ڌرتيءَ جي سچي عاشق جو وڇوڙو

 

صفا سادو ھٺ، وڏائي، تڪبر، غرور منجھس تِر جيترو به نه هو، جنھن جو نالو جمن ھو جنھن جي نس نس ۾ سنڌ سان بي تحاشا پيار جو درياهه پيو پالوٽون پائيندو ھو. ھُو سراپا سنڌ ھو، ھُن جي جند سنڌ سان ايئن جَڙيل ۽ جُڙيل ھئي جيئن ٿر ٻاٻيهي جي ٿر سان. هو تتي ٿڌي ڪاھ ڪانھي ويل ويھڻ جي وارن مان ھو، ھُن جي سوچ ۾ سدائين سنڌ ھوندي ھئي ته سنڌ وارا سکيا ستابا ھجن. ھُو سنڌ جو هڪ بھادر ۽ بي بھا، ملھ مھانگو ماڻھو ۽ سچو سپاھي ھو. ماما جمن ھڪ جنم نه پر ھزارين جنم ملن ته به پنهنجي وطن سان وفا جا وچن ۽ واعدا، قول ۽ اقرار ڪري ويو. ھُو وادي مھراڻ جو سچو مخلص مشتاق ھو. ماما جمن جلترنگ خوبصورت اجھل جواني کان وٺي پيري تائين ڀرپور نموني سان زندگي گذاري. ھن ڪڏھن به ھمت نه ھاري. ماما جيڪو وکر وھائي ويو آهي سو پئي پراڻو ناھي ٿيڻو. ماما جمن کي سنڌ صديون ساريندي ڪاش سندس حياتي ۾ ھڪ ڀيرو ڪا شام ملھائي وڃي ھا ته ماما جي من کي ۽ روح کي ڪيڏي نه راحت ۽ تسڪين ملي پوي ھا. افسوس آهي اسان جي حال تي جو اسان ملھه مھانگا مھان موتي داڻا ماڻھو وڃائي پوءِ ماتم ڪندا آھيون. پويان قصيدا لکندا آھيون:

اسان جي مئاسين سفر ۾ او ساٿي

ته ماڻيندا منزل پنهنجا ڍول ڍاٽي.

هُو نه فقط روحل واءِ جو راڻو ھو ھي ساري سنڌ جو مھان ماڻھو ھو. ماما جمن جي وڇڙي وڃڻ سان ھڪ تمام وڏو خال پيدا ٿي ويو آهي جيڪو صدين تائين ڀرجي نه سگهندو. ھن مخمور مھراڻ جي مٽيءَ کي سرمي جيان پاتو هو، يارن جو يار وفادار علم و ادب سان بيحد چاهه رکندو هو، ھُو پنھنجي حياتي سنڌ لاءِ وقف ڪري ويو.

جتي پکي نه پير تتي ٽمڪي باهڙي

ٻيو ٻاريندو ڪير کاھوڙڪي کير ري.

کيس سرخ سلام پيش ڪيون ٿا.

 

باغي راشد ڪوٽڙيو /ڳوٺ علھو ڪوٽڙيو ٿرپارڪر

شھر اڏيري ٽيشڻ جو باھمت شاعر

 

سنڌ جون ڪيتريون اھڙيون وسنديون شھر ۽ ڳوٺ ڏسجن ٿا جيڪي پنهنجن  بزرگن، معزز شخصيتن، يا ڇانوڻين، قلعن وسيلي مشھور ٿيا. پر مون کي اڏيري جي باغن، زراعت، پکين جي وڻندڙ ٻولين، امن پسند محبتين، جي ننڍڙي وسندي “اڏيرو ٽيشڻ” جي مشھوري ۽ ھن شھر جو نالو روشن ڪرائڻ ۾ ھتان جي ادبي ڪچھرين جو وڏو ھٿ سجھي ٿو. جڏهن اڏيري جي ادبي ڪچھرين جو جتي به  ذڪر ٿيندو تڏهن  ھڪ نوجوان محبتي سرزمين جو  خوشبودار گل، ادب دوست ۽ نوجوان ٽھي جو محبوب شاعر “احساس ميرل” جو عاليشان ڪردار مٿڀرو ڏسڻ ۾ ايندو. حساس ميرل پنھنجي سفري ساروڻين کي سھيڙي جڏھن ڪتاب جو نالو “مان شھر اڏيري ٽيشڻ جو” رکيو ته کيس شاباسن ۽ واکاڻن جي وڏي موٽ ملي. سندس شاعري کي سريلن راڳين طرفان موسيقي جا انڊلٺي  رنگ ڏئي عام ڪيو پيو وڃي.

