زندان جي جهروڪن مان

چميا چنڊ گلاب!

روايتي صبح جو سج اڀري زندان ۾ مرڪڻ لڳي ٿو. ڏهين وڳي ڌاري ملاقات جي پرچي اچي ٿي، جتي منهنجو ڪزن فيضان علي ڇلگري پوليس جي وردي ۾ مون کي نظر اچي ٿو. هو ڏاڍو Handsome لڳي رهيو هو. هو ميرپورخاص مان مون کي عيد جو سامان وغيره ڏيڻ لاءِ آيو هو. هو هڪ ڏينهن پهريان به آيو هو پر اسان رڳو 10 منٽ ملاقات ڪئي هئي ڇو جو ملاقات جو وقت ختم ٿي چڪو هو. فيضان منهنجي اکين ۾ اکيون وجهي چوي ٿو ته تون بي فڪر رهه، اسين تولاءِ رت جي آخري ڦڙي تائين وڙهنداسين ۽ مسلسل ڪوشش ڪنداسين. پنهنجي چهري تي هلڪي مرڪ وکيري پڇي ٿو اداس ته ناهين! وڏو ٽهڪ ڏئي جواب ڏيانس ٿو ته جنهن جا تو ۽ اسد جهڙا ڀائر هجن اهو ڀلا ڪنهن به ميدان ۽ زندان ۾ ڪيئن ٿو اداس رهي سگهي! ياد هجي ته فيضان ڇلگري سنڌ جي مشهور وڪيل، ليکڪ، اديب، شاعر ۽ ڏاهي ديدار حسين بلوچ جو ننڍو فرزند آهي.

جيتر هئي جيئري ورچي نه ويٺي

وڃي ڀونءِ پيٺي، ساريندي کي سڄڻين

ڀٽائي صاحب جو مٿيون بيت سنڌي ادب جي بي لوث هيرو ديدار حسين بلوچ جي ذات سان سندس عملي ۽ ادبي خدمتن جي سلسلي ۾ ايتري قدر مناسبت رکندڙ ۽ صحيح ترجماني ڪندڙ آهي جنهن کانپوءِ ڪو به علم دوست ۽ ادب شناس انڪار نه ٿو ڪري سگهي. چاچا ديدار ننڍپڻ کان ئي حياتي جي آخري گهڙي تائين هڪ سڄاڻ پورهيت جي حيثيت ۾ لڳاتار علم ۽ ادب جي اونداهين دلين توڙي اڻڄاڻ معصوم ذهنن کي زندگي جو ڪو نه ڪو نڪتو ۽ ڪا نه ڪا راهه ڏيکاريندا ئي رهيا. اهڙي ريت حياتي جي هر منزل تي ڪڏهن به سندس ادبي پورهئي سان پيار واري مقدس جذبي ۾ نڪي ته ڪا ماٺار آئي ۽ نه وري سندس قلم ڪٿي ڪنهن منزل تي ٿڪجي بيهي رهيو. هن هر ظلم ۽ ويڌن خلاف قلم کڻي ظالمن کي ڏڪائي ڇڏيو. ڪڏهن هرڻن جي حال تي ٿو لکي ته ڪڏهن وري ڪارونجهر جي مورن جا سور هن ريت ٿو لکي ته:

ڪارونجهر جي ڪور تي مور ڪئي دانهن

دل ۾ ٿو چوان، ماريءَ مور ماريو.

هو حسن کي سجدا ڪرڻ جي ڳالهه ٿو ڪري. ۽ دنيا جي ڪنڊ ڪنڊ ۾ وڃي سنڌين جا حال ٿو اوري. جيئن انڊيا رڳو ماسٽر چندر صاحب جو قرب ۽ نرگس جو پيارو حسن هن کي پاڻ ڏي ڇڪي ٿو ۽ چاچو ديدار صاحب سنجي دت ۽ سنيل دت جي مهماني به کائي ٿو. سندس شاعري جو مجموعو “يادون درد ۽ وڇوڙا” جڏهن مون پهريون ڀيرو قيد ۾ پڙهيو هو ته آئون توهان کي ٻڌائي نٿو سگهان ته مون تي ڪهڙي ڪيفيت طاري ٿي وئي هئي. ۽ آئون دل ۾ چوڻ لڳس ته اسان جي خاندان ۾ وري ٻيهر ڪو به ديدار ڇلگري (بلوچ) ڪو نه پيدا ٿيندو. ۽ نه ئي ڪو پهريان ان کان وري ٿيو آهي. (جاري)

آصف غلام رسول ڇلگري/سينٽرل جيل حيدرآباد

گورنمينٽ بوائز پرائمري اسڪول صديق محمد شيخ جا مسئلا حل ڪريو!

