عمرڪوٽ (رپورٽر) ڪرنا موري ڀرسان ڳوٺ مراد پلي واسي نوجوان شنڪر ڪولهي بجلي جي ٿنبي تي چڙهي ڪنڌ ۾ رسو ٻڌي خودڪشي ڪري ڇڏي، صوفي فقير ٿاڻي جي پوليس واقعي واري هنڌ پهتي ته وارثن لاش جو پوسٽ مارٽ۾ ڪرائڻ کان انڪار ڪيو، جنهن بعد صوفي فقير ٿاڻي جي پوليس وارثن جا بيان وٺڻ بعد واپس رواني، وارثن جو چوڻ آهي ته نوجوان شنڪر ڪولهي جو دماغي توازن درست نه هجڻ ڪري خودڪشي ڪئي آهي ۽ پهرين به ڪافي ڀيرا خودڪشي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي هئي. جڏهن ته چوٻول هلندڙ آهن ته نوجوان شنڪر ڪولهي بيروزگاري مان تنگ اچي ڳوٺ مراد پلي ۾ بجلي جي ٿنبي تي چڙهي خودڪشي ڪري ڇڏي آهي، رابطو ڪرڻ تي صوفي فقير ٿاڻي جي ايس ايچ او ٻڌايو ته اطلاع تي اسان واقعي واري هنڌ ڪرنا موري ڀرسان ڳوٺ مراد پلي ۾ پهتاسين جتي اسان لاش کڻي پوسٽ مارٽم ڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي پر خودڪشي ڪندڙ شنڪر ڪولهي جي وارثن لاش جو پوسٽ مارٽم ڪرائڻ ۽ قانوني ڪارروائي ڪرڻ کان انڪار ڪيو، جنهن تي مون پوليس جي ضروري ڪارروائي ڪري واپس موٽي آيس.