توکي رسڻ جي ٿي وئي آ ھير، ڇاڪجي،

دل ۾ لڇن ٿا درد ٻڌي ڇير، ڇا ڪجي. احساس ميرل 14 ڊسمبر  1984ع تي جنم ورتو. ننڍپڻ کان سندس لاڙو علم پرائڻ سان گڏ شاعرن سان رھاڻ سندن مھمان نوازيون ۽ شاعريءَ طرف گهڻو  رھيو، انھي مناسبت سان پاڻ اڏيرو ٽيشڻ تي ادبي سنگت جي ڪچھرين جو باقاعده سلسلو شروع ڪري علم ادب جي واڌ ويجھه ۾ لاڀائتو ڪردار ادا ڪيو.

عڪس ھن جا آرسيءَ ۾ گم ٿيا،

حوصلا منهنجا دريءَ ۾ گم ٿيا،

اڄ ٿيو احساس ميرل کي اھو،

درد سارا شاعريءَ ۾ گم ٿيا.

اسان جي دعا آھي ته سنڌ جو ھي سدا ملوڪ نوجوان شاعر اڃا به اڳتي پنهنجي  جلايل جوت جي روشني کي پھچائيندو رھي.

زندگيءَ جو سفر ريل گاڏي جيان،

آئي ٽيشڻ وڇوڙي جي گھنٽي وڳي.. مان شھر اڏيري ٽيشڻ جو.

 

منظور ڪالرو

چئن وڏن شهرن ۾ لينگوئج سينٽر قائم ڪرڻ جو فيصلو

 

مادري زبان جي اهميت کي عالمي سطح تي تسليم ڪيو ويو آهي. اقوام متحده جي چارٽر مطابق گهٽ ۾ گهٽ پرائمري ليول تائين هر ٻار کي مادري زبان ۾ تعليم جي سهولت فراهم ڪئي وڃي. ڇاڪاڻ ته ان سان ٻارن جي ذهني نشوونما بهترين طريقي سان ٿئي ٿي ۽ انهن جون صلاحيتون به وڌي سگهن ٿيون. اسان جي ملڪ جي قومي زبان اردو آهي. هتي سنڌي، پنجابي، سرائيڪي، پشتو ۽ بلوچي ڳالهائڻ وارن جو تعداد ڪروڙن ۾ آهي. لساني اعتبار کان پاڪستان جي ٻين صوبن کان گهڻي اهميت سنڌ صوبي کي ڏني ويندي آهي. ڇاڪاڻ ته انگريز سرڪار 1853ع ۾ سنڌي زبان کي سرڪاري زبان جو درجو ڏيڻ لاءِ قدم کنيا. آخر 29 آگسٽ 1857ع تي سنڌ جي ڪمشنر بارٽل فريئر تاريخي حڪم نامو جاري ڪندي سنڌ ۾ مقرر ٿيڻ وارن سرڪاري آفيسرن مقامي توڙي انگريزن جي لاءِ سنڌي زبان جو امتحان پاس ڪرڻ لازمي قرار ڏنو. پاڪستان ٺهڻ کان بعد سنڌي اردو ٻنهي زبانن ذريعي تعليم ڏني ويندي رهي. پر جتي جديد ٽيڪنالوجي ڪي استعمال پوري دنيا ۾ انگريزي ڳالهه ٻولهه کي بالا ڪيو آهي، اتي دنيا جي ٻين مادري زبانن وانگر سنڌي کي به خطرا وڌي رهيا آهن. اهڙي صورتحال ۾ خاص ڪري سنڌ ۾ پرائيويٽ تعليمي ادارن ۾ سنڌي اردو کي نظرانداز ڪري انگريزي زبان جي تعليم کي تعليمي ذريعو سمجهي پاليسي تحت عمل پيرا آهن. جيڪو غيرقانوني قدم آهي جيڪا ڳالهه سنڌ جي تعليمي ادارن جي مادري زبان مخالف رويي ۽ پرائيويٽ اسڪولن طرفان خلاف ورزي آهي. ڳالهه اها آهي مادري ٻولي کي درپيش مسئلن ۽ حل لاءِ مادري ٻولي جي اهميت تي سيمينار ڪوٺايو ويو. سيمينار ۾ وزيرتعليم اعلان ڪيو ته سنڌ جي چئن وڏي شهرن ڪراچي، حيدرآباد، سکر ۽ لاڙڪاڻي ۾ لينگوئج ٽريننگ سينٽر قائم ڪيا پيا وڃن جنهن سان سنڌي ۽ اردو مضون پڙهائن وارن استادن کي تربيت فراهم ڪئي ويندي. هن وقت ڳالهه اها آهي سنڌ جي سڀني پرائيويٽ اسڪولن ۾ انگريزي سان گڏوگڏ سنڌي ۽ اردو زبانن کي تعليمي ذريعو بڻائي اڳيان وڌڻو پوندو.

