جيل جي ڊائريءَ جا ورق!

(حصو ٻيون)

پريتم کان بستري جي چادر بدلي ڪرايم، هڪ قيديءَ کي ڊڪشنريءَ جو استعمال ڪرڻ سيکاريم. اڄوڪي اخبار کوليم ته خبر پئي ته اڄ رڪشا ٻنڌڻ جو ڏينهن آهي. ڀينرن ڀائرن کي راکيون ٻڌيون ۽ ڀائرن ڀينرن جو محافظ رهڻ ۽ محبت جو وچن ورجايو. ڀائرن ۽ ڀينرن هڪ ٻئي کي مٺايون کارائي تحفا پڻ ڏنا. اهڙي خبر پڙهي آئون به پنهنجي ڀينرن کي گھڻو ياد ڪري رهيو هئس. منهنجي وڏي ڀيڻ جنهن ڄڻ ته مون کي پاليو آهي، ان جي تمام گھڻي ياد اچي رهي آهي. گھڻا سال ٿيا آهن اُن سان ملاقات به ناهي ٿي. هوءَ پنهنجي مڙس سان گڏ مييرپورخاص ۾ خوشگوار زندگي گذاري رهي آهي. اڪثر انهن جا سلام وغيره ملندا رهندا آهن، مون کي اُميد آهي ته جلد آزاديءَ ۾ انهن سان ملاقات ٿيندي، منهنجي ڀيڻ منهنجي لاءِ گھڻي پريشان آهي. پورو هڪ ڪلاڪ ڪامريڊ منظور ڪانڌڙي سان گڏجي پسار ڪيم. جھونو ڪامريڊ مير مرتضيٰ ڀُٽي جي ويجھن ساٿين مان هڪ آهي. ان جي صحبت ۾ تمام گھڻو سکڻ لاءِ ملي ٿو. هو تازو ميرپور خاص جيل ياترا تان ٿي آيو آهي. ڪامريڊ چيو ته اُتان جا قيدي توکي تمام گھڻو پسند ڪندا آهن. هڪ ڇڇر ذات جو قيدي ته تمام گھڻا تنهنجا ڪالم ۽ شاعري گڏ ڪيو ويٺو آهي. ڪامريڊ چيو ته تنهنجي جيل جي ڊائري اصل ۾ قيدين ۾ انهن جي حقن جي لهر لهرائي ويندي آهي. هُن ڪجھه سوچڻ کان پوءِ چيو ته نعمت الله باچڪاڻي نالي هڪ سپاهي ته توسان حد درجي جي نفرت ٿو ڪري ۽ هُن ديڳ به باسي آهي ته مولا آصف ڇلگريءَ سان ملان ته اُن جي خبر وٺان. مون هڪ ٽهڪ ڏيندي ڪامريڊ کي چيو ته ڪاش مولا اُن سان مِلائي. اهڙا خبر ناهي گھڻا انگريز جو اولاد آهن جيڪي مون کان نفرت ڪندا آهن پر ڇا طوفان ڪو زنجير هڻي قيد ڪري رکي سگھجي ٿو. جي نه ته پوءِ منهنجا خيال به ڪو قيد ڪري نٿو رکي سگھي. ها اهو عمل عارضي ته ٿي سگھي ٿو پر هميشه لاءِ نه!(جاري)

 

آصف غلام رسول ڇلگري/سينٽرل جيل حيدرآباد

 

سينٽرل جيل جي قيدي، آصف غلام رسول ڇلگريءَ ڏانهن چٺي!‎‎

 

پيارا آصف، لاڙ جي پوٺن تان پهرين پيار جهڙو سڪ ڀريو سلام شال قبول پوئي، اميد ته حيدرآباد جي هوائن ۾ جيل جي بند ڪوٺڙيءَ ۾ بند هوندي به مسڪرائيندا هوندئو. پيارا آصف! ڪي ڪي ماڻھو روح اندر ۾ ايئن لهي ويندا آھن جيئن هو نڪري ته ڄڻ دم نڪرڻ لڳندو آهي، يا ته وري لاکيڻي لطيف جي سٽن جيان ته:

منجهان منهنجي روح، جي وڃي ساجن وسري،

مر لڳي لوهه، ٿر ٻاٻيهو ٿي مران.