ڳوٺ صديق محمد شيخ تعلقي لطيف آباد، ضلعي حيدرآباد جي هن اسڪول ۾ تقريبن ڏيڍ سئو کان به وڌيڪ شاگرد تعليم حاصل ڪري رهيا آهن، پر افسوس جو هتي هڪ ئي استاد مقرر ٿيل آهي. جيڪو پڻ اردو اسپيڪر آهي جڏهن ته هن ڳوٺ جا سڀئي ٻار مادري زبان سنڌي ڳالهائيندڙ آهن. استاد اڪثر غير حاضر رهي ٿو. هو صبح جو تقريبن 10 کان 11 بجي اسڪول پهچي ٿو ۽ 12 بجي موڪل ڪري هليو ٿو وڃي. هتي ٻارن جي اڪثريت آهي جنهن سبب هڪ استاد هنن کي پڙهائي نٿو سگهي. اهو استاد به هفتي ۾ هڪ يا ٻه ڀيرا پنهنجي ڊيوٽي صرف هڪ کان ٻه ڪلاڪ سرانجام ڏئي ٿو. استاد اردو ڳالهائيندڙ هجڻ ڪري اڪثر ٻار هن جي زبان به نٿا سمجهي سگهن. جڏهن ته اسڪول ۾ سنڌي ميڊيم جو سليبس هجڻ ڪري معصوم شاگردن کي مشڪلاتن کي منهن ڏيڻو ٿو پوي. ڊي سي حيدرآباد، ڊي اي او حيدرآباد ۽ ٽي اي او لطيف آباد کي گهرجي ته گورنمينٽ بوائز پرائمري اسڪول صديق محمد شيخ سيمس ڪوڊ (403030155)کي هڪ سنڌي پڙهائيندڙ استاد پڻ مقرر ڪري  ڏنو وڃي. جيڪو شاگردن کي سنڌي سبجيڪٽ باآساني پڙهائي سگهي. جڏهن ته اردو ڳالهائيندڙ استاد کي ڊيوٽي جو پابند بڻائي انگلش ۽ اردو سبجيڪٽس پڙهائڻ جو پابند ڪيو وڃي. ڳوٺاڻن مطابق سندن معصوم ٻارڙن جو مستقبل داءُ تي لڳڻ کان بچايو وڃي. ڳوٺاڻن وزير اعلي سنڌ توڙي هتي جي چونڊيل نمائندن کان مطالبو ڪندي چيو آهي ته گورنمينٽ بوائز پرائمري اسڪول صديق محمد شيخ جا سڀئي مسئلا جلد کان جلد حل ڪيا وڃن.

سيد علي رضا شاهه/ ٻيلو سجاول

پاڪستان ۾ پسند جي شادي ڪرڻ ڏوھ آهي ڇا

اسان جي ملڪ ۾ ٻه قانون آهن. پاڪستان جي قانون مطابق ستار مهر ۽ شڪور ي شادي ڪئي آهي پوءِ تڪ علائقي جا ڀوتار وڏيرا  سردار ستار مهر ۽ شڪور مهر کي تنگ ڪري رهيا آهن. امير لاءِ هڪ غريب لاءِ ٻيو قانون آهي گذريل ڪيترن ئي سالن کان پسند جون شاديون ڪندڙ جوڙا دربدري واري زندگي گذاري رهيا آهن. اڪثراسان جي معاشري ۾ ڪو ماڻهو پسند جي شادي ڪندو آهي ته علائقي جا ظالم وڏيرا ڀوتار تنگ ڪندا آهن. ڇا پاڪستان ۾پسند جي شادي ڪرڻ ڏوھ آهي؟ آئون سپريم ڪورٽ آف پاڪستان وس وارن اعلي اختيارين کي اپيل ڪندس پسند جي شادي ڪندڙ سمورن جوڙن سان انصاف ڪيو وڃي.