 

محمد اسلم ماڪو/ پنوعاقل

 

جوھي دادو روڊ کي بحال ڪيو وڃي

 

جوهي ۾ ٻوڏ کي ٻه مهينا گذرڻ باوجود رستا بحال نه ٿيا آهن. ٻوڏ واري صورتحال کانپوءِ چونڊيل نمائندا ايم پي اي صالح شاھ جيلاني، ايم اين اي رفيق جمالي علاءِقي کان گم آهن جوهي دادو روڊ کي لڳل ڪٽ بند نه ٿيا جنهن سبب ٻن مهينن کان رستو هيڊ ڪواٽر دادو کان ڪٽيل آھي جوهي واسي ٻيڙين ۽ ٽريڪٽر ٽرالين تي ڳرا ڀاڙا ڀري سفر ڪري ڇنڊڻ موري وٽ پهچڻ تي مجبور آھن. ڪٽ وارين پوائنٽن تي ٽريڪٽر ٽرالي ڦاسڻ روز جو معمول بڻجي ويو آھي. گاڏيون ڦاسڻ سبب جوهي واسين کي دادو پهچڻ تائين ٽي کان چار ڪلاڪ لڳي وڃن ٿا. جوهي کان دادو ۽ ٻي پاسي نوڪرين لاءِ ويندڙ ماڻھو هر روز 1000 رپيا ڀاڙو ڀري هيڊڪواٽر پهچن ٿا پر حڪمران ڌرين رستن جي بحالي لاءِ ڪي به اپاءُ نه ورتا آھن.

 

سمير احمد بروهي/ واهي پانڌي ڪاڇو

 

برسات متاثرن جي بحالي لاءِ ٿيندڙ سروي

 