پيارا آصف، الائجي ڇو توسان ته ڪو رت جو رشتو ناهي پر پنهنجي اخبار جي چٺين ۾ تنهنجي اوتيل درد کي پنهنجو درد سمجهي توسان روح جو رشتو اهڙو ته رلجي ويو آھي جو هنن آسوند اکين کي تنهنجي ديدار جي تات ۽ طلب ٿي پئي آھي. تنهنجي جيل اندر لکيل ڊائري جيتوڻيڪ پنهنجي اخبار جي صفحن تان سموري ناهيان پڙھي سگهيو پر جڏهن به پڙھي اٿم تنهنجيون تحريرون روح اندر ۾ لهي وينديون آھن. علم، ادب، تاريخ ۽ فلسفي تي جڏهن تون ڳالهائيندو آھين ته لڳندو آهي ته ڄڻ آئون پنهنجي پاڻ سان ڳالهائيندو هجان، ته ڇا هڪ پڙھيل لکيل فلاسافرن جهڙا فلسفا ٻڌائيندڙ به قيدي ٿي سگهي ٿو؟ تنهنجي ڊائريءَ ۾ چنڊ، چانڊوڪي راتين جو ذڪر، پيار، وفا ۽ سُر سنگيت جا جيڪي قصا جڙيل هوندا آھن، اهي پَسي ايئن محسوس ٿيندو آھي ته رات جي پوئين پهر ۾ تون به اسان سان ڪنهن نازنين جي نينهن جا قصا ڇيڙي رهيو آھين. پيارا آصف! تنهنجي جيل ڊائري ڪتاب جي صورت ۾ خبر ناهي ڪڏهن پهچندي پر توسان ملڻ جي آس به اڌوري رهجي وئي آھي. ڪڏهن ڪڏهن ايئن ٿيندو هو جو توسان ملڻ جي آس من ۾ سانڍي توسان ملاقات جو سوچيندو هئس ته پاپي پيٽ ۽ خالي کيسا مون کي لاڙ جي هڪ ڳوٺ کان حيدرآباد سينٽرل جيل تائين نه پهچائي سگهندا هئا پر هاڻ ايئن آھي جو وقت ۽ مصروفيتن پيرن ۾ ايڏا ڏانوڻ وڌا آھن جو حيدرآباد اچڻ بس اتفاق ٿئي ٿو. پيارا آصف! گذريل جمعي جي ڏينهن پنهنجي ڪنهن ڪم سانگي سٽي گيٽ تي پهتس ته منهنجا قدم پنهنجو پاڻ سينٽرل جيل جي گيٽ طرف وڌيا، تنهنجي خوشبو پاڻ ڏي ڇڪيو، گيٽ تي پوليس وارن کي توهان سان ملاقات ڪرائڻ جو چيم پر انهن اهو چئي روانو ڪيو ته جمعي ۽ ڇنڇر تي ملاقات ناهي هوندي. ڇا اهو سچ آھي آصف؟ ته هنن ڏينهن ۾ توهان سان ملاقات نٿي ڪري سگهجي؟ زندگيءَ ۽ وقت ساٿ ڏنو ته تنهنجي ديدار لاءِ ضرور اچبو، تنهنجي آزادي ۽ آزاد فضائن ۾ تنهنجن ٽھڪن وکيرڻ لاءِ دعاڳو آھيان. شال سلامت هجين لاڙ جي پوٺن تان پيار جو هي پهريون پيار شال قبول پوي.

 

غلام علي “گل” ٻجورو/ سجاول

هڪ چٺي تعليم واري وزير ڏانهن!