سمير احمد بروهي/ واهي پانڌي

سنڌ مان جهالت کي ختم ڪريو

 جهالت هڪ قسم جو ناسور آهي. هن بيماري جي ڪري معاشري ۾ ڪيتريون ئي سماجي برايون جنم وٺن ٿيون. سنڌ ۾ ڪيترائي اهڙا علائقا آهن جتي ماڻهو تعليم نه هجڻ ڪري جهالت واري زندگي گذاري رهيا آهن. جهالت هر بُرائي جي پاڙ آهي. سنڌ ۾ هر ٻئي ڏينهن سماجي ناانصافين ۽ نام نهاد غيرت جي نالي تي قتل جا واقعا ٿي رهيا آهن. ڪڏهن ڪٿي نياڻين کي ڪاري ڪري قتل ڪيو ٿو وڃي ته ڪڏهن معصوم ٻارن کي زيادتي جو نشانو بڻايو ٿو وڃي. اُن کان علاوه ٻيا ڪيترائي واقعا ٿيا آهن. اهي سڀ جهالت جون نشانيون آهن. جنهن جي ڪري هر عام ماڻهوءَ جي زندگيءَ تي ڪافي بُرا اثر ٿيا آهن. جهالت تڏهن ختم ٿيندي جڏهن اسان ۾ شعور ايندو ۽ شعور صرف تعليم سان ئي اچي سگهي ٿو. سنڌ جا ڪيترائي پُٺتي پيل علائقا تعليم جي نه هُجڻ جي ڪري جهالت جهڙي موذي مرض ۾ جَڪڙيل آهن. اسان سنڌ جي وڏي وزير کي گذارش ٿا ڪريون ته سنڌ جي پُٺتي پيل علائقن ۾ تعليم کي يقيني بڻايو وڃي ته جيئن ماڻهن ۾ شعور اچي ڇو جو تعليم ئي اهڙو هٿيار آهي جنهن سان سماج جي هر بيماريءَ کي ختم ڪري سگهجي ٿو ۽ ظلم جو خاتمو آڻي سگهجي ٿو.

سراج عاقلاڻي/ عثمان شاهه هڙي

پاڻي جي قلت کي مُنهن ڏيندڙ بيوس سنڌ…….ٰ

ڏٺو وڃي ته هر ساهه واري شيءِ کي جيئڻ لاءِ جيڪي شيون گهربل هونديون آهن انهن شين ۾ پاڻي سڀ کان اول درجو رکي ٿو. پکي پکڻ، جانورن، ٻوٽن توڻي انسان لاءِ جيڪا اهم ۽ خاص الله پاڪ پاران عطا ڪيل نعمت آهي اهو پاڻي آهي، جيڪو هر ساهه واري شيءِ کي جيارڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري ٿو. پاڻي کان سواءِ هر شيءِ اڌوري ۽ زندگي جو وجود ناممڪن آهي. سنڌ ٻين صوبن جي ڀيٽ ۾ هن وقت پاڻي جي قلت منجهان گذري رهي آهي. هيترو ڪجهه وفاق کي ڏيڻ باوجود به سنڌ بنجر بڻيل آهي. حڪومتن پاران جيڪي آر او پلانٽ يا ٻيون پاڻي متعلق اسڪيمون ڏنيون ويون اهي صرف ڪاغذي ڪارروائي هيون. انهن ترقياتي ڪمن ۾ 80 سيڪڙو ڪرپشن ٿيڻ ۽ جعلي ڪم ڪرائڻ جي ڪري اهي اسڪيمون هن وقت ڀوت بنگلا بڻجي چڪيون آهن. زمينن ۾ فصل لاءِ پاڻي نه آهي پاڻي لاءِ هر وجود پريشان آهي. خاص ڪري چولستان ڏانهن هن وقت قيامت جا منظر آهن. شاخون، ڍورا، واهه، درياهه، سازش طور سڪايا ويا ۽ اڄ انهن سازشي گروهن جي سازش عام عوام کي پريشان ڪري ڇڏيو آهي. هن قهر جي گرمي ۾ به پاڻي نه ملڻ ڪري ڪيترائي جاندار موت جو کاڄ بڻجي رهيا آهن، پر سنڌ سان ماٽيلي ماءُ وارو سلوڪ هميشه جيان جاري آهي. ڪير به پوئواري ڪرڻ جي لاءِ تيار نه آهي. عوام سراپا احتجاج بڻيل آهي پر ڪامورن جون اکيون بند آهن. زميندار هاري، مزدور توڻي جو هر طبقو پاڻي لاءِ اداس آهي پر حڪمرانن کي پاڻ ۾ وڙهڻ کانسواءِ ٻيو ڪو به ڪم ناهي. پر عوام آخري اسٽيج تي اچي چڪو آهي. لاڳاپيل ادارن کي گذارش ٿي ڪجي ته سنڌ واسين کي پنهنجا حق فراهم ڪيا وڃن ڇو ته سنڌ واسي به پاڪستان جو حصو آهن.

