عمر ڪوٽ ۾ پ پ جي ڊي اي اميدوار تي اعتراض واري ڇڏيو، ڇڪتاڻ، آر او پاران فيصلو محفوظ

0
266
عمر ڪوٽ ۾ پ پ جي

عمرڪوٽ (رپورٽر)مڪاني چونڊن جي حوالي سان سرگرميون آخري مرحلي طرف وڌڻ لڳيون آھن جڏھن ته اڄ جمعي ڏينھن 20 مئي تي فارمن جي ڇنڊڇاڻ ۽ جاچ پڙتال وارو مرحلو مڪمل ٿي ويندو ان سلسلي ۾  آر او آفيس ۾ پ پ پ اميدوار سيد ساجد شاهه ۽ جي ڊي اي اميدوار سنجر مهر وچ ۾ گوشوارا ظاھر نه ڪرڻ واري معاملي تان ڇڪتاڻ پئدا ٿي وئي

تلخ ڪلامي دوران ٻنھي ڌرين ھڪ ٻئي تي الزام ھنيا، يوسي کيجراڙي تي جي ڊي اي طرفان نامزد چئيرمين جي اميدوار غلام محمد مهر ۽ ڪورنگ اميدوار سندس پٽ سنجر مهر جي نامزدگي فارم تي پ پ پ اميدوار سيد ساجد شاهه پاران اعتراض داخل ڪري ملڪيتون ظاهر نه ڪرڻ جي دعوا ڪئي وئي آھي اعتراض کانپوءِ آر او عمرڪوٽ جي ڊي اي اميدوار غلام محمد مهر ۽ سنجر مهر جي فارم تي فيصلو محفوظ ڪري ڇڏيو جڏھن ته جي ڊي اي پاران يوسي کيجراڙي ۾ ضلعي ڪائونسل جي اميدوار علي بابا شاهه جو فارم بحال ڪيو ويو آھي

پ پ پ اميدوار سيد ساجد شاھ ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو ته مخالف اميدوارن جي فارم تي اعتراض ڪرڻ اسانجو حق آهي، جي ڊي اي اميدوار غلام محمد مهر جي پٽ سنجر مهر آر او آفيس ۾ بدڪلامي ڪري جھيڙو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آھي سندن خلاف شڪايتون ۽ ثبوت ڊي آر او، ڊي سي ۽ ايس ايس پي عمرڪوٽ کي ڏنا آھن ھنن خلاف سخت ڪارروائي جو مطالبو ڪريون ٿا. ٻئي طرف جي ڊي اي اڳواڻ سيد علي بابا شاھه چيو ته اسان جي پئنل فارمن تي مخالف اميدوار اعتراض داخل ڪرايا اهو ان جو حق آهي اسان اڄ 20 مئي تي جواب داخل ڪرائينداسين باقي ماحول ڪنهن کي به خراب ڪرڻ نه ڏنو ويندو ٻئي طرف ضلعي جي مختلف سيٽن تي بيٺل اميدوارن جي فارمن جي بحالي جو سلسلو به جاري رھيو