 

سنڌ جي تعليم واري وزير سيد سرادر علي شاھ صاحب ۽ سنڌ يونيورسٽي ڪاليج سائيڊ واري آفيسرن ڏي منهنجي چٺي جو پيغام آهي ته صادق فقير گورنمينٽ ڊگري ڪاليج مٺي کي پٽيوالا هلائڻ لڳا آهن، جڏهن ته ڪلارڪ ۽ سپرنڊينڊنٽ شاگردن جا پئسا ڳڙڪائڻ لڳا آهن. ياد رهي ته هن ڪاليج ۾ ماضيءَ ۾ اهڙا ڪڌا ڪرتوت عروج تي رھيا آهن جو انهن بابت ڪير به پڇڻ وارو ڪونهي. ھتان جي انتظاميا کان جڏهن ڪو سوال پڇيو وڃي ٿو تڏهن هي بدتميزيءَ تي لهي شاگردن کي ڌمڪايو وڃي ٿو. هن ڪاليج ۾ مقرر ٿيل عملو ڪرپٽ مافيا بڻجي چڪو آھي. اسان سنڌ جي تعليم واري وزير سيد سردار شاھ صاحب ۽ تعليم جي سيڪريٽري اڪبر لغاري کي عرض ڪنداسين ته هن ڪاليج تي نظر وجهي پگهارن کان ڊبل ٽپل ڪمائيندڙ پٽيوالن ۽ ڪلارڪن توڙي هتي مقرر ٿيل پرنسيپال تي سخت نظر وجهي مون جهڙن شاگردن سان انصاف ڪيو وڃي ۽ ان سان گڏوگڏ سنڌ يونيورسٽيءَ جي اعليٰ عملدارن کي اپيل ڪنداسين ته هن ڪاليج جي طرفان ڪا به اسان کي انفارميشن نٿي ڏني وڃي، جيڪو اوهان سان سلهاڙيل BA ۽ MA جون ڊگريون آھن، ان خلاف به ڪو رد عمل جوڙيو وڃي جيئن هن ڪاليج جي ستل انتظاميا کي خبر پوي ته يونيورسٽي پاران هي ڪا ذميواري اسان کي ڏنل آھي. منهنجو آواز سنڌ جي تعليم کاتي جي وزير ۽ سنڌ يونيورسٽي انتظاميا تائين دوستن جو ساٿ هجڻ ضروري آھي، جيئن ٻھراڙين جي غريب شاگردن کي انصاف ملي سگھي.

 

محمد اسلم سميجو/ڪراچي

 

ڊي ايڇ او گهوٽڪي جون ناجائزيون!

 

اڳوڻي ڊي ايڇ او باقر جتوئي بي سبب هيلٿ کاتي جي ملازمن کي انهن جي نوڪرين تان هٽائي ڇڏيو آهي، هن ڊي ايڇ او شپ تان لهڻ کان پوءِ ڪوڙي صحيح ۽ ڪوڙي آئوٽ ورڊ جيڪو اڳين مهيني جي ڏهه تاريخ جو لڳل هو ۽ هي اسان کي سوا مهيني کان پوءِ ڏنو ويو ۽ اسان لاڳيتو پنهنجي ڊيوٽين تي ڪم ڪندا رهياسين پر هن مهيني جي 17 تاريخ تي هي ليٽر ڏئي اسان جون پگهارون بند ڪيون ويون آهن، جڏهن ته اسان ڊي جي هليٿ وٽ اپيل ڪئي سين ته هن اسان کي بحال ڪري ڇڏيو ۽ هي ليٽر کڻي موجوده ڊي ايڇ او جي آفيس پهتاسين ته ڊي ايڇ او اسان کي ڪا به موٽ نه ڏني ۽ هڪ سوچيل سمجهيل پلاننگ تحت اسان کي ڪلارڪ آفيس ڏانهن موڪلي پاڻ آفيس مان نڪري ويو. ڪلارڪ عملو به ڪنهن دهشتگرد کان گهٽ ناهي، پهرين ته هنن اسان کي آفيس ۾ گهڙڻ به نه ڏنو ۽ وڙهڻ لاءِ پهريان کان تيار ويٺل هئا، جيڪي اسان سان وڙهي پيا ۽ هٿرادو آفيس جي ڀڃ ڊاهه ڪري اسان مٿان ايف آءِ آر ڪرائي وئي. ڊي ايڇ او گهوٽڪي صرف هڪ طرفو ٿي ڪم ڪري پيو، آفيسر هميشه وچ ٿرو هوندو آهي، جنهن کي سمورو عملي تي هڪ جهڙي نظر رکڻي هوندي آهي پر هي ڊي ايڇ او الائي ڪنهن جي اشاري تي اسان ننڍن ملازمن خلاف اهڙيون ڪڌيون ڪارروايون ڪري پيو. اسان اعليٰ ادارن کان انصاف جو مطالبو ڪيون ٿا ۽ اسان کي انصاف ڪري اسان جون ڊيوٽيون بحال ڪري ڪرپٽ ڪاموري سميت ڪرپٽ عملي کي قانون جي ڪٽهري ۾ آندو وڃي.