عبدالغني “عبد  “آريسر/ ڍورونارو

سنڌ ۾ مسلسل پاڻي جو بحران

گذريل ڪجهه سالن کان سنڌ ۾ پاڻي جي کوٽ سبب سنڌ جا غريب مسڪين آبادگار شديد پريشا ني جو شڪار آهن. گذريل سال پاڻي جي کوٽ سبب  مسڪين  ھارين جا لکين روپين جا ٻج تباھ و برباد ٿي ويا، ڪٿي  پاڻي جي بحران سبب ھارين پنهنجا قيمتي ٻج ڪٽي مال کي کارا ئي  ڇڏيا هئا ته ڪٿي  مال پڻ پاڻي جي بحران سبب تڙپي تڙپي مري رھيو ھو. مطلب ته سنڌ ۾ پاڻي جي کوٽ ڏينھون ڏينهن  وڌندي پئي وڃي. سنڌ ۾ 70 سيڪڙو پاڻي تي آبادي  ڪندڙ ھاري آبادگار دانھون ڪوڪون ڪندا رھيا پر سنڌ حڪومت پنهنجي چھري تان نقاب نه لاٿو. سنڌ حڪومت لاپرواھي جو مظاهرو ڪندي سنڌ جي پاڻي کان لاتعلقي اختيار ڪري ڇڏي. آبادگارن جو چوڻ آهي ته ppp حڪومت ڪا به اھڙي حڪمت عملي نه جوڙي سگهي آهي جنهن سان انساني زندگي کي ڪو لاڀ حاصل ٿيو ھجي. سنڌ ۾ ھرروز ن ڄاڻ ڪيتري قسمن جون برايون جنم  پيون وٺن حڪومت انهن تي اڃا تائين ڪو ضابطو آڻي نه سگهي آهي. سنڌ ۾ نه صحت جو نظام چڱو ۽ نه وري تعليمي نظام  ڀڙآهي.  پاڻي جي کوٽ ڪري آباد گار پاڻي جا وارا ٺاھي زمينون آباد ڪندا آھن ۽ وقت تي پاڻي نه ملڻ ڪري الا ئي ڪيترا جھيڙا ٿيندا آهن جن جي نتيجي ۾ ڪيترائي ھاري اجل جو شڪار ٿي ويندا آهن. انهن ھارين جي موت جو ذميوار ڪير آهي؟ ڇا سنڌ حڪومت انھن فسادن کي روڪڻ لاءِ ڪي اپاءُ ورتا آهن؟ ڇا سنڌ حڪومت لکين آبادگارن کي پاڻي رسائڻ لاءِ ڪي قدم کنيا؟ اھو اوھان ڪڏهن به نه ڏٺو ھوندو ته اسان جي سياسي ليڊرن سنڌ جي بنيادي حقن لاءِ ڪو عمل ڪيو ھجي. پوءِ کڻي اھو مسئلو  صحت، صفائي تعليم يا پاڻي جو ڇو نه ھجي. سنڌ جا آبادگار پاڻي لاءِ پريشان آھن سندن حاجت پوري ڪئي وڃي ته جيئن ڌرتي کي سرسبز بنائي سگهن.

امتياز ملاح/ دادو

سنڌ تي به هڪ نظر وجهو

سنڌي ۾ چوڻي آهي ته ھڪ ڏٻـــري ٻيو ڏک به گھڻا. سنڌ اڳ ۾ بک، بدحالي، بيروزگاري ۽ مھانگائي کي منهن ڏئي رهي آهي، مٿان وري پاڻي بند ڪري سنڌ جي عوام کي ويتر پريشاني ۾ وجهي ڇڏيو آهي. پاڻي جي بحران پورھيتن کي مٿي تي ھٿ ڏياري ڇڏيا آهن. سندن فصل سڙي رھيا آهن. ڍور اڃ مري رھيا  آهن. عوام کي مصيبت مان ڪڍڻ جي لاءِ حڪومت کي گهرجي ته پاڻي جي بحران  جو تڪڙو حل ڪڍي پوھيتن کي پريشاني مان ڪڍيو وڃي.

