سروم دکم دکم

0
210
سياست جا تماشا ۽ سنڌ جا سور

 ڊاڪٽر هونءَ ته پنهنجي ٻارن جو علاج عام جام ڪندا آهن پر جڏهن ڪنهن ڊاڪٽر جو ٻار سخت زخمي هجي، تڏهن هن کي اسپتال وارا به پنهنجي ٻار جو آپريشن ڪرڻ نه ڏيندا آهن. پر ڇا ڪڏهن ڪنهن ڊاڪٽر پنهنجي قتل ڪيل پٽ جو پوسٽ مارٽم ڪيو هوندو؟ اهو ڪيترو نه سنگين نوعيت جو سوال آهي. پر ڪڏهن ڪڏهن ڪنهن موضوع تي لکڻ وقت ايئن محسوس ٿيندو آهي جيئن پنهنجي اولاد جو پوسٽ مارٽم ڪندي، هن جي موت جو ڪارڻ معلوم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي هجي. هن مهل مان به ان ڪيفيت ۾ آهيان.

                 هونءَ ته لکڻ جي لاءِ موضوعن جي ڪا به اڻاٺ ڪونهي. اسان جو ملڪ جنهن سياسي موڙ تان گذري رهيو آهي، ان جا ڪيترائي پهلو ۽ پاسا لکڻ واري کي ائين سڏين ٿا، جيئن عوامي بازار مان لنگهندڙ ماڻهوءَ کي دڪانن تي بيٺل ملازم سڏيندا آهن. جڏهن ملڪ جا اهي “مقدس ادارا” پنهنجي منهن تان پاڻ نقاب لاهي، پريس ڪانفرنس ڪرڻ پهچي وڃن ۽ جڏهن ملڪ جو سياسي اڳواڻ جرنيلن جي پريس ڪانفرنس کي شرمناڪ پريس ڪانفرنس ڪوٺيندو هجي ۽ اهو ملڪ به پاڪستان جهڙو ملڪ هجي ته پوءِ لکڻ جي لاءِ موضوعن جي اڻاٺ جو ته سوال ئي پيدا نه ٿو ٿئي. جڏهن ملڪ جي حساس ادارن جا تذڪرا سوشل ميڊيا کان وٺي سرڪاري ميڊيا تائين بوريت واري بحث جي صورت اختيار ڪندا وڃن. جڏهن اسلام آباد طرف ويندڙ “حقيقي لانگ مارچ” ۾ لاش ڪرڻ جون خبرون ٺڪاءَ ڏئي ڦاٽنديون هجن. ان وقت “حقيقي لانگ مارچ” جي حوالي سان لکڻ جي ابتدا انهن لفظن سان به ته ڪري سگهجي ٿي ته: ڇا اڳوڻو لانگ مارچ “غير حقيقي” هو؟ جو هن لانگ مارچ جو نالو “حقيقي لانگ مارچ” رکيو ويو آهي؟

پاڪستان جي سياست جهڙي طرح پردن مان نڪري رهي آهي، ان جو ڏوهه يا ثواب جيڪڏهن پي ٽي آءِ کي نه ته پوءِ ڪنهن کي ڏئي سگهجي ٿو؟ ڇو ته هن مهل جهڙي طرح انگريزيءَ جي خوشبو واري اردوءَ ۾ سونهري وارن واريون ناريون صحافين کي سوالن جا جواب ائين ڏين، جيئن سنڌ ۾ ڪنهن دور دوران سنجيده سياسي پارٽين جا جونيئر ڪارڪن ڏيندي چوندا هئا ته “ڏسو! اصل مسئلو اسان جي ذات جو ناهي. اصل مسئلو اسان جي معاشري، اسان جي قوم ۽ اسان جي ملڪ جو آهي. اسان کي پنهنجي ايندڙ نسلن جي لاءِ هڪ محفوظ ملڪ قائم ڪرڻو آهي ۽ اهو اسان جو شعوري فرض آهي” اهڙا ٻولي ۽ پنهنجا ڳتيل وار کولي تحريڪ انصاف جو جهنڊو لهرائي لهرائي رستي تي گاهه مٿان ستل نارين جون وڊيو ڪلپس ڇا ٿيون ثابت ڪن؟

“جاگ اٺا هي سارا وطن ساٿيو

ساٿيو……مجاهدو……..!!”