سنڌ حڪومت ٻوڏ سبب متاثر ٿيندڙ  علائقن ۾ نقصان جو  ڪاٿو لڳائڻ لاءِ سڄي سنڌ ۾ گھر گھر سروي  ڪرائي رھي آھي. ته جيئن انھي سروي جي رپورٽ جي بنياد تي حڪومت  کين اجھو ٺاھڻ لاءِ مالي مدد فراھم ڪري سگھي. ھن سروي ٽيم ۾ مڪاني کاتي جو نمائندو، سرڪاري استاد، فوجي، روينيو ڪوٽار ۽ ٻيا ميمبر شامل آھن. ھن سروي جو فائدو تڏھن ئي ٿيندو جو ھڪ ته سروي ٽيم نج ميرٽ جي بنياد  تي گھر گھر سروي واري ڪم ۾ ڪنھن ڳوٺ جي ان گھر کي نظرانداز نه ڪري جيڪو برسات سبب متاثر ٿيو آھي.   ٻيو ته اھو نالي جو سروي نه ھئڻ گھرجي، جو رپورٽ ٺھي پر بي گھر ٿيل انھن متاثرن لاءِ آيل پئسا ڪامورن ۽ بااثرن جي ور چڙھي وڃن. تنھن ڪري انھي سڄي عمل کي صاف ۽ شفاف بڻايو وڃي ۽کين اجھو ٺاھڻ لاءِ مناسب رقم ڏني وڃي جنھن مان اھي پنھنجو گھر مڪمل ڪري سگھن.

 

مجاھد لغاري/ مسڻ وڏي ٽنڊوالھيار

 

لانگ مارچ ۽ اسٽيبلشمينٽ جي مقبول اسٽيٽمينٽ

 

تحريڪ انصاف جو لانگ مارچ سياست جي ميدان تي آخري اوورن ۾ هلي پيو. عمران خان جي خواهش آهي ته لانگ مارچ نتيجا خيز ثابت ٿئي. جيتوڻيڪ گذريل ڀيري تبديلي جي نعري وارو لانگ مارچ عرف ڌرڻو ۽ هاڻوڪو اليڪشن جي تاريخ وٺڻ لاءِ ٿيندڙ لانگ مارچ پهروڪي چارمنگ وارو ناهي رهيو. اڳوڻو لانگ مارچ ڪنوارو لانگ مارچ هو تنهنڪري ان ۾ شادي جا ڏينهن ٻڌڻ جهڙيون خوشيون ۽ خوشبو سرس ھئي. جڏهن ته هاڻي پگهر گلاب ناهي رهيو. 2023ع ته پڪو اليڪشن جو سال آهي. پي ڊي ايم سرڪار سميت سموريون سياسي جمهوري ڌريون ۽ عسڪري قيادت آئين تحت پنجن سالن جي پيرڊ ۾ 2023ع تي متفق آهن. ملڪ جي “اصل تي وڏن” حساس ادارن جي صاحبن پاران گذريل ھفتي ڪيل پريس ڪانفرنس کان پوءِ “خان صاحب” جي لانگ مارچ واري ڦوڪڻي مان ڪافي هوا نڪري چڪي آهي. اسٽيبلشمينٽ هن دفعي ظاهر ظهور عوام سان پنهنجو موقف رکي اداري جي ترجيحات ۾ جمهوريت کي صدق دل سان مڃيو آهي. جنهن سان موجوده حڪومت جي جمهوري ۽ آئيني تشڪيل جي حق ۾ مقبول جواز به مليا آهن. ڏٺو وڃي ته عمران خان گذريل ٽن چئن سالن واري حڪومتي بيٽنگ ۾ مزو ڪونه ڪيو هو. عوام سندس دور ۾ به سک جو ساھ ڪين کنيو. نوڪريون، گھر، روزگار ۽ خوشحالي وارا واعدا سکڻا نعرا ثابت ٿيا. آءِ ايم ايف جون چٽيون ته اڳي ئي ڀريون پيا ويتر ڪورونا نڀاڳي جون چٽيون به تبديلي سرڪار ۾ ڀريونسون. اسٽيبلشميٽ پاران غير جمهوري قدمن کان انڪار ۽ غيرجانبداري وارو آئيني ڪردار عوام ۾ مقبوليت جو مظهر بڻيو آهي. لڳي ٿو سياست ۾ مداخلت وارن گذريل تجربن مان ڪافي سکيو ويو آهي. تنهن ڪري هن سڄي منظر ۾ اسٽيبلشميٽ جو ڪردار ساراهڻ جوڳو آهي. ملڪ جون مظلوم قومون حقيقي جمهوريت جون طرفدار آهن. عوام پراميد آهي ته ٽائم فريم تحت شفاف چونڊون ڪرائي جمهوريت جي گاڏي کي روان دوان رکيو ويندو.