اسلام الدين ميتلو / گاھي خان ميتلو

هڪ سوال گھوٽڪي جي وسيلن جو

ھونئن ته اسان جي ملڪ پاڪستان ۾ صوبو سنڌ سڀ کان وڌيڪ ٽئڪس ڏئي ٿو، پر جڏھن وري سنڌ تي نظر ڦيرائي ڏسندا سين ته سنڌ ۾ وري ڪراچي کان پوءِ گھوٽڪي ضلعو ٻئي نمبر تي آھي. موٽ ۾ وري گھوٽڪي سان جيڪا ويڌن حڪمرانن ۽ سرمائيداراڻي نظام ڪئي آھي ان تي بس ماتم ئي ڪري سگھجي ٿو! پوءِ چاھي اھو تعليم کاتو ھجي يا صحت، زراعت، آبپاشي يا کڻي ڪھڙي به شعبي جي ڳالھ ڪجي ھر طرف تباھي ئي تباھي نظر ايندي. اسان جي تڪن جا چونڊيل نمائندا ته رڳو اليڪشن جي ڏينھن ۾ ئي عوام کي اھڙا سونھري خواب ڏيکارڻ ايندا آهن جو اجھو ٿي سندن قسمت بدلجي پر وري اليڪشن کٽڻ کان پوءِ ڳوليا نه لڀندا. تازو ئي خانپورمهر جي شيخ حمدان بن محمد اسپتال ۾ ايمبولينس سروس ۽ ڊاڪٽر نه هجڻ ڪري لاشاري برادري جو نوجوان بجلي جو ڪرنٽ لڳڻ سبب حياتي جي جنگ ھارائي ويٺو. ٻڌايو وڃي ته سندس موت جو ذميوار ڪنھن کي قرار ڏجي؟ سنڌ حڪومت کي يا تڪ جا چونڊيل نمائندا؟؟ يا اڃا ٻين ڪيترن انسانن کي قرباني ڏيڻي پوندي سنڌ حڪومت کي سجاڳ ڪرڻ لاءِ؟ وري پوليس جي ڳالھه ڪجي ته قصو ئي الٽو ٿي ويندو. ڪجھج ئي ڏينھن ۾ لڳاتار خانپور مهر شھر مان پنجن کان ست چوري جون وارداتون ٿيون آھن. پوليس جي مبينا نرمي سبب چور به سرگرم آھن. سو پڇڻو اھو ھو ته تڪ جا چونڊيل نمائندا يا سنڌ سرڪار ڪڏھن سجاڳ ٿيندي ته عوام ڪو سک جو ساھ کڻي؟

محمد الهيار شر

منشيات يا موت

ٽنڊو محمد خان ضلعي ۽ ان جي ڀر پاسي ۾ منشيات جي بدمست راڪاس ڪيترائي گهر اجاڙي ڇڏيا آهن پر منشيات جي راڪاس کي اڃا تائين ڪو به قابو ڪري نه سگھيو آهي. بدقسمتي اھا آھي جو جن کي منشيات روڪڻ گھرجي انهن ئي عوام کي موت جو سامان مھيا ڪرڻ جي کليل ڇوٽ ڏئي ڇڏي آهي. منشيات ھونئن ته ڪيترين ئي قسمن جي ٿيندي آهي اھو اوھان به چڱي ريت ڄاڻو ٿا. ڪجهه سال اڳ ٽنڊومحمدخان ۾ زھريلو ڪچو شراب واپرائڻ سبب سوين انساني جانيون ضايع ٿي ويون هيون. ڪجهه وقت جي ٺاپر کانپوءِ ساڳي ماني ساڳ سان. مين پڙي، گھٽڪي، سفينا به ڪيترين ئي مائرن جون ھنجون خالي ڪري ڇڏيون ۽ ھاڻي به ڪيترائي واھپيدار بيوس لاچار بستري ڀيڙا ٿيل آهن پر مجال آهي جو منشيات بند ٿي سگهي ! 2 سال اڳ ٽنڊومحمدخان  شھر جي پير محلا جو رھواسي ڳڀرو نوجوان پير سمير جان سرھندي کي ھڪ منشيات فروش ھن کي گوليون ھڻي قتل ڪري ڇڏيو پر پوءِ به منشيات بند نه ٿي. تازو عيد ڏھاڙن ۾ آيل وفاقي وزير نويد قمر جي ھدايت تي ڪجهه ڏينهن منشيات جزوي طور بند ٿي پر ھاڻ ٻيھر ان ۾ تيزي اچي وئي آهي. سوال اھو ٿو پيدا ٿئي ته ھيڏا ھاڃا ٿيڻ باوجود ان منشيات جو خاتمون ڇو نٿو اچي؟ ڇا ڪنهن ٻي پير سمير جي بلي جو انتظار آهي يا وري  زھريلي شراب جھڙي واقعي جو انتظار آهي. خدارا ان کان  اڳ ڪو ٻيو واقعو پيش اچي منشيات جو ھنگامي بنيادن تي خاتمو آندو وڃي !

