پنهنجون پوسٽون سنڌي هندو واپس سنڌ موٽي اچي يا نه ؟؟

0
244

ڪجهه ڏينهن اڳ هڪ آمريڪي مهمان سان منهنجي گهر ڪچهري ٿي چوي پيو ته خواهش آهي ته سمورا هندو سنڌي واپس سنڌ موٽي اچن. مون اها ڳالهه ٻڌڻ کان پوءِ سوچي سمجهي ان دوست کي انتهائي احترام سان جواب ڏنو ته …ايندڙ وقت ۾ سنڌي پنهنجي ئي ڌرتي تي اقليت ۾َ تبديل ٿي ويندا ان ۾ رتيءَ برابر به شڪ ناهي، ان جو سبب آهي ته اوهان جا چونڊيل نمائندا اوهان سان مخلص ناهن،  نه ئي ڪو سرڪار وٽ ڊيٽا بيس آهي ته ڪيترا ڌاريا سنڌ ۾ آيا آهن ۽ نه ڪو سنڌ جو سياسي والي وارث آهي جنهن کي ڪو فڪر هجي !!

                         ڪجهه نوجوان آهن جيڪي فيس بوڪ تي مسلسل رُڙيون ڪندا ٿا وتن ته ڌاريا روڪيو پر فيس بوڪ تي احتجاج ايترا اثرائتا ناهن جو ڌارين جي آمد کي روڪي سگهن. ڌارين آبادڪاري خلاف سنڌ سرڪار جي واضع پاليسي هجڻ گهرجي،  جنهن تحت بارڊر تي انٽري کان ويندي سمورا ڪاغذ ۽ ورڪ پرمٽ تائين هر چُرپر جو رڪارڊ هجڻ گهرجي. معزز مهمان وري به ساڳئي ڳالهه ورجائي ته هندو سنڌي موٽي اچو ۽ اچي سنڌ جي مالڪي ڪيو، مون ادب سان وراڻيو ته سنڌ هاڻ هندو سنڌي جي ناهي رهي، مالڪي اهي ڪن جيڪي اڪثريتي (مسلمان) سنڌي ڌرتي تي موجود آهن.

حڪومت سنڌين جي، وزيراعلي سنڌي، وزير ۽ مشير سنڌي سنڌ هاءِ ڪورٽ جو چيف جسٽس سنڌي،  هر اداري جو سربراھ سنڌي ته پوءِ به هندو سنڌي موٽي اچي سنڌ جي مالڪي ڪري ته اها ڳالهه سمجهه ۾ نه ٿي اچي !!! اڪثريتي (مسلمان) سنڌي اڳئي موجود آهي اهو مالڪي ڇو نه ٿو ڪري ؟؟ ان جا ڇا سبب آهن ؟؟

مون وري به ادب سان وراڻيو ته توهان هڪ ڳالهه جي پڪ ڏيو، ته جيڪي سنڌ ۾ ٻه سيڪڙو هندو سنڌي رهيل آهي انهن جي جان، مال ۽ نياڻين جي حفاظت نه پئي ٿئي ته ٻيا اهڙي صورتحال ۾ ڪيئن موٽي ايندا ؟؟؟؟؟؟ (فيس بوڪ وال تان ورتل)