سوال/سروي بدامني وڌي وئي، منشيات جو به سرعام وڪرو: حڪومت ۽ پوليس ذميوار آهن: عوام

0
370

 ڊيلي پنهنجي اخبار جي فيس بوڪ پيج تي عوام کان سوال ڪي ويو ته منشيات جو وڪرو وڌي ويو آهي بدامني ۾ به اضافو ٿي ويو آهي ان جو ذميوار ڪير آهي؟ اوھان جي علائقي ۾ ڇا صورتحال آھي؟ جنهن تي اڪثر ماڻهن چيو ته اسان جي علائقي ۾ بدامني وڌي وئي آهي، منشيات جو ڪاروبار به سرعام هلي ٿو، ان جي ذميوار پوليس آهي، سنڌ سرڪار، مقامي انتظاميا سان گڏ شهري پاڻ به ذميوار آهن، سوال/سروي سلسلي ۾ شيئر ڪيل پوسٽ تي ڪمينٽ ڪندي امجد عاجز منگي لکيو ته ذميوار ر پوليس، صحافي، سول سوسائٽي ۽ خاص طور تي هر اهو ننڍو وڏو وڏيرو آهي، خادم گهراڻو لکيو ته منشيات جو ڪاروبار وڌڻ جي ڪري نئون نسل تباهه ٿي رهيو آهي، عبدالغفور سروهي لکيو ته حيدر آباد ۾ منشيات توڙي ٻيون سماجي برايون سرعام جاري آهن، حڪومت، انتظاميا، پوليس، صحافي، سول سوسائٽي ۽ شهري پڻ ذميوار آهن. شاهنواز چاوڙو لکيو ته سيراڻي شهر ۽ ڀرپاسي ۾ منشيات سرعام وڪرو ٿئي ٿي، حبيب الله عمراڻي لکيو ته نيوڇور ۾ منشيات جو ڪاروبار عروج تي آهي پر انتظاميا ڪو به قدم نه کنيو آهي، حاڪم ڪٽوهر لکيو ته سنڌ سرڪار ذميوار آهي، سينگار علي لکيو ته تعلقي باقراڻي جي شهر خير محمد آريجا ۾ بدامني وڌي وئي آهي ان جي ذميوار سنڌ پوليس آهي، سيد احمد شاهه لکيو ته خانواهڻ شهر ۾ منشيات جو ڪاروبار عروج تي آهي پوليس ۽ اسان جا نمائندا ذميوار آهن، سرفراز لکيو ته پوليس ڪنٽرول ڪري ته ڪجهه نه ٿيندو، مبين اڄڻ لکيو ته کھڙا جي ڀرسان ھڪ ڳوٺ آھي ڪليري ڳوٺ جنھن ۾ وڏيرو منشيات جو ڪاروبار ڪندو آهي، ساحل عالياڻي لکيو ته منشيات جٿي ڪٿي پوليس جي سربراهي ۾ هلي رهي آهي، ڍورونارو ۾ به منشيات هلي ٿي، نديم مهر لکيو ته ذميوار پوليس ۽ خاص طور تي ايس ايس پي آهي،ڪاشف ڪنڀر لکيو ته نيوڇور هجي يا عمرڪوٽ منشيات هر هنڌ وڪرو ٿي پئي، لياقت نهڙي لکيو ته پوليس ذميوار آهي، محمد خالد ميمڻ لکيو ته پوليس ڪارروائي نٿي ڪري، شنڪر باغي لکيو ته ٿرپارڪر ۾ منشيات هلي ٿي جنهن ۾ پوليس، ڀوتار ملوث آهن، آفتاب لغاري لکيو ته چمبڙ ۾ به منشيات سرعام سپلاءِ ٿي رهي آهي، باغي مختيار ميمڻ کيو ته سڄي سنڌ ۾ منشيات جو آزار آهي، نورالدين مسرور لکيو ته نوجوان نسل بلڪل انهي شيءِ جي گرفت ۾ اچي ويو آهي، منظور زرداري لکيو ته پوليس ۽ ڪامورا ذميوار آھن، آسودومل لوهاڻا لکيو ته پٿورو ۾ به منشيات وڪرو ٿئي ٿي، زاهد حسين دشتي لکيو ته پوليس ذميوار آهي، ظفر رند لکيو ته مقصودو رند شھر ۾ منشيات هلي ٿي، پوليس سان گڏ صحافي به ذميوار آهي، ايم جڙيل چانڊيو لکيو ته اسان وٽ فريد آباد ۾ بدامني وڌي وئي آهي، ايم عيسيٰ لنڊ لکيو ته پنگريو، بدين ۾ منشيات پوليس جي سرپرستي ۾ هلي ٿي، عبدالرحمان چانگ لکيو ته ضلعي خيرپور جو فيض گنج تعلقو هن وقت بدامني جي ور چڙھيل آهي، جاويد زرداري لکيو ته قانون نالي ڪا شيءِ ناهي، ساگر علي رضا لکيو ته ضلعي سجاول ۾ به منشيات سرعام وڪرو ڪئي پئي وڃي، عرفان جروار لکيو ته سنڌ پوليس ۾ لڪيل ڪارين رڍن خلاف ڪارروائي ٿيڻ گهرجي، جمال الدين چنا لکيو ته سڄي سنڌ ۾ منشيات جو ڪاروبار هلي ٿو بدامني وڌي وئي آهي، نماڻو نوناري لکيو ته پوليس ذميوار آهي، حسام نظاماڻي لکيو ته بدين ۾ منشيات جو آزار آهي، طارق باجڪاڻي لکيو ته ڪشمور ضلعي ۾ موٽرسائيڪل چوري جون وارداتون وڌي ويون آهن،  وفا اظهر علي لکيو ته سيوهڻ ۾ منشيات هلي ٿي، ظفر ملاح لکيو ته نوابشاهه ۾ منشيات وڪري جي پوليس ذميوار آهي، ماجد پلهه لکيو ته پوليس کپائڻ واري کي گرفتار ناھي ڪندي، بجار خان جعفري لکيو ته ڪشمور ضلعي ۾ به بدامني عروج تي آھي، امتياز چانڊيو ۽ بشير ميراڻي لکيو ته سجاول ضلعي ۾ منشيات وڪري خلاف ڪارروائي نٿي ڪئي وڃي، عصمت الله ڀٽي لکيو ته رتوديرو شهر ۾ ڦر ۽ چوري معمول آهي،شاهد بلوچ لکيو ته ناري تعلقي ۾ منشيات جو وڪرو عام آهي، محمد موسيٰ سرڪي لکيو ته ڳڙهي حسن سرڪي ٺل ۾ منشيات هلي ٿي، شرف الدين ڪيريو لکيو ته ڀريارود ۾ منشيات هلي ٿي، عامر ڪلھوڙو لکيو ته نصيرآباد ۾ بدامني وڌي وئي آهي، پوليس ذميوار آهي، حاجي خان پنهور لکيو ته ٽنڊو غلام حيدر ته هاڻ منشيات جو ڳڙهه سڏجي ٿو، راشد رولاڪ لکيو ته پوليس منشيات مان ڀتو حصو وٺڻ بند ڪري ته ڪنهن کي جرئت نه ٿيندي، غلام رسول راهمون لکيو ته عمرڪوٽ ۾ منشيات هلي ٿي، احسان فقير، اسدالله هنڱورجو، ذاڪر کوسو، عزيز زرداري، سمرن ڪي، علي مراد جوکيو به سروي ۾ حصو ورتو، عالم پالاري لکيو ته ڪوهستان ۾ منشيات هلي ٿي پوليس ذميوار آهي.