موت ميندي کيت جا

0
155
موت ميندي کيت جا

 اکين اڳيان هڪ پردو کلي ٿو، ماڻھن جو هڪ وڏو انبوهه شهر جي محلي ۾ ٻن نوجوانن کي پٿر ۽ لٺيون وسائي کين بيدردي سان قتل ڪري رهيو آھي. پاسي ۾ پوليس به بيٺل آھي، جيڪا خاموش اهو سڀ ڪجھه ڏسندي رهي ٿي، ايستائين جو هو ٻئي نوجوان تشدد ۾ دم ڏيئي ٿا وڃن ۽ سندن مرڻ کان پوءِ اتي بيٺل هڪ گاڏي به باهه جي نظرٿي وڃي ٿي. گاڏي جي سڙيل رک ۾ ڀيانڪ تباهي جا آثار ويتر چٽا ٿي وڃن ٿا.

الائي ڪٿ آ سفر  اسان جو،

ڪٿان ڪٿان مٽي ٿا وڃون،

وقت زندگي، ڏکيو ٿو گذري،

ڏکيو وقت به ڪٽي ٿا وڃون.

                 هونئن ته هي دور انساني ترقي جي عروج جو دور ليکيو وڃي ٿو، پر اسان وٽ اڄ به ترقي جي دور ۾، بدترين تباهي لامارا ڏئي رهي آھي. اسان سڀ اهڙي صورتحال۾ چپ ڀيڪوڙي پنهنجي موت جي واري جو خاموشي سان انتظار ڪري رهيا آھيون، بيگناهه انسانن جو اهڙو بدترين ۽ هانءُ ڏاريندڙ موت منظر جو پردو هر ويلي ذهن ٿي کلي ٿو ۽ ڊھي ٿو.

آئون ننڊ مان ڇرڪ ڀري اٿي ٿو پوان،گهڙيال جي ٽڪ ٽڪ.. ڏسان ٿو صبوح جا ڇھه وڳا آھن،آئون وانڍ کان ٿورو ٻاهر نڪري ٿو وڃان، انب، نم ۽ ٻين ڪيترن ئي وڻن سان گڏ ميندي  lawsonia albaجا وڻ ڏسان ٿو، جن ۾ خوشبو مهڪي رهي آھي، مون کي هڪ احساس زوردار جهٽڪو ڏي ٿو ، جيئن زلزلو عماتن کي جهٽڪو ڏيندو آھي، خيال ڊوڙي ٿو، شايد هاڻي اسان جي نسل جا ٿورا جوڙا ميندي هٿن تي هڻي سگهن، ڇاڪاڻ ته اسان هڪ قاتل دور مان گذري رهيا آھيون. ورهاڱي جهڙي خوفناڪ دور جيان جنهن دور ۾ ايندڙ ويندڙ ريل گاڏيون لاش کڻي ٿي آيون، ورهاڱي کان وٺي هيل تائين اسان ڪو گهڻو سک نه ڏٺو آھي،آئون هڪ دفعو ماضي ۽ حال جا سارا دکدائڪ منظر ذھن تان هٽائي ميندي جي ٻوٽي کي ڏسڻ ٿو لڳان. اڳي هاري ھر فصل سان گڏ بندن جي ڪنارن کان ميندي پوکيندا هئا، ميندي سياري جي مهڙ ۽ آخر ۾ گل جهليندي آھي، جيڪي ساوا اڇڙا ٿين ٿا، ميندي شادين جي موقعن تي وڌيڪ وڪامندي آھي. ڇاڪاڻ ته ميندي گهوٽ ۽ ڪنوار جي هٿن پيرن تي لڳائي ويندي آھي. شاعري توڙي ڳجهارتن ۾ به ميندي جي ٻوٽي جو ذڪر ان جي خوشبو ۽ محبت جي جذباتي وابستگي سان موجود آھي.

ڦٽڻ لڳي آ ميندي، انبن جهليو آ ٻور،

ڪيسين رهندين دور….

سنڌ ۾ مختلف دور مختلف دردن وارا رهيا آھن، سنڌ ۾ سمن وارو دور خوشين وارو دور ليکيو وڃي ٿو، هنن جي حڪومت سنڌ، ڪڇ، بلوچستان، پنجاب، سوراشٽر تائين هئي. ھي ننڊي کنڊ جا مسلمان راجپوت ليکيا وڃن ٿا. هي سنڌ جا ڏيهي حاڪم هئا، هنن جي حڪمراني 1351ع کان 1523ع تائين رهي. هو پاڻ کي ڄام جي لقب سان سڏائيندا هئا. هنن جي گادي جو هنڌ ٺٽو هو، جيڪو ڄام ننگر سڏبو هو، سمن جو آخري حڪمران ڄام نندو هو جيڪو 1508ع ڌاري وفات ڪري ويو.سمن جي دور حڪومت ۾ بج اقتدار خاطر رساڪشي رهي، ليڪن پوءِ به گهڻي قدر امن ۽ شانتي هئي. ڄام نظام الدين طنبيلي ۾ وڃي سندس گهوڙن جي پٺي تي هٿ ڦيري چوندو هو ته شال اهڙو ڏينهن نه اچي جو توهان تي چڙھي ڪنهن جنگي ميدان ۾ وڃان.

