ٻوڏ متاثرن جي انگن ۾ ايڏو فرق ڇو؟

0
134
سنڌ حادثاتي موتن جو ميدان

سنڌ ۾ هلندڙ سال جولاءِ ۾ شروع ٿيل برساتن جڏهن آگسٽ جو مهينو به پورو ڪيو ته اها قدرت جي رحمت زحمت ۾ تبديل ٿي وئي هئي. جنهن بعد جيڪا تباهي آئي آهي ان مان اڃا تائين اسان جي سنڌ ۽ سنڌ جا غريب ماڻهو نڪري نه سگهيا آهن. اڄ به ڪيترائي اهڙا علائقا آهن جتي پاڻي موجود آهي. دادو ضلعي جا ميهڙ، جوهي ميهڙ تعلقا ۽ انهن جون ڪيتريون ئي يونين ڪائونسلون اڃا تائين پاڻي هيٺ آهن. خيرپور ضلعي جا شهر ٺري ميرواهه، کهڙا ۽ ٻيا علائقا به پاڻي ۾ ٻڏل آهن. سانگهڙ ضلعي ۾ ٽنڊوآدم تعلقي ۾ هٿ سان ٻوڙيل علائقن ۾ به پاڻي موجود آهي. جڏهن ته ميرپورخاص ۽ بدين ضلعن جا اهڙا علائقا موجود آهن جتي اڃا حڪومت پاڻي جي نيڪال لاءِ ڪي به قدم نه کنيا آهن. اتي لکين ماڻهو اڃا تائين بي گهر بڻيل آهن ۽ سندن اجها ڪريل آهن. مٿان وري سيارو به شروع ٿي ويو آهي جنهن ڪري متاثرن لاءِ عذاب وڌي ويا آهن. الميو اهو به آهي ته هاڻ امدادي سرگرمين ۾ به گهثتائي اچي رهي آهي. متاثرن کي اڃا به مدد جي، کاڌي جي، پاڻي جي ضرورت آهي پر اها امداد گهٽ ٿي رهي آهي. حڪومت وري دعوائون ڪرڻ ۾ ئي پوري آهي. پر ٻيو رخ ان جو اهو به آهي ته حڪومت اڃا درست انگ اکر نه جوڙي سگهي آهي.

 سنڌ ۽ وفاقي حڪومت جي هٿ هيٺ ڪم ڪندڙ ادارن جي انگن اکرن ۾ ايترو فرق آهي جو اهي پڙهي هوش ئي اڏامي ٿا وڃن. سنڌ صوبي ۾ ٻوڏ سبب متاثر ماڻهن جي تعداد جي حوالي سان اين ڊي ايم اي ۽ پي ڊي ايم اي جا هڪ ڀيرو ٻيهر متضاد انگ اکر سامهون آيا آهن، اين ڊي ايم اي 30 آڪٽوبر تي جاري ڪيل رپورٽ ۾ ٻوڏ سبب سنڌ صوبي اندر ڪل هڪ ڪروڙ 45 لک 63 هزار 770 شهري متاثر ٿيڻ جي تصديق ڪئي آھي جڏهن ته پي ڊي ايم اي سنڌ ساڳئي ڏينهن جاري ڪيل رپورٽ ۾ سنڌ صوبي اندر ڪل هڪ ڪروڙ 23 لک 56 هزار 860 شهري متاثر ٿيڻ جي دعويٰ ڪئي آھي يعني 22 لک 6 هزار 910 انگ گهٽ ڏيکاريو ويو آهي. پي ڊي ايم اي رپورٽ ۾ ٻوڏ سبب بي گهر ٿيل شهرين جو تعداد 50 لک 58 هزار 187 آھي، جڏهن ته 12 ڏينهن اڳ اهو تعداد 61 لک 77 هزار 947 هو 11 لک 19 هزار 760 متاثرن کي گهٽ ڏيکاريو ويو آهي.

سنڌ ۾ ٻوڏ سبب ڪل 796 ڄڻا فوت ٿيا آھن جن ۾ سڀ کان وڌيڪ تعداد ۾ ٻار337، عورتون 150 ۽ 309 مرد شامل آھن. ٻئي طرف وفاقي حڪومت اها به دعويٰ ڪئي آهي ته ٻوڏ متاثر 26 لک 70 هزار 312 گهراڻن ۾ 25 هزار روڪ امداد طور 66 ارب 75 ڪروڙ، 78 لک رپيا ورهايا ويا آهن. اهو انگ ڪل 27 لک 59 هزار 601 گهراڻن جو 97 سيڪڙو ٺهي ٿو. سنڌ جي 18 لک 62 هزار 41 گهراڻن کي رقم ڏيڻ جي دعويٰ ڪئي وئي آهي. چوندا آهن ته حڪومتن جا انگ اکر سدائين درست هوندا آهن. ڪاش اسان به اها ئي ڳالهه سمجهي انهن رپورٽن تي اعتبار ڪري سگهون ها. پر ڇا ڪريون جو اسان جي سامهون دانهون ڪندڙ متاثر آهن جيڪي چون پيا ته اسان کي ڪجهه به نه مليو آهي ته پوءِ سوال ڪرڻ تي مجبور آهيون ته اها رقم آخر وئي ڪيڏانهن؟ جڏهن ته متاثرن جو انگ ڇو گهٽجي ويو آهي. ڇا حڪومت انهن سوالن جا جواب ڏئي سگهي ٿي؟