 

علي حسن “احسن” چڍڙ/ميرپورماٿيلو

 

سرڪاري ڳوٺ آباد اسڪيم ۾ ٿيل بي قائدگين جي جاچ ڪرايو!

 

سال 1987ع ۾ جڏهن سنڌ جو وزير اعليٰ سيد غوث علي شاہه ھو ته سائين ڦل شھر آيو ھو ۽ ھينئر جتي ڦل ٿاڻو ٺھيل آھي، ان پلاٽ تي ھڪ وڏو عام جلسو ڪيو هيائين، جنهن ۾ ساڻس چيهو شهر جو رئيس احمد خان راڄپر ۽ ٻيا اهم ضلعي اڳواڻ گڏ هئا. ان جلسي ۾ وزير اعليٰ غوث علي شاہه ڦل جي بيگھر ماڻھن کي سرڪاري پلاٽ مفت ۾ ڏيڻ جو اعلان ڪندي هڪ اسڪيم جنهن جو نالو “ڳوٺ آباد اسڪيم” رکي ان اسڪيم تحت ڦل، پڊعيدن روڊ جي وچ ۾ واقع هڪ سرڪاري زمين تي پلاٽ ڏيڻ جو اعلان ڪيو ۽ ان ڳوٺ آباد اسڪيم جو چيئرمين ڦل شهر جي هڪ معزز گهراڻي سان تعلق رکندڙ رئيس غلام نبي خان ڦل کي بڻايو ھو ۽ ان سان گڏ هڪ ڪاميٽي ٺاهي ان ۾ ڪجھ شهر جا ميمبر پڻ کنيا ھئا، جن غريبن مسڪينن بيگھر ماڻھن جي لسٽ ٺاھي ۽ انھن کي ان ڳوٺ آباد اسڪيم ۾ مفت پلاٽ ڏنا. ان ڳوٺ آباد اسڪيم ۾ جن به بيگھر ماڻھن کي پلاٽ ڏنا ويا انھن لاءِ ڪجھ شرط به رکيا ويا ھئا شرط نمبر 1: پلاٽ انھن ماڻھن کي ڏنا ويندا جن کي اڳ ۾ گھر نه ھجن. 2: جن به بيگھر ماڻھن کي پلاٽ ڏنا ويندا اھي ڪڏھن به پلاٽ وڪرو نه ڪندا، جي ڪنھن به پلاٽ وڪرو ڪيو ته ان جو پلاٽ ڪينسل ڪيو ويندو، اھڙا شرط پلاٽ جي سند تي پڻ لکرايا ويا. 3: انھن پلاٽن کان سواءِ ان ڳوٺ آباد اسڪيم ڪالوني ۾ عوام لاءِ ھڪ ڪميونٽي سينٽر، ھڪ پارڪ، 6 دڪان ۽ ھڪ خالي پلاٽ (جيڪڏھن به ڪا سرڪاري اسڪيم واٽر سپلاءِ، اسڪول، انتظارگاہه، اسپتال وغيرہ) لاءِ پڻ الڳ سان رکيو ويو ھو.2002ع ۾ ان ڪاميٽي جي چيئرمين رئيس غلام نبي ڦل يوسي ڦل ۾ ھڪ درخواست ڏني ھئي ته ان ڳوٺ آباد جي پلاٽن تي ھڪ قبضا گروپ قبضو ڪري ڪجھ دڪان ٺھرائي رھيا آھن، انھن کي روڪيو وڃي، اھڙي درخواست تي يوسي ڦل جي اسيمبليءَ مان ھڪ ٺهراءُ پڻ منظور ڪري اعليٰ اختيارين ڏانھن موڪليو ويو پر ان جو ڪنھن به ڪو به نوٽيس نه ورتو. ھاڻ اسان شھرين جو سپريم ڪورٽ آف پاڪستان، سنڌ ھاءِ ڪورٽ ۽ ٻين اعليٰ اختيارين کان مطالبو آھي ته ان ڳوٺ آباد اسڪيم جي جاچ لاءِ ھڪ بااختيار ڪاميٽي جوڙي جاچ رپورٽ وٺي ان آڌار تي فيصلو ڏنو وڃي ته جن به مالڪن پلاٽ وڪرو ڪيا انھن جي مالڪي ختم ڪئي وڃي، جن به قبضا مافيا سرڪاري پلاٽن تي قبضا ڪيا انھن جا قبضا ختم ڪرائي اتي عوام لاءِ پارڪ، ڪميونٽي سينٽر ٺھرايا وڃن ۽ جن عوامي عھدن جو ناجائز استعمال ڪري ڪوڙيون سندون من پسند ماڻھن کي ڏنيون اھي رد ڪيون وڃن.