سنڌ تي سومرن جو دور1000ع کان 1350ع تائين ٻڌايو وڃي ٿو. هنن جي دور جي آخر ۾ دهلي جي حاڪمن طرفان گجرن ۽ خلجين پاران مٿن حملا ڪيا ويندا هئا.. دودي سومري تي دهلي جي حاڪمن جي لشڪر ڪشي، ان ڳالھه جو ثبوت آھي ته سومرن جي دور ۾ به ٻاهرين هٿ چراند موجود هئي.

ارغونن ۽ ترخانن جو دور سنڌ تي عذاب وارو دور رهيو هو. ڪلهوڙا 1700ع ڌاري سنڌ جا حڪمران بڻيا. ڪلهوڙا سنڌ جي اصلوڪي قبيلي جا ماڻھو هئا، هنن جي 80 سالا دور حڪومت ۾ ٻاھرين حملي آورن جا خطرناڪ حملا ٿيندا رهيا. مغل ڪمانڊر عبدالرحيم خان خانان ميان آدم شاهه ڪلهوڙي کان دعا وٺڻ آيو، ٿوري ئي وقت کان پوءِ مغلن ڪلهوڙن سان اچي جنگ جوٽي. هو ميان صاحب کي ملتان کڻي ويا جتي کيس ڦاسي ڏنائون. تاريخ هن دور کي سونهري دور ٿي لکي، ليڪن سراسري طرح ڏٺو وڃي ته ڪلهوڙن وارو دور به مغل حاڪمن جي زيراثر هئڻ ڪري ڪو، گهڻو شانتي وارو دور نه هو،

ٽالپرن وارو دور 1783ع کان 1843ع تائين رهيو. ٽالپر ويڙھاڪ قبيلو هئا، هنن جي دور حڪومت ۾ سنڌ ۾ ٽيويھه مضبوط قلعا هئا، جن ۾ بکر، امام ڳڙھ، شڪارپور، ڪنڌ ڪوٽ، فتح ياسين ڪوٽ، لاڙڪاڻو، خدا آباد، رني ڪوٽ، حيدرآباد، عمر ڪوٽ، سڪرنڊ، اسلام ڳڙھ، فتح ڪوٽ، نئون ڪوٽ، منهوڙو ۽ ڪوٽڏيجي مشھور هئا. ٽالپرن جي هڪٻئي سان گهڻي نه پوندي هئي، جنهن ڪري ٿوري ئي وقت ۾ انگريز سنڌ تي قابض ٿي ويا ۽ سنڌ جي قديمي رهاڪن کان سندن حڪمراني جو حق کسجي ويو. انگريزن جيتوڻيڪ سنڌ ۾ تعمير ۽ ترقي جو ڪم شروع ڪيو، ڪافي نون کاتن جو بنياد  رکيو، پر انگريزن آزاد پسند مجاهدن کي چٿڻ ۾ ڪا به ڪسر نه ڇڏي، پير سائين پاڳاري کان ويندي هيمون ڪالاڻي تائين ڪيترن ئي آزادي پسندن کي بغاوت جي نالي ۾ بيگناهه ڦاسي تي لٽڪايو ويو.

ورهاڱي وقت آزادي جي هڪ نئيم آس عوام جي دلين ۾ ڌڙڪڻ لڳي، قوم ترقي ۽ تعمير جا خواب ڏٺا هئا، ليڪن اهي خواب اڌورا رهجي ويا. طاقتور قومن ڪمزور قومن جو استحصال جاري رکيو، جيڪو اڄ ڏينهن تائين به جاري آھي. ڪنهن به ڪمزور قوم جي زوال جا سبب قومي ٻڌي ۽ باهمي تعلقاتن جو ٽٽڻ آھي. گڏوگڏ زندگي گذارڻ جا قدر بهتر نه هجڻ به هوندا آھن. قدر values ماڻھن جي پسمنظر، تجربن ۽ ذاتي شعور جي ترقي مان اسرن ٿا، قدر به وڌن ويجهن ٿا ۽ تبديل ٿين ٿا، اسان جي زندگي جا قدر ڪيئن آھن؟ اهو دکدائڪ داستان آھي. آئون تاريخ ۾ جهاتي پائي اکيون کوليان ٿو ته گهاٽن وڻن مان صبوح جو سج اڀري ٿو اچي. اکين اڳيان هڪ ٻيو پردو کلي ٿو وڃي، آئون آئنده جا سارا وهم ۽ وسوسا کڻي پوئين پيرين موٽڻ ٿو لڳان.