بيجنگ (انٽرسٽنگ نيوز) چيني ڪمپني پنهنجي ملازمن ۾ اربين رپين جو بونس ورهائي سڀني کي حيران ڪري ڇڏيو. نوڪري ڪندڙ انسان کي جڏهن پگهار سان گڏوگڏ ڪمپني بونس به ڏئي ته ان جي خوشي ٻيڻي ٿي ويندي آهي، اوهان ڪمپنين طرفان ملازمن کي هڪ اضافيو پگهار بونس جي صورت ۾ ڏيندي ته ٻڌو هوندو پر اڄ اسان هڪ اهڙي ڪمپني بابت ٻڌائي رهيا آهيون جنهن پنهنجي ملازمن تي بونس جي صورت ۾ پئسن جي برسات ڪري ڇڏي آهي. رپورٽن موجب چين ۾ ڪرين ٺاهيندڙ هڪ ڪمپني (Henan Mine)  سالياني تقريب ۾ پنهنجي ملازمن کي ان وقت حيران ڪري ڇڏيو جڏهن هن 90 لک ڊالر (2 ارب کان وڌيڪ پاڪستاني رپيا) ملازمن ۾ بونس جي صورت ۾ ورهائي ڇڏيا. ڪمپني طرفان 17 جنوري تي سوشل ميڊيا تي هڪ وڊيو پوسٽ ڪئي وئي جنهن ۾ ڪمپني ملازمن کي اسٽيج تي ساڍا 6 فوٽ جي نوٽن جي ڍير مان پنهنجي هٿن ۾ نوٽن جا بنڊل کڻي ويندي ڏٺو ويو.