 

محمد خالد ميمڻ/ڦل شھر

 

اڃا تائين رستو نه ٺهيو؟

 

ميرپورخاص ڊويزنل هيڊڪوارٽر جي سول اسپتال کي ڏيڍ سال اڳ ميرپورخاص شهر کان 6 ڪلوميٽر پري نئين تعمير ٿيل ڊسٽرڪٽ هيڊڪوارٽر سول اسپتال جو رستو تعمير ٿيڻ سبب معمولي برسات جو پاڻي 10 ڏينهن گذرڻ باوجود ڪلر واري رستي تي برسات جو پاڻي ايندڙ ويندڙ مريضن ۽ سول اسپتال جي سوين ملازمن لاءِ آزار بڻيل آهي. چيو ٿو وڃي ته ضلعي اسپتال جي رستي جي تعمير جو ٺيڪو ٿي چڪو آهي پر ڊسٽرڪٽ هاءِ وي کاتي جو رشوت تي هريل ايگزيڪيوٽو انجنيئر رستي جي ٺيڪيدار کان وڏي رشوت نه ملڻ سبب ورڪ آرڊر جاري نه پيو ڪري، جنهن ڪري رستي جو ڪم شروع نه ٿيڻ سبب سوين مريض ۽ اسپتال جو عملو سخت پريشان آهي. ڪيترائي پنڌ مريض مرد ۽ عورتون ڪري زخمي ٿي چڪا آهن پر راشي انجنيئر بنا رشوت جي ورڪ آرڊر جاري نٿو ڪري، جنهن ڪري رستي جي اڏاوت جو ڪم شروع نه ٿي سگهيو آهي. ٻئي طرف ميرپورخاص ضلعي ۽ ميونسپل انتظاميا جي نااهليءَ سبب هفتي کان پهرين پيل برسات جي پاڻي ڪڍڻ جو ڪو به انتظام نه ڪري پنهنجي لاپرواهي ۽ غفلت جو مظاهرو ڪري چڪي آهي پر طاقتور ڪامورن کان ڪو پڇڻ وارو ناهي. رستو ڪچو هجڻ سبب رڪشا ۽ چنگچي رڪشا ڪلٽي ٿيڻ ۽ موٽر سائيڪلون سلپ ٿيڻ معمول بڻيل آهي. پاڻيءَ سبب ڊاڪٽرن، عملي ۽ مريضن کي اچڻ وڃڻ ۾ سخت تڪليفن کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي. ميرپورخاص ضلعي جي عوام، صوبائي وزير ورڪس ۽ سروس کاتي جي وزير سيد ضياءَ عباس، ڊيوزنل ۽ ضلعي انتظاميه کان مطالبو ڪيو آهي ته هو فوري طور نوٽيس وٺي ڊسٽرڪٽ هيڊ ڪوارٽر اسپتال ميرپورخاص جي رستي جو ڪم فوري طور ڪري شروع ڪري ايندڙ برساتن کان اڳ تعمير ڪرائي مريضن ۽ اسپتال جي عملي جي ڏکيائين کي ختم ڪيو وڃي ۽ راشي انجنيئر خلاف ڪيس داخل ڪري ڪارروائي ڪئي وڃي.