 

وڪيو راڄواڻي/بدين

 

خودڪشيون روڪڻ لاءِ حل!

 

پريشاني صحت ۽ خوشي جي پھريون نمبر دشمن آهي. جڏهن ته اسان نظر وجهنداسين ته اسان وٽ خودڪشيون هر روز جو معمول بڻجي چڪيون آهن ان جو ڪارڻ ڇا آهي؟ ماڻهو پريشان ڇو ٿا رهن؟ انسانذات کي زندھ رهڻ لاءِ سڀ کان پهرين غذا جي ضرورت آهي، جيڪڏهن انسان کي پوري غذا نه ملندي ته ڇا انسان خوش هوندو؟ انسان تڏهن خوش هوندو آهي جڏهن هن کي کاڌو پيتو پنهنجي ٽائيم تي ملندو آهي. هن جون اهم ضرورتون پوريون ٿينديون آهن، جنهن ۾ غذا، لباس ۽ آسائش لاءِ گهر شامل آهي. جنهن تي انسان پنهنجي زندگي بسر ڪري سگهي ٿو. پر بدقسمتي سان اسان پنهنجي خطي سنڌ تي نظر وجهنداسين ته  سنڌ ۾ هر ذخيرو موجود هجڻ باوجود اسان وٽ بک ۽ بيروزگاري آهي. ٻوڏ ۾ اسان وٽ سهولتن جي اڻ ھوند ڪري ڪيترائي ٻار بک وگهي مري ويا. ماڻهن کي ٻن ويلن جي ماني نه ٿي ملي ته انسان ڇا خوش ۽ صحتمند زندگي گذاريندو؟ جڏهن ته غذا پوري نه ملندي آهي ته ماڻهو ذهني طور پريشان هوندو آهي ۽ پريشاني ٻين بيمارين جي جڙ آهي. جڏهن انسان پريشان هوندو آهي ته ان جا تاثرات ان جي چھري مان ظاھر ٿيندا آهن. جڏهن ته پريشاني انسان جي زندگي کي جھنم ۽ عذاب بڻائي ڇڏيندي آهي. پريشان ماڻھو ڪڏھن به خوش زندگي بسر نه ٿو ڪري ۽ پريشان ٿيڻ ڪري دل شڪسته ٿي ويندو آهي. پريشاني دل غدود ۽ سڄي سرشتي (نروس سسٽم)  تي اثرانداز ٿئي ٿو. مون ڪڏھن به اھڙو ماڻهو ناهي ڏٺو جنهن گھڻي ڪم يا وري محنت جي ڪري پنهنجي زندگي جو انت آندو ھجي پر جيڪي خودڪشيون روز جو معمول بڻجي چڪيون آهن ان جي وجه بک آهي. تنهن ڪري وس وارن کي گهرجي ته جيڪي ماڻهو پريشان يا ذهني ڊپريشن ۾ آهن انهن جي مالي مدد ڪئي وڃي ته جيئن ڪنهن جي زندگي جو پريشاني جي ڪري ڏيئو نه اجهامي.

 

ڊاڪٽر ثانيا جروار/ ڊگهڙي

پاروٿو اٽو

 

