جاتي (ن پ ا) جاتي جي سماجي تنظيم سوشل ميڊيا مدد سان 7 مھينن کان گم ٿيل پنوعاقل واسڻ پيرسن عورت کي وارثن سان ملائي ڇڏيو. پيرسن عورت پنھنجي پٽ کي ڀاڪرن ۾ ڀري خوشيءَ مان لڙڪ لاڙي ويٺي. ڪراچي جي ڀينس ڪالوني واري علائقي مان ست مھينا اڳ گم ٿيل پيرسن عورت ذليخان مختلف شھرن مان ٿيندي جاتي پھتي ته سماجي تنظيم مددگار ويلفيئر ٽرسٽ جي اڳواڻن عادل لغاري ۽ غلام مرتضيٰ ترڪ سوشل ميڊيا تي تصويرون وائرل ڪيون، جنھن بعد پيرسن عورت جو پٽ عطاءُ الله گھنيو، ڀاڻيجا محمد سليم ۽ غلام رسول گھنيو پنوعاقل کان جاتي پھتا، جتي ٻڍڙي عورت پنھنجي پٽ ۽ ڀاڻيجن کي ڀاڪرن ۾ ڀري خوشي مان لڙڪ لاڙي ويٺي. پيرسن عورت جي پٽ عطاءُ الله گھنيو ٻڌايو ته امڙ ست مھينا اڳ ڪراچي مان گم ٿي ھئي. گهڻي ڳولا باوجود ڪٿان به ڏس نه پئي مليو، هن ٻڌايو ته امڙ جي گمشدگيءَ جي صدمي ۾ ننڍو ڀاءُ 35 سالن جو نصرالله فوت ٿي ويو، وري به الله پاڪ جو شڪر آهي جو نيڪ نوجوانن جي وسيلي امڙ ملي آھي.