 

شير محمد ملڪاڻي/ ميرپورخاص

 

تنگواڻي ھيبت شھيد ريلوي اسٽيشن ڇو ويران آ؟

 

تنگواڻي ھيبت شھيد جي نالي سان مشهور ريل گاڏي خوشحال خان خٽڪ ۽ ايڪسپريس ڪورونا جي وبا کان پوءِ بند ٿيڻ ڪري علائقي واسي سفري سهولتن کان محروم آهن، حڪومت جي لاڳيتو تيل جي اگھن ۾ اضافي ٿيڻ سان سفر واري صورتحال غريب عوام ماڻھو لاءِ تمام ڏکيو ٿي پيو آهي. ماضي ۾ ماڻهو پري پري کان ٽرينن تي سفر ڪندا هئا پر ڪجھ سالن کان پوءِ تنگواڻي ھيبت شھيد جي ريلوي اسٽيشن تي پھريان خوشحال خان خٽڪ ايڪسپريس سان گڏ 2 ٻيون ٽرينون ھلندڙ ھيون جيڪي 2010ع واري ٻوڏ ۽ ڪورونا وبا کان پوءِ تنگواڻي ھيبت شھيد ريلوي اسٽيشن ھن وقت بند ٿي وئي آهي. ان ڪري ھڪ طرف علائقي واسي غريب عوام ھن مهانگائي جي چڪي ۾ پيسجن پيا ته ٻئي طرف تنگواڻي ريلوي ٽريڪ تي ھلندڙ خوشحال خان خٽڪ جي بند ھجڻ ڪري سخت تڪليفن سان منهن ڏين پيا، ته ٻئي پاسي ريلوي اسٽيشن جيڪا گذريل 13 سالن کان ھن وقت تائين ريل گاڏين جي اچ وڃ بند ھجڻ سبب ھيبت شھيد اسٽيشن به ويران آھي. ٽرينون بند ھجڻ ڪري ڪيترائي شھري توڙي علائقي واسي ڪراچي، ڪوئيٽا، پنجاب توڙي ٻين شھرن ڏانھن ٽرين ذريعي سولائيءَ سان سفر ڪندا ھئا، جيڪا ڪورونا وبا کان پوءِ ٽرين جي اچ وڃ مڪمل بند ٿي وئي آهي جنهن ڪري تنگواڻي ھيبت شھيد ريلوي اسٽيشن بند ٿيڻ سان شھري توڙي علائقي واسي سفر ڪرڻ لاءِ سخت پريشان ۽ متاثر ٿيا آھن. وفاقي حڪومت پاران سنڌ پنجاب کان بحال ٿيندڙ ٽرينون تنگواڻي اسٽيشن تي خوشحال خان خٽڪ ٻيھر بحال ڪري علائقي واسين لاءِ سفري سهولتن واري بيچيني ختم ڪئي وڃي.

