڪيس چاچڙ برادري تي داخل ڪرائڻ تي 20لک رپيا ڏنڊ رکيو ويو

جرڳي دوران ماڪا برادري مٿان مجموعي طور ڏيڍ ڪروڙ رپيا ڏنڊ رکيو ويو، فتويٰ ۾ چيو ويو ته ڏوهي ڌر ڏنڊ جي رقم قسطن ۾ ادا ڪندي

واضح رهي ته 2سال اڳ چاچڙ برادري جي پيءُ ۽ سندس هڪ پٽ کي فائرنگ ڪري قتل ڪيو ويو ھو، ڪيس ۾ عدالت چئن جوابدارن کي موت جي سزا به ٻڌائي چڪي آهي