پنهنجي ڪهاڻي احساس جو تضاد…!

0
246

 اسٽيشن تي اوچتو افراتفري مچي وئي. بوگين ۾ ويٺل مسافر ھڪدم ھيٺ لھي آيا. سڀني جي زبان مان ساڳيو ئي سوال پئي نڪتو،”ڇا ٿيو آ؟..”

                         “ٻلي چڙهي وئي آ، ريلَ جي مٿان..” ڪجهه سيڪنڊن ۾ جواب سڀني جي اڳيان اچي ويو.

                         “ته، لاھِنس ڇو نه ٿا..” ھڪ اڌڙوٽ فيشن ايبل گوري رنگ جي عورت ذري گهٽ آپي مان نڪرندي چيو،”مونکي ٽائيم تي مانچسٽر پُڄڻو آهي. جتي منهنجي ماءُ انتظار ڪري بيزار ٿيندي..”

                         “ڪوششون ھلن پيون. پر ٻلي وَٺُ نه ٿي ڏئي. پُتِڪو ڏئي ھڪ بوگيءَ تان ٻيءَ تي ھلي ٿي وڃي..”

                         “عجيب مصيبت ۾ ڦاٿاسين. خبر ناهي ڇا ٿيندو..”

                         “ڪو نه ڪو حَلُ ته ڪڍڻو پَوَندن نه. ڪو ھڪ ٻه مسافر ته ڪونهي. سوين آهن ۽ ريلوي انتظاميا کي مسافرن کي منزل تي پُڄائڻ لاءِ پنهنجي ساکَ پَتِ به ته بچائڻي آهي نه..”

                         ائين ٽن ڪلاڪن جو عرصو گذري ويو ۽ مسافرن ۾ ساڳي طرح ڳالھيون جاري ھُيون، ته ريلوي انتظاميا پاران لنڊن جي ان اسٽيشن تان ٻي ريل جو بندوبست ڪيو ويو. جنهن ۾ مسافرن کي”تمام گهڻي معذرت” جا لفظ چئي، سوار ڪري پنهنجي منزلن ڏانهن روانو ڪيو ويو.

مسافرن ۾ ٻه سنڌي به ھئا. جن مان هڪ ھلندي ريل ۾ ٻئي کان پڇيو،”تو ڪڏهن قلندر شهباز جي ميلي تي ريل ۾ سفر ڪندڙن کي ڏٺو آهي؟..”

“ھا چڱيءَ طرح. سڀني بوگين جي ڇتين تي ماڻهو ئي ماڻهو ھوندا آھن ۽ انهن وچ ۾ تِرَ ڇَٽِڻَ جي جاءِ به نه ھوندي آھي..”

“سفر دوران ڇتين تان ڪِري ڪيترا مسافر اَجَلَ جو شڪارُ به ٿيندا آهن..”

“بلڪل..”

“ته، ڀيٽَ ڪَرِ ھِنَ ٻليءَ جي حوالي سان اُتان ۽ ھِتان جي ريلوي انتظاميا جي..”

“ڪھڙيون ٿو ڳالهيون ڪرين، اسان مُھين جي دڙي جي دور مان نڪري ھزارين سال اول جنهن اونداھي جهنگَ ۾ ھليا ويا هئاسين، اُتان ٻاهر نڪرڻ جو روشن دَڳُ اَڄُ تائين ٻُڌاءِ، ڪنهن به حوالي سان مليو آ اسانکي..؟!..”