ها منهنجي اِھا عادت آ ته جنهن ڏينهن موڪل ھوندي آ، تڏھن صبوح جو دير سان اُٿندو آھيان. اسان کي موڪل کان وڌيڪ دُنيا ۾ ٻي ڪائي به سُٺي شي ناهي لڳندي. مان جڏهن سمهندو آهيان ته ورهين جا ورهيه ننڊ ڪندو آهيان، تيسين دنيا ۾ ڇا به ٿي ويندو آ، ڪيئي لڱ ڪانڊاريندڙ واقعا ٿي ويندا آهن، ڪيئي ديس ڌڻي بي ديس ٿي ويندا آهن، ڪيئي پنهنجن شهرن اندر ڌارين هٿان قتل ٿي ويندا آھن. ڪوئي ٻيو اچي ڪري اسان جي وِچ ۾ ڪيئي جنم وٺي چُڪو ھوندو آھي، پر مان اڃا ننڊ ستو پيو هوندو آهيان. پنهنجي ننڊ ۾ مگن ھوندو آھيان. مان ستو ئي پيو هئس ۽ سُتَي پئي فيسبوڪ به چيڪ ڪيم ته الاهي اڻ وڻندڙ واقعا سامھون آيا. جڏهن اِھي ڏکائيندڙ خبرون ٻڌيون ته دل جون ڪنگريون ڪري پيون، آسمان جو سايو ختم ٿي ويو، هڪ بيگانو ئي سمجھندو رهيس پاڻ کي. ڪُجھ پوڙهن، ٺوڙهن اسي سال جي عمر ۾ ڪَنهن سورنهن سالن جي ڇوڪريءَ سان شادي ڪئي آهي. جنهن ۾ ڇوڪريءَ جو موڊ خوشگوار نه پيو لڳي. مون کي ايئن لڳو ڄڻ ھي سوديبازي ڪيئي وئي آهي، ڪَنهن وڏي ڊيل تي. اُن وقت اوچتو ٻاهريون دروازو کڙڪيو، ۽ مان پنهنجي روم ميٽ کي موڪليو ته هُن ٻُڌايو ٻاھر ڇاڻَ ۽ سُڪل ماني وارو آيو آهي. اسان وٽ به ڪُجھه اٽو ۽ سُڪل ماني پيل هُئي، جيڪو کپائڻو هو، روم جي صفائي به ڪرڻي هُئي. مان دوستَ کي موڪليو ته پاروٿي اَٽي جي قيمت معلوم ڪري اَچ. دوست ٻُڌايو ته هو پاروٿو اٽو ڏھ رپئي ڪلو ٿو وٺي جيڪو تمام گھٽ هو. اُن وقت اٽي جي ڪرنٽ پرائس هڪ سئو رپيا ھئي، اُن جي ڀيٽ ۾ پاروٿي اَٽي جي ڪائي به قيمت نه ھئي. مُون کي ايئن لڳو ته ھي اٽو به پنهنجي قيمتي وقت وڃائڻ سان گڏ پنهنجي قيمت وڃائي چُڪو آهي. هاڻي هن اٽي جي مارڪيٽ ۾ ڪائي به قيمت ناهي، ڪوئي به خريد ڪرڻ لاءِ راضي ناهي آخر ۾ ڏھ رپين ۾ وڪڻي آيا سين.

 

علي رضا شر/ فيض گنج

سنڌين لاءِ مقتل گاھ بڻايل ڪراچي

 