پر افسوس ته اهي اهڙا ترانا صرف ۽ صرف اقتدار جي حوالي سان هنيا ٿا وڃن. ڇو ته جيستائين منشور جو سوال آهي ته منشور ڀلي ڪاغذ تي لکيل هجي يا پريس بريفنگ ۾ پڙهيل هجي، اهو ڪڏهن به ڪنهن پارٽيءَ پاران عمل ۾ ايندو نه ڏٺو ويو آهي. اسان جي گهٽيءَ ۾ ايندڙ هڪ پوڙهو پوسٽ مين، ڪڏهن ڪڏهن منهنجي گهر جو ڪڙو به کڙڪائيندو آهي. هو جيڪو هاڻي رٽائرمينٽ جي ويجهو آهي. هن جنهن ماڻهن کي سموري عمر ڏکن ۽ سکن جا پيغام پهچايا آهن. هو جيڪو اخبار پڙهڻ يا ڪتاب پڙهڻ بدران ماڻهن جا چهرا پڙهڻ جي بخوبي ڄاڻ رکندو آهي. هو جيڪو تمام گهڻي تجربي سبب خط کولڻ کان سواءِ صرف لفافو ڏسي اهو ٻڌائي سگهي ٿو ته اندر ڇا لکيل ٿي سگهي ٿو. اهو جڏهن منهنجي دروازي تي ايندو آهي، تڏهن ڪجهه پل ترسي مون سان “رتيءَ جي رهاڻ” ضرور ڪندو آهي. هو نيڪ ۽ نهايت اصول پرست انسان مون کي اردوءَ ۾ چوندو آهي ته “آپ لکني پڙهني والي هين. آپ بتائين معاشره ڪهان جا رها هي؟ ملڪ ڪا ڪيا هوگا؟” هو هن ڀيري آيو ته هن ٻڌايو ته هن جي کاتي ۾ جيڪي پيئڻ جي پاڻيءَ جا پئسا ملندا هئا، اهي به بند ڪيا ويا آهن. هاڻي ڪراچيءَ جي ڪنهن پوسٽ آفيس ۾ سرڪاري پاڻي نه هوندو آهي. ملازمن کي پاڻي پنهنجا پئسا ڀري پيئڻو پوندو آهي. هُن هِن ڀيري اهو به ٻڌايو ته اسان کي اسٽيشنري به نه ٿي ملي. اسان کي ردي ڪاغذ ڪٽي پرچيون ٺاهي ڪم هلائڻو ٿو پوي. اهو چئي هن ٻڌايو ته هو ايندڙ سال رٽائرڊ ٿيڻ وارو آهي. جڏهن هو وڃڻ وارو هو، تڏهن مون کيس ترسائي هن کان پڇا ڪيو ته “آپ ڪي محڪمي ڪا وزير ڪون هي؟” هن کي نالو ياد نه آيو. هن چيو ته “يهي مولانا فضل الرحمان ڪا بيٽا” مولانا فضل الرحمان جو اهو پٽ جنهن جي لاءِ پوري ملڪ ۾ مشهور آهي ته هو دينادستي رشوت جو دوڪان کولي ويٺو آهي. مون ڪجهه سوچي، ڊاڪ بابو کان پڇا ڪئي ته “اوهان جي کاتي جو اڳيون وزير مراد سعيد هو. اهو پوءِ به هن کان ڪجهه بهتر هوندو” هن پنهنجي مک تي تلخ مرڪ آڻيندي چيو ته “اهو فيصلو ڪرڻ تمام مشڪل آهي ته ڪير ڪنهن کان وڌيڪ ڪرپٽ آهي”

