اعليٰ منصبن جي توقير جو خيال رکيو وڃي

0
183
مهانگائي ۽ غربت زندگين جو خراج وٺڻ لڳي آهي

انگريز تاريخدان ۽ مفڪر ٽائن بي جو قول آهي ته، “تاريخ جو سڀ کان وڏو سبق اهو آهي ته تاريخ مان ڪڏهن ڪنهن سبق نه سکيو آهي”. ٽائن بي جو اهو قول اسان جي سياستدانن ۽ حڪمرانن تي بنهه ٺهڪي ٿو اچي، جن اڌ ملڪ وڃائڻ کانپوءِ به تاريخ مان سبق سکڻ جي ضرورت ئي محسوس نه ڪئي آهي. توڙي جو اهي ڄاڻن ٿا ته هي ملڪ ڪنهن ٻئي المئي جو  متحمل ٿي نٿو سگهي، پر ان جي باوجود اهي ملڪ جي مفاد ۾ سوچڻ بدران پاڻ ۾، هڪٻئي سان سِڱ ڦاسائي ٿا ويهن. اهو هن وقت به ٿئي پيو، جو ملڪ جا ٻه وڏا، با اختيار فرد لفظن جي جنگ شروع ڪري خلق کِلائي رهيا آهن. اڳي ته معاملا زباني ڪلامي ۽ بيانن جي حد تائين هئا، پر هاڻي ته انهن هڪ ٻئي کي خطن ذريعي “ڏي سوال- وٺ جواب” وارو سلسلو شروع ڪري ڇڏيو آهي. اهي خط ڪانگل ذريعي موڪليل خط نه پر سرڪاري طرح هڪٻئي ڏانهن موڪليل “مڪتوب” آهن، جن جي ٻولي ڪنهن به ريت اهڙي نه آهي، جنهن جي لاءِ اهو چئي سگهجي ته اڳ ئي تتل ماحول ۾ اها سرچاءَ جي ڪا صورت پيدا ڪرڻ ۾ معاون ۽ مددگار ثابت ٿيندي.

لفظن جي استعمال جي آرٽ کان آشنائي هڪ انتهائي اهم گڻ آهي، جنهن سان جنگيون ٽاري سگهجن ٿيون، محبت ۽ امن جا گل ٽڙي سگهن ٿا، سانت ۽ سڪون جو ماحول جُڙي سگهي ٿو پر تدبر کان خالي لفظن جي استعمال سان دنيا ۾ جيتري تباهي آئي آهي، ايتري تباهي ۽ بربادي ائٽمي هٿيارن ۽ ميزائلن به نه آندي آهي. لفظن جا جوالا مکي جڏهن ڦاٽندا آهن ته هر شيءِ ناس ڪري ڇڏيندا آهن. سياست ۾ ته لفظن جي استعمال جي اهميت ويتر وڌي وڃي ٿي. اسان جي ملڪ ۾ لفظن جو جهڙي نموني استعمال ڪيو وڃي ٿو، پوءِ اهو ڀلي سياسي بيانن ۾ هجي، سوشل ميڊيا تي هجي، پارليامينٽ ۾ هجي، يا ملڪي انتظامي معاملن ۾ اعليٰ منصب تي موجود ماڻهن جي، لفظن سان راند ۽ “فائول پريڪٽس” هجي، ان کي ڏسي اهو ويساهه سان چئي سگهجي ٿو ته، تدبر جي هوا اسان کي ڇُهي به نه گذري آهي. اسان وٽ سياست ۽ جنگ ۾ سڀ ڪجهه جائز سمجهيو ويندو آهي. توڙي جو ملڪ جو صدر وفاق جي علامت هوندو آهي پر هتي هر صدر مملڪت پاڻ کي سياسي پارٽيءَ جو ورڪر ئي سمجهيو آهي. ان ڪري ان جو اڻ ڌريو ڪردار جڙي نه سگهندو آهي. هن ڀيري به صورتحال ان کان مختلف ناهي. صدر مملڪت وزيراعظم کي خط لکي “هدايت” ڪئي ته توهينِ عدالت سميت وڌيڪ پيچيدگين کان بچڻ لاءِ وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن جي لاڳاپيل عهديدارن کي پنجاب ۽ ڪي پي ڪي ۾ مقرر وقت تي عام چونڊن لاءِ اليڪشن ڪميشن سان معاونت لاءِ چيو وڃي. وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن جا لاڳاپيل انتظامي عهديدار انساني حقن جي پائماليءَ کان باز رهن. صدر مملڪت جي خط کي منصبي اختيارن جي “ڪريز” ته پري جي ڳالهه، “پِچ” کان به ٻاهر نڪري کيڏڻ سان تعبير ڪيو پيو وڃي. ان خط تي تحمل جو مظاهرو ڪرڻ بدران وزيراعظم شهباز شريف صدر صاحب کي خط جي موٽ ۾ خط لکي صدر صاحب جي خط کي هڪ طرفو ۽ حڪومت مخالف قرار ڏيندي، چيو آهي ته اهو خط صدر جي آئيني منصب سان ٺهڪندڙ نه پر تحريڪ انصاف جي پريس رليز لڳي ٿو. لفظن جي اها جنگ ڪيڏي خطرناڪ آهي، تنهن جو تصور ئي ڪنبائيندڙ آهي. هڪ طرف ملڪ جو معاشي گهوٽالو ڏينهون ڏينهن شديد ٿيندو وڃي، ملڪ ڏيوالپڻي جي چائنٺ تي پهچي چڪو آهي، ويتر اڪيلائپ جو شڪار ٿيندو وڃي، اهڙي صورتحال ۾ اندروني ڦيٽاڙو تباهيءَ جي تسلسل کي ويتر تيز ڪندو. اڌ ملڪ وڃائڻ کان پوءِ به هتي جي حڪمران ٽولن تاريخ مان ڪجهه به ناهي سکيو. هن وقت انتهائي خراب ملڪي حالتن ۾ صدر مملڪت کي غير جانبداريءَ جو مظاهرو ڪرڻ گهرجي ها، جيڪا ان اهم منصب جي گهرج پڻ آهي. خط لکڻو هو ته اهڙو خط عمران خان کي به لکڻ گهربو هو، جنهن رياست جي عملداريءَ کي چئلينج ڪيو، ان جي “ٽائيگرز” سرڪاري ۽ نجي ملڪيتن کي نقصان پهچايو، پوليس ۽ رينجرز تي پئٽرول بمن سان حملا ڪيا، جيڪي رياست طرفان ڊيوٽي ڪري رهيا هئا. بهرحال، هن وقت جيڪا نامناسب ۽ غير موزون لفظن جي ويڙهه شروع ٿي وئي آهي، اسان ان تي ڳڻتيءَ جو اظهار ڪريون ٿا، ڇو ته اها ڇڪتاڻ ڪي چڱا نتيجا نه آڻيندي. ان ڪري ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته پنهنجن پنهنجن منصبن جي توقير جو خيال رکيو وڃي. موجوده حالتن جي سنگينيءَ جو ادراڪ ڪيو وڃي.