پنوعاقل: بيدردي سان قتل ڪيل نينگر سان بدفعلي جي تصديق

0
372

پنوعاقل (ن پ ا) پني عاقل ۾ مسجد جي ڇت تي بيدردي سان قتل ڪيل نينگر آفاق واگهو سان روهڙي ليباريٽري به بدفعلي جي تصديق ڪري ڇڏي، ڪجهه مهينا اڳ مهراڻ ڪالوني ۾ محمدي مسجد جي ڇت تان آفاق واگهو جو لاش مليو هو، نينگر کي گهٽا ڏئي ۽ تشدد ڪري قتل ڪيو ويو هو، ڊاڪٽرن پاران سندس جزا ڪڍي روهڙي جي ڪيميڪل ليبارٽري اماڻيا ويا جيڪا رپورٽ پازيٽو اچي وئي، روهڙي ليبارٽري جي ڊاڪٽر فيروز الدين ڌاريجي رپورٽ جاري ڪري ڇڏي، نينگر جو ڪيس سٽي ٿاڻي تي داخل ٿيل،جنهن ۾ مک جوابدار الياس جتوئي سميت 3 جوابدار گرفتار ٿيل آھن.