پنوعاقل (رپورٽ:نديم بوزدار) پنوعاقل جي عنايت گوٺ واسي قانون جي شاگرد مٿان مبينا طور ڪارنھن الزام مڙھڻ کانپوءِ قتل جي فتوا جاري ڪئي وئي آهي ، مھراڻ ڪالوني واسي شاگرد مزمل عباسي کي ناري ساجده سان ڪارنھن الزام مڙھڻ کانپوءِ مبينا طور جرڳو ڪري مارڻ جي فتوا جاري ڪئي وئي آهي، جنھن کانپوءِ شاگرد جي گھر تي مارڻ لاءِ مبينا طور حملو ڪيو ويو پر پوليس جي پھچڻ تي ھٿياربند فرار ٿي ويا، اھڙي جرڳي ۽ فتوا خلاف الزام ھيٺ آيل شاگرد عدالت ۾ پھچي درخواست داخل ڪرائي ڇڏي آهي شاگرد مزمل عباسي پنھنجي وڪيل جي معرفت سيشن جج سکر جي عدالت ۾ درخواست داخل ڪرائيندي موقف اختيار ڪيو آھي ته عامر علي ولد سائين بخش ڪلھوڙو مونکان ٽي لک رپيا اڌارا ورتا ھئا جيڪي واپس گھرڻ تي پئسا ڦٻائڻ لاءِ مون مٿان جوابدار عامر ڪلھوڙو پنھنجي زال مسمات ساجده سان ڪارنھن جو ڪوڙو الزام مڙھيو جنھن کانپوءِ ڪارنھن واري مامري جو علائقي جي بااثر چيف انجنيئر اسحاق ڪلھوڙو جي بائجي چوڪ واري اوطاق تي 16 مارچ جي شام جو ڪارنھن جو جرڳو ڪري شاگرد مزمل عباسي ۽ ناري ساجده کي اٺن ڏينهن اندر قتل ڪرڻ جي فتوا جاري ڪئي آھي شاگرد درخواست ۾ وڌيڪ موقف اختيار ڪندي چيو آھي ته جرڳي کانپوءِ ناري جي وارثن الاھي بخش ڪلھوڙو ، انور ڪلھوڙو ، عامر ڪلھوڙو ، اشتياق ڪلھوڙو ۽ ٻين گھر تي حملو ڪري گھر ۾ ڀڃ ڊاهه ڪئي معجزاڻي طور آئون گھر ۾ نه ھجڻ ڪري بچي ويس اطلاع تي پوليس جي اچڻ جو ٻڌي جوابدار فرار ٿي ويا حياتي کي خطرو آھي تحفظ فراھم ڪئي وڃي ، جڏھن ته ڪارنھن الزام ھيٺ آيل ناري ساجده والدين جي گھر ترسيل ھجڻ جا اطلاع آھن ، جرڳو ڪرڻ جي الزام ھيٺ آيل بااثر چيف انجنيئر گڊو اسحاق ڪلھوڙو رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته ھو پنجن ڏينهن کان طبعيت خراب ھجڻ ڪري ڪراچي آھي ھن نه ڪو جرڳو ڪيو آھي نه ئي وري ڪارنھن واري مامري متعلق ڪا به ڄاڻ آھي جرڳي ڪرڻ جا الزام بي بنياد آهن ، جڏھن ته سٽي پوليس جو چوڻ آھي ته کين جرڳي متعلق يا الزام ھيٺ آيل نوجوان جي گھر مٿان حملي بابت ڪا به اطلاع ناھي مليل جيڪڏھن اطلاع ملي ھا ته ھو قانوني ڪاروائي ڪيون ھا .