حريم جي ڪنهن وزير سان شادي ناهي ٿي، اهو شوشو آهي: بلاول

0
617

اسلام آباد/ڪراچي (بيورو رپورٽ +اسٽاف رپورٽر) پ پ جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري سنڌ جي ڪنهن صوبائي وزير جي حريم شاهه سان شادي جي خبر کي شوشو ۽ مسئلن تان ڌيان هٽائڻ جي سازش قرار ڏنو آهي جڏهن ته صوبائي وزير ناصر حسين شاهه حريم شاهه کي ڌيءُ بڻائي ڇڏيو آهي. زرداري هائوس ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي بلاول چيو ته اهو شوشو آهي مسئلن تان ڌيان هٽائڻ لاءِ اهڙيون ڳالهيون ڪيون وينديون آهن، هي سڀ ائين آهي اهڙين حرڪتن جي ڪا حيثيت نه آهي، ۽ نه ئي ان قسم جي ڪا ڳالهه ٿي آهي. صحافي جي سوال تي بلاول پهرين مسڪرايو، ٿڌو ساهه ڀريو ۽ پنهنجي خاص انداز ۾ وضاحت ڪئي. ٻئي طرف صوبائي وزير ناصر حسين شاهه چيو ته حريم شاهه به اسان جي ائين ئي ڌيءُ آهي جيئن ٻيون ڌيئرون آهن.