اقتدار ۾ اچڻ کان پوءِ جڏهن جماعتن جا منشور “شاديءَ کان اڳ” ڪيل واعدن وانگر وسري وڃن. جڏهن پاور ملڻ کان پوءِ باريش ۽ ڪلين شيو وزير ڪرپشن ۾ مقابلو ڪندڙ هجن ته پوءِ علامه اقبال جو اهو شعر ياد اچڻ ته تمام فطري عمل بڻجي وڃي ٿو ته:

“ايڪ هي صف ۾ کڙي هوگئي محمود و اياز”

جڏهن ته بقول فيض:

“يه ماتم وقت ڪي گهڙي هي”

ها. اها گهڙي واقعي ماتم جي هجڻ گهرجي، جڏهن “اسٽيبلشمينٽ مخالف” يعني (Anti-establishment) ۽ “اسٽيبشمينٽ نواز” يعني (Pro- Establishment) جي ڪرتوتن ۾ به ڪو فرق باقي نه بچي ته اهڙي صورت ۾ اميد جو ڪرڻو ڪٿان اچي؟

اياز لکيو هو ته:

“ها باک ڀليري اچڻي آ

نئه موهن تي جا نچڻي آ”

پر ان مهل اميد بدران دل جي مٿان درد جا ڪارا ڪڪر ڪيهون ڪندا محسوس ٿين ٿا، جڏهن اسان ڏسون ٿا ڪراچيءَ جي هڪ بدبودار ڪالونيءَ ۾ ٻه ڳڀرو ماڻهن جي ميڙ هٿان ڳڀا ٿين ٿا. انهن کي نه صرف قتل ڪيو ويو پر انتهائي سفاڪيءَ سان قتل ڪيو ويو. جهڙي طرح انهن مٿان لٺين جا زيپٽ ٿين ٿا ۽ جهڙي طرح انهن کي پٿرن سان سنگسار ڪيو وڃي ٿو ۽ جهڙي ريت انهن کي سيمنيٽ جي بلاڪن سان چٿيو وڃي ٿو. اهو سڀ ڪجهه تمام گهڻو اذيت ڏيندڙ آهي.

ماڻهو لکيل لفظ پوءِ به پڙهي سگهي ٿو پر انهي واقعي جا اهي وڊيوز ڏسندي ايتري پيڙا محسوس ٿئي ٿي، جيتري پيڙا بيان ڪرڻ لاءِ شايد مون جهڙي ليکڪ کي به مناسب لفظ هٿ نه اچن. جيڪڏهن اهي ٻئي نوجوان غيرسنڌي هجن ها، تڏهن به اسان کي تمام گهڻي تڪليف پهچي ها. ڇو ته اسان جي هٿن مشال خان جي حوالي سان به درد جا نوحا لکيا. اسان جي قلم سريلنڪا جي شهريءَ جي وحشي قتل تي به تمام گهڻو احتجاج ڪيو هو. پر اها حقيقت آهي ته جڏهن ڪو پنهنجو مري ٿو، تڏهن درد جي ڪيفيت ڪجهه ٻي هجي ٿي. هن مهل اسان جي دل جي درد جو رنگ ڪجهه ٻيو آهي.