 

محمد ھارون نندواڻي/ تنگواڻي، ڪشمور

 

ڇا داسو ڊيم پاڪستاني عوام ۾ خوشي جي لھر آڻيندو؟

 

پاڪستان پاڻي جي تحفظ ۽ موسمياتي تبديليءَ جي لاءِ پرعزم آهي، داسو هائيڊرو پاور پراجيڪٽ به اهڙو ئي هڪ منصوبو آهي. اڳوڻي وزيراعظم عمران خان جي ويزن موجب هي ڊيم ٺاهڻ جي شروعات ڪئي وئي. سنڌو درياهه جو رخ موڙڻ لاءِ شروع ڪيل ڊائيورشن سرنگھه جي اڏاوت مڪمل ٿي چڪي آهي، هاڻ سنڌو درياهه جو رخ موڙيو ويو آهي ۽ جنهن جاءِ تي هي ڊيم ٺهي رهيو آهي هائيڊرو پاور پراجيڪٽ جي منزل به اتي آهي، جنهن جي رفتار تيز ٿي وئي آهي. ڪم ٻه ٽي ڀيرا تيز ٿيو آهي. اهو خيبر پختون خواهه جي ضلعي ڪوهستان ۾ تعمير ڪيو پيو وڃي. داسو ڊيم پاڪستان جو سڀ کان وڏو هائيڊرو اليڪٽرڪ منصوبو آهي جيڪو اڏاوت هيٺ آهي. داسو ڊيم مڪمل ٿيڻ سان پاڪستاني سسٽم کي 21 بلين يونٽ ساليانو بجلي فراهم ڪندو. اها پيداوار جيڪا سالياني بنياد تي سڀ کان وڌيڪ بجلي پيدا ڪندي اها داسو ڊيم جي پيداوار ھوندي، داسو ڊيم منصوبي کي ٻن مرحلن ۾ اڏيو ويندو. هن وقت پهرين مرحلي تي ڪم جاري آهي، جنهن تي 4 ارب 27 ڪروڙ ڊالرن جي سيڙپ سان اڏاوت ٿي رهي آهي. ڊيم جي اڏاوت جي گڏيل ذميواري واپڊا ۽ چيني ڪمپنين کي ڏنل آهي. هن وقت هن ڊيم جي سائيٽ جي مختلف 12 هنڌن تي اڏاوتي ڪم جاري آهي. سنڌو درياهه کي موڙڻ لاءِ هڪ ڊورشن سرنگ ٺاهي پئي وڃي جيئن پاڻي ان جاءِ تي روڪي سگهجي جتي ڊيم ٺهي رهيو آهي ۽ پاڻي واپس سنڌو درياهه ۾ ڇوڙ ڪيو وڃي. اهو ڦيرو سرنگ مان مڪمل ڪيو ويو آهي. پهرين مرحلي ۾ 2160 ميگاواٽ في ڪلاڪ بجلي پيدا ڪئي ويندي ۽ 12 بلين يونٽ سالياني بنيادن تي پيدا ڪيا ويندا جيئن اسان جي گهرن ۾ استعمال ٿي سگهي. اهو مرحلو ڊسمبر 2026ع تائين مڪمل ڪيو ويندو. ان بعد ٻيو مرحلو شروع ٿيندو. ان مان 9 بلين يونٽ بجلي پيدا ٿيندي، جيڪا ڊسمبر 2029ع تائين مڪمل ٿيڻ جو امڪان آهي. داسو ڊيم منصوبو پاڪستان لاءِ انتهائي اهم آهي، ڇو ته ان سان سستي بجلي نظام ۾ شامل ٿيندي. ان سان هن وقت تائين 3722 نوڪريون ملي چڪيون آهن، اهو منصوبو ايندڙ سال کان مڪمل طور تي ڪم شروع ڪندو. ان ۾ ڪل 8000 ماڻهن کي نوڪريون ملي سگهن ٿيون. پهرين مرحلي جي 2025ع ۾ مڪمل ٿيڻ بعد نيشنل گرڊ ۾ 2160 ميگاواٽ بجلي پيدا ٿيندي، جڏهن ته 2029ع ۾ ٻئي مرحلي جي مڪمل ٿيڻ بعد 4320 ميگاواٽ بجلي جي فراهمي ممڪن ٿيندي. هي منصوبو پاڪستان عوام لاءِ انتهائي فائديمند آهي، هي منصوبو وچ ۾ حادثي سبب روڪيو ويو هو جو چيني انجنيئرن تي حملو ڪيو ويو هو، جنهن ۾ 13 ڄڻا مارجي ويا هئا، جنهن سبب اڏاوتي ڪم بند ٿي ويو هو پر ان فيصلي بعد ان تي ڪم ٻيهر شروع ڪيو ويو آهي. هي خيبر پختونخواهه ۾ تعمير هيٺ آهي، هن علائقي کي تمام گهڻو فائدو ڏنو آهي ۽ اميد آهي ته منصوبي جي مڪمل ٿيڻ بعد اڃا به وڌيڪ منافعو حاصل ٿيندو، جيئن پيٽرول جي امپورٽ بجيٽ گهٽجي ويندي ۽ لوڊشيڊنگ به گهٽجي ويندي ۽ ڪيترن ئي بيروزگارن کي روزگار ملندو.