محمد اسلم سمون / ٽنڊومحمدخان

 بورڊ جي امتحان جو اکين ڏٺو احوال

ڪالهه جيئن ئي نائين ۽ ڏهين ڪلاس جا امتحان شروع ٿيا . جتي ڪٿي ٻڌڻ ۾ پئي آيو ته ڪاپي جي ڌم متل آهي. اهو به ڏٺو ويو ته استاد خود ڪاپي ڪرائڻ ۾ مصروف هئا . انهي مان ڇا ظاهر ٿئي ٿو ته استاد پنهنجي پڙهائي مان پاڻ مطمئن ڪونھن. يا پئسن ڪمائڻ جو ڍنگ آهي، يا قوم سان ڪو  بدلو رهيل آهي. يا صرف پنهنجو سوچين ٿا. جيڪڏهن ائين ناهي ته پوءِ ٻارن کي سڄو سال اسڪول جي نالي تي خوار ڇو ڪيو ويو. هر روز پنج ڇھه ڪلاڪ قيد ڇو ڪيا. ٻارن ڪهڙو ڏوه ڪيو. توهان ته ڪاپي ڪلچر جي خلاف ليڪچر ڏيندا آهيو پوءِ توهان پاڻ عمل ڪونه ٿا ڪريو؟ پوءِ ٻارن مان ڪھڙي اميد رکجي! اهو صرف هن ٻار سان ظلم ڪونھي جنهن کي ڪاپي ڪرايو ٿا بلڪه ٻين جي حقن جي به لتاڙ آھي. جيڪو ٻار سڄو سال پئسو ڪمائڻ جي بجاءِ محنت ڪري پڙھي ٿو ۽ مائٽ پيٽ تي پٿر ٻڌي پنهنجي اولاد پڙهائن ٿا ۽ اهو ٻار جيڪو سڄو سال اسڪول جو منهن به ڪون ڏسي ٻنهي ۾ امتحان جي هال ۾ ڪھڙو فرق. ڇا پوءِ ائين ڪريون سڄو سال پئسو ڪمايون ۽ استادن کي ڏيون ۽ اسان صرف امتحان ڏيون. استاد هڪ گرو آھي استاد ته حق سچ جي واٽ ڏيکاريندڙ آھي. استاد ته زندگي جيئڻ جو طريقو سيکاريندڙ آھي. چوندا آھن استاد پاڻ ته نه پنهنجن شاگردن کي بادشاهه بڻائي سگهي ٿو. دنيا آڻڻ وارا والدين ۽ فرش کان عرش تائين پهچائيندڙ استاد ئي هوندوآهي. استاد ته پيءُ برابر هوندو آھي. ڪبير چيو هو ته جيڪڏهن ڀڳوان ۽ گرو ٻئي گڏ بيهن ته پهرين گرو جي پيرين پوندس ڇو ته ڀڳوان سان ملڻ جو رستو گرو ئي سيکاريو . اسين مڃون ٿا ته اسان پاڻ ڪاپي ڪري امتحان ڏنا اسان کي به اوهان ئي ڪاپيون ڪرايون .