اسان ڪو فتنو ڪو فساد نه ٿا چاهيون. اسان صرف انصاف ٿا چاهيون. پر حقيقت آهي ته اسان جي نوجوانن جان بچائڻ جي لاءِ جنهن ٻوليءَ ۾ دانهون ڪيون هيون، اها ٻولي انهن جي مادري ٻولي هئي ۽ اها ٻولي سنڌي هئي. اها سنڌي ٻولي جنهن ۾ وحشت ۽ نفرت جا جذبا جاڳائڻ وارا لفظ تلاش ڪرڻ سان به مشڪل ملن. امن پسندي ته هن جديد دنيا ۾ به هڪ وڏو گڻ ليکيو وڃي ٿو پر جڏهن اهو گڻ اسان لاءِ جياپي جا رستا بند ڪرڻ لڳي ٿو ته اسان کي پنهنجا گڻ به اوگڻ، اسان کي پنهنجيون خوبيون به خاميون محسوس ٿين ٿيون. ان ڪري اهو تمام مشڪل مرحلو آهي. هيءَ گهڙي سنڌين جي لاءِ درد جي گهنگهور گهڙي آهي. هن گهڙيءَ ۾ اسان هڪ اهڙي اذيت مان گذري رهيا آهيون، جنهن اذيت مان اهو ڊاڪٽر گذري، جنهن آڏو هڪ پنهنجي ۽ پياري جو لاش رکيو وڃي ۽ هن کي چيو وڃي ته هن جو پوسٽ مارٽم ڪري ٻڌاءِ ته هو ڪهڙي ڪارڻ ڪري مئو؟

اسان صحافي آهيون. اسان صرف صحافي نه پر سياسي ذهن رکڻ وارا فرد آهيون. جڏهن به سياسي ميدان مٿان ڪو ميڙو مچندو آهي ته اسان ۾ به هڪ رنگ رچندو آهي. اهو منظر اسان لاءِ به پرڪشش آهي. لکين نه ته هزارين کي ئي سهي پر حڪومت ۽ حڪومت جي حڪومت خلاف نعرا هڻندڙ خلق جو ملڪ جي گاديءَ واري شهر طرف مارچ ۽ ان مارچ جي هلندي عمران خان جو اوچتو غيبات وانگر گم ٿي وڃڻ ۽ حڪمرانن طرفان اها حقيقت مڃڻ ته عمران خان اتي موجود آهي، جتي “گل مڪدي اي”. اها سڀ سياسي راند اسان لاءِ ڪرڪيٽ يا فٽ بال جي ميچ کان وڌيڪ موهيندڙ آهي. پر جڏهن ٻچن جا چچريل لاش ڀر ۾ پيل هجن ۽ موبائل فون جي اسڪرين آف ڪرڻ جي باوجود به جڏهن ذهن ۾ اهي منظر ڦرندا رهن ته ڪهڙي عمر ۽ ڪيتري قد واري شخص اسان جي ڇوڪرن جي لاشن مٿان لٺيون ٿي وسايون ۽ انهن جا اهي مٿا پئي پٿرن ۽ بلاڪن سان چچريا، جن کي انهن جي مائرن محبت مان ويهاريو هو. تڏهن هڪ سور جي ٽاٽ وجود کي وڍيندي ويندي محسوس ٿئي ٿي. تڏهن اهو لڳي ٿو ته اسان شهر ۾ ته ڇا پر ڪنهن جهنگ ۾ به نه ٿا رهون. ڇو ته جهنگ ۾ به پنهنجي انداز وارو امن هوندو آهي. اسان رهزنيءَ جي هڪ اهڙي راهه جا ڪٺل ۽ قتل ٿيل مسافر آهيون، جنهن جي منزل به اسان کي معلوم ناهي. اسان پوري پڪ سان چئي نه ٿا سگهون ته اسان جنهن ڪٺن راهه تان گذري رهيا آهيون، ان جي آخر ۾ اسان کي محفوظ معاشري جي منزل ملندي يا اهو مقتل ملندو، جنهن مقتل مان آفريڪا جي هڪ ملڪ جا ماڻهو گذريا هئا. اسان ته هاڻي به رت جي کڏن ۽ کوٻن مان گذري رهيا آهيون ۽ ان خوف سان گذري رهيا آهيون ته ڪٿي اسان کي به روانڊا واسين وانگر رت جو سمنڊ نه جهاڳڻو پوي.

جڏهن انسان جي ڪيفيت اهڙي هجي، تڏهن اقتداري ڪرڪيٽ طرف ڪير ڌيان ڌري؟ شايد اهڙي دک لاءِ گوتم ٻڌ چيو هو “سروم دکم دکم”