اجالا لغاري/ نوابشاھ

تعليم طرف اسان جي غير سنجيدگي!

(قسط ٻين)

سرڪار کان سنڌ جي تعليمي سڌاري ڏانهن ڌيان ڇڪائڻ مان مراد ٻٻرن کان ٻير گھرڻ برابر آهي، ھي حڪمران ڪڏهن نه چاھيندا ته ھن قوم جا ٻار ڪي پڙھي پون، ڇاڪاڻ ته ھو چڱيءَ ريت ڄاڻن ٿا ته جنهن ڏينهن سنڌ جي پورھيتن، ھارين، مزدورن ۽ اسان جي ڌوڙ اڏائيندڙ وڏين گاڏين جي ٽائرن ۾ چيپاٽيجندڙ ماڻھن جا ٻار پڙھي پيا ته پوءِ ھو نه رڳو اسان جي سالن جي ڪوڙي حڪمراني کي للڪارڻ شروع ڪندا پر حڪمرانن جي سالن کان وڏيرائي گھوڙين تي بيٺل ھن دھشت ۽ وحشت جي راڄ جو به خاتمو آڻي ھن بدبودار ڀوتارڪي نظام کي به لوڏي ڇڏيندا. تنھن ڪري علم، قلم ۽ ڪتاب قوم جي ٻارن جي پھچ کان ايترو ته پري ڪري ڇڏجي جو انهن جي ھٿن ۾ قلم بدران ڪوڏر ۽ ڪتاب بدران ڪڇ ۾ ڪڪڙ ھجي ۽ حڪمرانن جي بنگلن تي جي حضوري ڪرڻ ۾ بس پورا ھجن ۽ پنهنجي زندگيءَ جي حالتن ۾ بدلاءَ جو کين فڪر ئي نه ھجي. حڪمران پاڻ مٿان حاوي ان ڪري آهن جو اسان پنهنجي پاڻ کي سالن کان جھالت جي گگھ اونداھين ۾ رکندا پيا اچون ۽ اڃا به ان جھالت جي اڀاگي رات جو خاتمو ڪرڻ لاءِ سنجيدھ ناھيون. پاڻ سوچيو ئي ناهي ته تعليم يافتا معاشري ۾ ماڻهو ڪيئن جيئندا آهن؟ نتيجتن خراب حڪمراني، بک، بدامني ۽ منشيات جھڙن مرضن کي پنهنجو مقدر سمجهي جيئون پيا ۽ حڪمران پنهنجي جھالت جو ڀرپور فائدو وٺندي ھر ڀيري پاڻ کي بيوقوف بڻائي ڀتَ جي پليٽ تي به ووٽ وٺيو وڃن. ان کان پوءِ 5 سال اھي ڀلي پاڻ کي اٽي جي لپ لاءِ ذليل ڪن، ڀلي پنهنجي علائقن جي اسڪولن کي تالا لڳل ھجن، ڀلي پوليس ھٿان پاڻ کي شام صبح پادر ھڻائين پر افسوس! جو وري به اھي ساڳيا حڪمران ۽ سندن سھولتڪار، وڏيرا، ڀوتار ئي پنهنجي لاءِ سڀني کان وڌيڪ معتبر آهن.(ھلندڙ)

 

آفتاب سليمان لغاري/چمبڙ