دادو پرمار/ڇاڇرو

بينظير ڀٽو مزدور ڪارڊ جاري ڪرڻ جو اعلان

پ پ پ جڏهن به اقتدار ۾ آئي آهي ته ان ڪوشش ۾ رهي ته ڪوئي اهڙو منصوبو يا پروگرام شروع ڪجي جنهن مان غريب عوام هارين ۽ مزدورن کي فائدو ملي ۽ انهن جي داد رسي ٿئي. ان مقصد لاءِ پ پ پ اقتدار ۾ ايندي ئي بينظير انڪم سپورٽ پروگرام شروع ڪيو جنهن تحت غريب ۽ بيواه عورتن کي ماهانه بنياد تي رقم فراهم ڪئي ويندي هئي ۽ هينئر به اهو پروگرام پهريان جيان جاري آهي. ڳالهه اها آهي ته سنڌ حڪومت طرفان هن وقت بينظير ڀٽو مزدور ڪارڊ جاري ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي جيڪو سنڌ حڪومت جو مزدورن لاءِ بهترين قدم آهي ۽ اهو بينظير مزدور ڪارڊ نالي نئين منصوبي جي شروعات آهي جنهن کي نادرا ۽ سوشل سيڪيورٽي سان سنڌ حڪومت هڪ ارب روپئي جو منصوبو آڻي رهي آهي ۽ اها ڳالهه حڪومت سنڌ طرفان مزدور طبقي لاءِ خوش آئند چئبي. اهو منصوبو پ پ پ جي منشور موجب آهي ڇاڪاڻ ته سنڌ ۾ هن وقت مزدورن جو تمام گهڻو انگ آهي ۽ انهن کي فائدو پهچائڻ لاءِ سمارٽ ڪارڊ جاري ڪيو ويو آهي جنهن ڪري سنڌ پهريون صوبو آهي جتي بينظير مزدور ڪارڊ جاري ڪيو ويندو. سنڌ ۾ پ پ جي حڪومت جي وڌ ۾ وڌ اها ڪوشش آهي ته مزدورن کي وڌ ۾ وڌ فائدو ملي. مزدور جو ڪارڊ اي ٽي ايم ڪارڊ به هوندو تنهن ڪري پهرين مرحلي ۾ رجسٽرڊ 6 لک 25 هزار مزدورن کي اهو ڪارڊ جاري ڪيو ويندو چاهي اهي فيڪٽري مزدور هجن يا ڪهڙي به قسم جي مزدور ڪندا هجن توڙي ڊرائيور، رڪشي وارا ۽ گهريلو ملازم به ڇو نه هجن. جيڪا ڳالهه حڪومت جي ساراهه جوڳي آهي. هن وقت هن خط ذريعي سنڌ حڪومت کي گذارش ڪجي ٿي ته اهي ان بينظير ڀٽو مزدور ڪارڊ جي وصولي مزدورن لاءِ اڃا به وڌيڪ آسان بڻائين.

محمد اسلم ماڪو/ پنوعاقل

پنهنجن پڙهندڙن کي دعوت !

توهان جي ذهن ۾ ڪا سوچ آهي يا  ڪا لوچ آهي، جنهن کي عوام تائين پهچائڻ چاهيو ٿا؟ توهان جي علائقي جا مسئلا آهن جيڪي حل نه ٿا ٿين ۽ توهان اهي مسئلا پنهنجن چونڊيل نمائندن ۽ اقتدار جي ايوانن تائين پهچائڻ چاهيو ٿا ته قلم کڻو،  پنهنجا تاثر ۽ چٺيون اسان ڏانهن اماڻيو اسان توهان جا خيال اقتداري ايوانن تائين پهچائينداسين. پنهنجون لکڻيون مختصر نموني [email protected] تي اي ميل ڪريو يا روزاني پنهنجي اخبار جي هيڊآفيس پلاٽ نمبر D/61 جامي ڪمرشل، اسٽريٽ نمبر 7، فيز 7 ڊي ايچ اي ڪراچي تي پوسٽ وسيلي اماڻيو.

چٺي اماڻڻ لاءِ هدايتون

چٺي مختصر پر جامع نموني لکيل هجڻ گهرجي

اخلاقي ۽ قانوني حدون  اورنگهڻ نه گهرجن

چٺي جي هيٺان پنهنجو نالو ۽ شهر جو نالولکو.

شناختي ڪارڊ جي فوٽو ڪاپي ۽ هڪ عدد فوٽو به اماڻيو.

چٺي جي موضوع سان لاڳاپيل  فوٽو به اماڻي سگهجن ٿا پر اهي اداري جي پاليسي موجب ۽ جاءِ هجڻ جي صورت ۾ لڳايا ويندا.

چٺي رڳو پنهنجي اخبار ڏانهن ئي اماڻي وڃي. ساڳيو مواد ٻين اخبارن ڏانهن اماڻڻ جي صورت ۾ شايع نه ڪيو ويندو.

ادارو چٺي ۾ ايڊيٽنگ جو حق محفوظ رکي ٿو.       ادارو