جٿي سنڌ مٿان هر پاسي ڏانهن هلان آهي، اتي ئي وري سنڌ جي راڄڌاني ڪراچي ۾ ويهاريل پناهگيرن کان هاڻي هجومن جِي صورت ۾  ڌرتي ڌڻين جي قتل ۽ کين نيڪالي ڏيڻ جِي تحريڪ هلرائي وئي آهي. هن وقت تائين ڪيترائي ڪونڌر نوجوان، شاگرد، عورتون ۽ ٻار پناهگيرن هٿان مارجي چڪا آهن. گذريل جمعي واري ڏينهن ڪراچي جِي نجي ٽيليڪام ڪمپني ۾ پورهيو ڪندڙ ٻن نوجوانن ٺٽي واسي ايمن جاويد ۽ نوشهري فيروز واسي محمد اسحاق پنهور کي ڪمپني پاران مڇر ڪالوني موڪليو ويو، ته ان علاءِقي ۾ اسان جي هلندڙ نيٽورڪ جا سگنل ڪيترا تيز رفتار آهن، چيڪ ڪري ٻڌايو. جنهن تي ٻئي مقتول ملازم ان علاءِقي ۾ سنگل چيڪ ڪري رهيا هئا، نئين هئڻ جي ڪري ٻنهي پاڙي وارن کان رستو پڇيو، جنهن تي ڪنهن شرپسند ماڻهو افواھ اٿاريو، ته ٻئي اغوا ڪار آهن، کين ماريو. جنهن تي شرپسندن جو ميڙ گڏ ٿي ويو، بغير ڪنهن جانچ ۽ تصديق جي مٿن تشدد ڪري کين قتل ڪيو ويو. جڏھن ته واقعي واري هنڌ پوليس پڻ موجود هئي، وائرل ٿيل ويڊيو ۾ ڏسي سگهجي ٿو، ته ڪجھه قاتل پوليس عملدار کي به ٿڦڙون هڻن ٿا ۽ کيس پوئتي ڌڪيندا وٺي وڃن ٿا. اتي هڪ سوال پيدا ٿئي ٿو، ويڊيو ۾ نظر ايندڙ پوليس عملدار يقيناً اڪيلو ڪونه آيو هوندو، ساڻس نفري به هوندي، ان سڀ هوندي به هو انهن نوجوانن کي بچائڻ بجاءِ پاڻ پوئتي هٽي ٿو، ان مان ڇا سمجهيو وڃي، ته هي سڀ ڪجھه هڪ سوچ تحت ٿئي ٿو؟ جڏهن ايس ايچ او ڊاڪس چوي ٿو، ته ڪراچي جو سڃاڻپ ڪارڊ نه هئڻ سبب ٻئي نوجوان قتل ٿيا آهن. بنگالين سنڌين وٽ ڪراچي جو ڪارڊ نه هئڻ سبب کين قتل ڪيو، ڪيڏو نه عجيب منطق آهي؟ سنڌ توڙي وفاق ۾ موجود پرچي حڪمران، وهنجي سنڌين جي پويان پيا آهن، جڏھن ته وري قومپرستن، ايڪشن ڪميٽي ۽ کاٻي ڌر وارن کي الاءِي ڪهڙي ماٺ ورتو آهي، جو احتجاج پري جِي ڳالھه پر لفظي مذمت به نه ٿا ڪن، جڏھن سنڌ جو نوجوان ان قتل تي هن وقت سوشل ميڊيا تي سراپا احتجاج بڻيل آهن ۽ سندس اکين ۾ اولڙا نظر پيا اچن. سنڌ جو شاھ انهن حالت تي چوي ٿو ته:

بندر جان ڀئي، ته سکاڻا مَ سمهو؛

پاڻي ٿو ائين ڪن ڪري، جئن ماٽي منجھ مهي؛

ايڏا سور سهي؟ ننڊ نه ڪجي ناکئا.

موجوده حالتون مزاحمت کان بغير ڪڏهن به پنهنجي حق ۾ ڪونه اينديون. هاڻي پاڻ وٽ ٻه پاسا  آهن، هڪ هِي يا ته پنهنجي تاريخ ۽ روايت جيان ماٺ ڪري موچڙا کائيندا رهون يا وري مزاحمت ڪريون، وڏي ڳالھه هي به ته اڃا تائين پاڻ وٽ اڳواڻن جِي کوٽ آهي، هن وقت بشير خان قريشي جيان ڪنهن به اڳواڻ ۾ مڻيان ناهي جو هو جهر جهنگ وڃي سنڌين کي ميڙي مٺ ڪري ۽ کين گڏ ڪري. مڇر ڪالوني ڪراچي واري انسانيت سوز سانحي تي پنهنجو هڪ ئي موقف آهي، ته قتل ۾ ملوث سڀني جوابدارن کي سرعام چوڪ تي سنگسار ڪيو وڃي، مقتولن جي وارثن کي هڪ، ھڪ ڪروڙ رپيا معاوضو ڏنو وڃي.

 

عامر ڪلھوڙو نصيرآبادي/نصيرآباد